پنهنجي پاران ³

مهاڳ ¾

ٻه اکر ¾

مرتب جي قلم مان ¾

مرتب جي مصنف لاءِ شعر ۾ گواهي ¾

حمد ¾

سيهه حرفي ( حمد ) ¾

حضور جي آمد جو شعر ¾

سينگار سچي سرور جو ¾

ڏهس سينگار ¾

سيهه حرفي سينگار ¾

سرائڪي سينگار ¾

منقبت مولا عليءَ جي شان ۾ ¾

مرشد جيئل شاه جي شان ۾ ¾

سائين حسين شاه جي شان ۾ ¾

سڄڻ سائينءَ جي شان ۾ ¾

شعر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي شان ۾ ¾

سائين محمد صالح شاه تي چيل شعر ¾

سگهڙائپ جا فن ¾

ڳجهارت ڏٺ ¾

ڳجهارت گرچيلو ¾

سچا سخن ¾

هنر جا بيت ¾

فارسيءَ جا بيت ¾

ڪاريگريءَ جا بيت ¾

پهاڪا ¾

آسائتا بيت ¾

آجيان جا بيت ¾

اوطاق جا بيت ¾

گفتي جا گ


پنهنجي پاران


پاڪ ذات آهي پرور جي جو قادر آهي ڪريم لک احسان تنهن لائق جا جنهن مون ناچيز کي هي ڏات ڏئي هن سماج ۾ سُرخرو ڪيو آهي. هي سچ آهي ته رب پاڪ کان طلب ڪرڻ واري طالب جو مطلب پورو ٿيندو آهي. هي جو ڪجهه به حال پريان نال آهي سو سڀ مالڪ جي خصوصي مهرباني آهي. پوءِ ڪنهن تي گهڻي ڪنهن تي ٿوري، مون تي به جا ڪرم نوازي آهي سا پيش آهي. جيئن ته هن سنڌ جي سون ورني زمين تي ڪيئي لعل ٽڪاڻو ڪريا ويا آهن ۽ اسان لاءِ فائدي جي منزل جا رستا کولي ويا آهن جو هينئر به ان راهه جا پانڌيئڙا ڪجهه لعلون لهن ٿا. شابس آهي انهن راهه جي پانڌيئڙن کي جيڪي دل ۾ دماغ جي گهوڙي ڊوڙائي اُن حسن هيرن جي ماڳ تي پهچي اونهي عميق مان لڪل لالون ڳولهي پنهنجي کالي جهولي ڀرن ٿا. هن سڀ کان عشق ۽ محبت جو آهي جنهن جو سهارو وٺي اهڙو ڪم ڪري سگهجي ٿو.


جيئن چوڻي آهي ته ”ڏات ناهي ذات تي جو وهي سو لهي“ مٺا سائين جيئن ته مون شاعريءَ جي شروعات73- 1972ع ۾ ڪئي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب هارين جا هفتا پيو ملهائي، جنهن تي مون لکيو جنهن جو عنوان آهي.

اجھ ملهايو عيد کان وڌ هاريو هفتو هلي،

عوام جو اوهان سرچشم سهڻو ساراهيو ادا ڀلي


ان کان پوءِ 75- 1974ع ۾ مون قمبر جيل ۾ به ڪجهه التجائون لکيون، پوءِ ٿورو ٿورو ماحول تي لکندو رهيس، جيڪو فقير جانڻ چن کي ڏيکاريندو هئس جو سٺو داد ڏيندو هو، ان کان پوءِ 1977ع ۾ سعودي ويس اتي به ڪجهه عرب سردار جي شان ۾ لکيم جو ان مان ڪجهه به سنڀالي نه سگهيم پوءِ جڏهن 1989ع ۾ پاڪستان آيس ته ڏکن ۽ محبوب جي جدائي دل ۽ دماغ کي صبر ڪرڻ نه ڏنو ۽ روئڻ مون لاءِ راحت بڻيو جو ڏک ۽ جدائيءَ جا سهرا لکي ۽ ڳائيندو رهيس پر بغير ڪنهن رهبر جي. پوءِ جهن منهنجي قستم جا پيرا ڪراچيءَ ۾ کوڙيا، اتي مون کي هم خيال ماڻهو مليا جهرو سگهڙ ديدار سيال گهڙ قمر لاڙڪ جن سان مون پنهنجي خيالن جي ڏي و ڪئي ۽ اڪثر ملاقاتيون ٿينديون رهنيون جيئن ته ديدار سيال مون کي قابل سگهڙ نظر آيو اُن جي صحبت ۾ مون سگهڙائپ جا گُرَ هٿ ڪيا جنهن تي داد ملندو هيو ۽ پوءِ ديدار سيال هتان ”ڪراچي مان“ لڏي پنهنجي اباڙي ڳوٺ واپس ويو. ۽ مون وٽ سگهڙن جي آمدرفت جاري رهي جهڙو، محمد ملوڪ عباسي، محمد لقمان کوکر، محمد مٺل جهتيل ۽ محمد ايوب واهوچو جهڙا ڪيترائي ڀلوڙ سگهڙ ايندا رهيا. جيئن ته استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي مون سان گهڻي پريت رهي جن سان گڏجي آءُ T.V تي پروگرام ڪندو رهيس ۽ اتي مون کي ڪراچي جو رهائشي سگهڙ محمد اسماعيل پهوڙ مليو جنهن سان گهڻيون ڪچهريون ٿينديون رهيون ۽ ڪچهرين ۾ هر جاءِ تي سڀ دوست داد ڏيندا هيا. آءُ هنن دوست سگهڙن جي شاعريءَ تي گهڻو ڌيان ڏيندو هئس. جنهن مان مون هڪ ناقص دماغ پرائي هن ڪتاب جي شايع ڪرڻ جي منزل کي پير ڀري پڳو آهيان ۽ ڪک سلامت رهيا ته هن شوق ۾ وڌارو آهي ۽ ڪن ڪتابن لکڻ جي سگهه رب پاڪ ڏني آهي.


ٿورا مَ ٿورا مون تي ماروئڙن جا

جن مهربانن هن ڪتاب کي ڪتابي صورت ڏيڻ لاءِ سهڪار ڪيو تن کي وسارڻ مناسب نه ٿيندو. پهريان ته ڪتاب کي ڇپائڻ جو جنهن خيال ڏياريو سو سگهڙ ديدار سيال آهي ان کانپوءِ منهنجي پياري فرزند ارجمند فقير احمد مدني به آهي اها ڳالهه تسليم ڪئي ۽ ڪوشش ورتي ۽ مڪمل سهڪار ۾ رهيو. ڪتاب جي سهيڙڻ ۾ جان محمد بروهي، عبدالحق دستي ۽ ذوالفقار علي سپيو پڻ مددگار رهيا. باقي ڪتاب جي مڪمل سهيڙڻ ۽ ترتيب ڏيڻ لاءِ مون پنهنجي پياري مٺڙي دوست ۽ لاجواب سهگڙ محمد ايوب واهوو کي لاڙڪاڻي نصير آباد کان گهرايو جنهن پنهنجي محنت ۽ قابليت سان هي ڪتاب مُرتب ڪيو.


سگهڙ

حاجي علي نواز وڳڻ

ڪراچي





مهاڳ


سگهڙ حاجي علي نواز وڳڻ پنهنجي سگهڙ پائي جو خزانو هن ڪتاب ”وڳڻ جا ويچار“ ۾ محفوظ ڪيو آهي. ٻين جنسن سان گڏ خاص طرح ”سينگار شاعري“ ۾ چيل بيت معنيٰ وارا ۽ معياري آهن. سرائيڪي ٻوليءَ ۾ چيل سندس سينگار به ٻولي جي لحاظ سان معياري آهن. سگهڙن جو ساٿ سلامت هوندو ته سنڌي ٻوليءَ جي سرمايي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهندو، ان لاءِ محبت ۽ محنت جي ضرورت آهي. جيئن حاجي علي نواز وڏي محبت سان هي وکرو وهايو آهي ۽ پارکن آڏو پيش ڪيو آهي جيئن نوجوان سگهڙنکي به پنهنجي لياقت وڌائي، سنڌي ٻولي جي ادبي سرمائي ۾ خاص طرح اضافو ڪرڻ گهرجي. سگهڙ ٿيڻ لاءِ قرب ۽ ڪشالي جي ضرورت آهي ۽ ننڍن کي وڏن کان سکڻو آهي.

جي ماسو مليئي مال، ته پونجيارا پُر ٿئين

علامه قاضي چيئر

سنڌ يونيورسٽي 8- جون 2006

مخلص

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

*

املهه انسانن جي قطار ۾ بيٺل حاجي علي نواز وڳڻ

سيد صالح محمد شاهه

سائين!

هن ڪتاب جو ” لوڪ ادب“ ۾، ياد ڪونهي، ته ڪائون نمبر آهي (منهنجو مقصد، ٽي ويءَ تي مختلف نالن سان آيل ڪچهرين ۾) مانائتن سگهڙن پنهنجو ڪلام ڇپايو، تن جو تعداد منهنجي خيال ۾ اٽڪل ويهن ڪتابن سان وڃي لڳو آهي. اها ڳالهه هر سنڌي ٻولي توڙي سنڌين لاءِ ڪو ننڍو فخر ناهي. انهن ڪتابن جو تڪڙو ڇپجڻ ئي هن پروگرام جو بند ٿيڻ سمجهان ٿو، ڇو جو پنهنجي ملڪ ۾ ”حسدُ“ جهڙو ڪر عام بيماري آهي. اهو نٿو چئي سگهجي، ته ان جي پٺيان ڪهڙو لڪل هٿ آهي” ان لاءِ آءُ ته رڳو هيستائين ڪي دليل ڊورائي سگهيو آهيان، وڌيڪ نه، بهرحال، ڪَمُ ٿي ويو، ان بعد رقيبن کي جي اک کلي، سلسلو شروع ٿي چڪو، هاڻ ميڊيا تي پراڻو پروگرام هلي نه هلي، پرواهه ناهي، سنڌين کي رڳو گس جا پار پتا ٻڌائڻا پوندا، پوءِ ه پاڻ ذهين آهن، رڳو ڌيان ڇڪائڻ جي ڳالهه آهي. انشاءَ الله تعاليٰ هاڻ ته اهڙو سلسلو هلندو ئي رهندو. آمين

پنهنجي سڄي ملڪ جو سڄو مسئلو غربت آهي سنڌ ته انهي سلسلي ۾ اڳري آهي.

ڪتاب ڇپائڻ جي جاکوڙ به وڏي جاکوڙ آهي. پر خرچ هٿ ڪرڻ، يا بچائي، ڪتاب ڇپائڻ دل گڙري جي ڳالهه آهي. ٻيو ته اڌ جي لڳ ڀڳ ته سنگت ۾ مفت ورهئاڻ جي رسم آهي. هاڻ جنهن کي جيڪو سگهڙ پنهنجي حياتيءَ جي موڙي، ”جيڪا محنت ۽ خرچ“ جي صورت ۾ آهي، سو جنهن کان ٿي سگهي سونهاري سگهڙ کي پاڻ وڌيڪ معاوضو ڏئي ڇڏي ” جيڪي اهڙي استطاعت رکي سگهن ٿا“. اُهي، انهيءَ ۾ ڪو عيب ڪونهي ڏيڻ ۾ به ۽ وٺڻ ۾ به. منهنجي صلاح ته اها اَٿَوَ، پر جي ڪو پاڻ موکائي آهي، ته انهي تي ميار ڪانهي.

سگهڙ! اهو نه سمجهن ته اسان جيڪي ڪتاب هٿ سان ورهايا رڳو ” اهي“ پڙهندا، پر ”ڪتاب گهر“ تي رکيل هوندا، ته اُهي سڄي دنيا ۾ پکڙجي سگهن ٿا. ڇو ته سڌريل ملڪ جيڪو به ڪتاب، جنهن به ٻوليءَ ۾ ۽ جنهن به ملڪ ۾ ڇپجي ٿو، سو خريد ڪريو. اُتي سندن لائبريرين ۾ سندن ٻولين ۾ ترجمو به ڪرايو. اُن اصل جي سامهون رکن. پنهنجا جيڪي پروگرام ۾ سگهڙن فن پيش ڪيو، ان جو ترجمو، سندن ٻوليءَ ۾ ڪرائي پنهنجي ملڪ جي لئبريريءَ يا لئبريرين کي سجايو. اها ڳالهه مون کي هڪ ذميدار تعليم يافته سنڌي ٻڌائي. ڇو جو سائنس الاجي ڪيترو اڳ کان، اُتي پهتي آهي جو رڳو ”سُئچ“ هتان ڪڍي ان ملڪ جي سُئچ ۾ هڻڻو آهي.

اها ڊيگهه ان لاءِ ڪيم، جو اسان جي گهڻن سٻاجهڙن کي انجي خبر ڪانهي.

سو، نرالا دنيا کا گهڙئو! اوهان جيڪا ڪاوش ڪئي يا خرچ ڪيو سو اجايو نه ڪيو، پر گهڻو ۽ گهڻو اوهان ٻوليءَ ۽ وطن تي ڪو ننڍڙو ٿورو ڪو نه ڪيو. بلڪه اوهان کانپوءِ جي نسلن لاءِ وڏي رهنمائي آهي. جن مٿير مردن دنيا جي ڪيترن جنهجهٽن کي منهن ڏيندي به ههرو وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪن پيا تن لاءِ ڪٿان لفظ آڻيا جيڪي ان جو نعم البدل ٿي سگهن.

اُنهن املهه انسانن سان گڏ سگهڙ حاجي علي نواز وڳڻ کي به انهن جي قطار ۾ باهري سگهان ٿو. آءُ ڪو سگهڙ ڪو نه آهيان جو هنن جو پارکوُ ٿيا، مون رڳو هن جي اندر جي خوبصورتي جو ٿورو نمونو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ان ڪري رب جو شڪر گذار آيان جو ڪجهه وقت هنن درويش صفت انسانن سان گهڙيون گذاريائين.

وڌيڪ، هن فن تي روشني وجهڻ منهنجي علميت کان ٻاهر آهي. مون کي حاجي صاحب ڪجهه اکر لکي ڏيڻ لاءِ چونڊيو، اهو ئي منهنجو لاءِ وڏو فخر آهي. ڪتاب تي ۽ ان ۾ لکيل صنفن تي روشني وجهڻ لاءِ ٻيو ڪتاب ٺهي سگهي ٿو. سو پڙهڻ وارا پاڻ پڙهي وري هنن محبوب سگهڙن کي خطن ذريعي کين آگاهه ڪن.

انشاءَ الله تعاليٰ آءُ به انهن ۾ هوندس آءُ ته خطن جي جوابن ڏيڻ کان لنوائيندو آهيان. جيڪي آيو سو لکي ڇڏيم. ڇو جو حاجي صاحب کي ڪهڙي خبر ته آءُ هڪرو ڪورو ماڻهو آهيان. ٻين وانگر زماني کي رڳو اٽڪل سان پيو منهن ڏيان.

....... يعني حاجي صاحب کي ناراض ڪرڻو ڪو نه هو. الله سائين الاجي ڪٿي، ڪڏهن ۽ ڪٿان ٿو وسي؟!

سيد صالح محمد شاهه

2006- 6- 18ع

21 جمادي الاول 1427 هجري
























ٻه اکر


هن سونهاري سنڌ ڪيئي سورهيه، سالڪ، سگهڙ، سخادار، سخنور، سچا انسان پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي قوم ڌرتي ۽ ٻوليءَ جي رکوالي ڪئي آهي. اسڪول جي زماني کان آءُ ڪتابن ۾ لکيل خاص ڪري شاعري پڙهندو رهان پيون.


ٻالڪپٽي ۾ مان نڪري پهريون ڀيرو پيار جو پئمانو پيتم، ته سڄي دنيا حَسين نظر آئي، عشق، حُسن جا منظم ڏٺم، عشق ته عشق آهي پر حُسن اها سهتي آهي جنهن لکين انسان ديوانه بڻائي، قلندر، ڀٽائي بلا سچل، سامي، حمل، گروڙي، مجنون، مصري، مهدي، تارڪ نجفي، ملوڪ، بيدل، دادن، طالب، عارف پيدا ڪيا آهن.


مون کي به شاعري جو شوق پڙهڻ پرجهڻ جي حد تائين وڌي ويو. شاهه جو رسالو، ڇپر ۾ ڇڙيون، موتي مور ملوڪ جا، موتين مٺ ملوڪ جي، ديوان احمد کانسواءِ ٻين سٺن سٺن سگهڙن، ليکڪن جا ڪتاب پڙهندي پڙهندي، جڏهن حاجي علي نواز وڳڻ جو ڪتاب ” وڳڻ جا ويچار“ هٿن ۾ آيو ته لطف ڀريئي لفظن مان روح کي اهڙي راحت ملي جو پياس جي خوشبو کلي وئي.


ڪتاب ۾ لکيل حمد، نعت، سينگار، ڏهس، ڪافيون، ڪلام، وڏر، ڳجهارت، واقع ڪربلا تي مبني لاتعداد لکڻيون ڏاڍيون وڻيون.


حاجي علي نواز وڳڻ هن ڪتاب ۾ پنهنجي دانائي، روحانيت، همت ۽ سچائي پيش ڪري ميڻن موتي ميڙي سڪ جون سڀئي سٽون سهيڙي ليکڪن جي سف ۾ شامل ٿي هڪ سٺو قدم کنيو آهي. آءُ هي ڪتاب پڙهي سخت متاثر ٿيو آهيان. حاجي علي نواز کي منهنجي طرفان لک لک مبارڪون


شاعر سگهڙ: جان محمد بروهي

المعروف ”جاني

ڳوٺ موسيٰ خان، ديهه حسين بخش مري

تعلقو، ضلعو، مير پور خاص سن

مُرتب جي قلم تان


الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن

مونسين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.


(شاهه)


سائين منهنجا 22 مارچ 2006 آءُ پنهنجي ڳوٺ هُيس اچانڪ ڪراچي کان فون آئي جيڪا (منهنجي چند ويجهن ۽ پيارن دوستن مان هڪ دوست) حاجي علي نواز وڳڻ جي هئي.


فون ۾ فورن ڪرچي اچڻ لاءِ حڪم ٿيو. آءُ پريشان ٿي ويس ۽ پڇيم ته ادا ٻيو ته سڀ خير آهي ته؟ وراڻيائين ها ادا الله خير ڪيو آهي بس تون مهرباني ڪري مٿي ۾ ميٽ هُجئي اچي مون وٽ لاهه مون چيو هينئر نٿو اچي سگهان باقي سڀاڻي شام جو انشاءَ الله اول خير تون اسان ڪراچي ۾ ڪٺي آهيون ته ٿيو به ائين مون رات ئي تياري وٺي ڇڏي.


صبح جو ساجهر ئي نصير آباد پهچي گاڏيءَ ۾ سوار ٿيس جنهن شام جو 6 وڳي ڪراچي پڄايو، مطلوبه جاءِ تي پهچي ڏسان ته حاجي صاحب منهنجي انتظار ۾ منهنجي راهه تڪي رهيو هيو، جيئن مون پهتس ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڀاڪر پائي مليو، وٺي وڃي بيٺڪ ۾ ويهاري اندران ڪتاب جو ڇپيل پروف کڻي آيو ”چيائين ته ادا هي منهنجي پورهئي تي پاڻي ته ڦيريل ڏس.


هڪڙي دوست جي غلط صلاح ۽ آسري تي منهنجي محنت رائگان ٿي آهي. منهنجي بيمار هجڻ ڪري بغير ترتيب هيءَ ڪتاب ڪهڙي ۾ جو آهي. هاڻي هن کي تنهنجي حوالي ٿو ڪريان انهيءَ اميد سان ته مون کي يقين آهي ته تون ئي منهنجي ڪتاب کي سنواري سڌاري سگهين ٿو.“ مون جڏهن اُهو پروف ڏٺو ته مون کي به افسوس ٿيو ته ته ”ڪاٿي الهيار ۽ ڪاٿي پئي هٿ کڻي“ وارو ڪم هو هڪڙا بيت حمل ته ٻيا حيدر آباد هئا.


هاڻي هن کي هيڏو سفر ڪراءِ اچي ساٿ سان سلهاڙڻ ڪو سولو ڪم نه هو پر يار جو حڪم سر اکين تي مون ڪم شروع ڪري ڏنو سڄي ڪتاب کي ٻيهر سهيڙڻ ۽ ترتيبوار لکڻ ڪم ته ڏکيو هو پر پنهنجي محنت ۽ جدوجهد سان آخرڪار پائيه تڪميل پڳس. منهنجي محنت اوهان جي هٿن ۾ آهي.


ترتيب ۾ ڪجهه ڪوتاهيون اڃان به هونديون پر ”مونسان هوت حساب، اصلي نه ڪجو ايوب چئي“ ڇو ته بقول شاهه جي ته؛ آءُ ڏڏ، ڏڏاڻوئي ڏڏ، پر ڏڏ نه ڏڏن جهڙو.


مهربانو! منهنجي هن ڪمزور ڪاوش ۾ جيڪا گهٽ وڌائي نظر اچي ته معاف ڪندا ڇو ته اها منهنجي مجبوري هوندي.


ڪجهه ڪتاب جي باري ۾ جيئن مون ڏٺو شاهوڪار ٻوليءَ جو امير سگهڙ حاجي علي نواز وڳڻ جو خيال تمام اونهون ۽ ٻول پڪا پختا آهن. ڪنهن به بيت کي گهرائي ۾ وڃي ڏسبو ته اهو اونهي اسرار جي عڪاسي ڪري ٿو لفظ سادرا پر معنيٰ خيز آهن. ڪٿي ڪٿي اهڙا اکر آهن جيڪي عام ماڻهوءَ جي سمجهڻ واري وت کان وڏا آهن. علم ۽ قابليت جي راند جو رانديگر هجڻ سان گڏ سولا ۽ جهٽ سمجهڻ وارا لفظ هن ڪتاب ۾ ڪثرت جي انداز ۾ ڏنا اٿس. پهاڪا، هنر، گفتي جا گل، سينگار، ڏهس، وايون، ڪافيون، ڪلام، ڪانگل، اوطاق جا بيت آجيان، ڏور، ڳجهارت، گرچيلو، غزل، مطلب ته سڀ جون سڀ صنفون سندس جي ساڃاه جون ساکي آهن. مالڪ ڪائنات جي مڃتا ۾جيڪي حمد ۽ سرور ڪونين، رحمـة اللعٰلمين محبوب خدا حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم تي جيڪي سينگار ۽ ڏور لکيل آهن سي نهايت دل افروز روح کي راحت بخشيندڙ آهن.


مان صنعيف ذهن ڇا لکي سگهندس. لکندا هن تي لائق ماڻهو، بهرحال آخر ۾ آءُ سندس جا ٿورا ضرور مڃيندس جنهن مون کي هن ڪتاب (جيڪو تاريخي ڪتاب پڻ آهي) جي ترتيب لاءِ چونڊيو. خدا شا کيس کي، دوستن، عزيزن ۽ پنهنجي اهل و عيال سان هميشه خوش ۽ آباد رکي.

آمين


تاريخ: 5 مارچ 2006

دعاڳو: محمد ايوب واهوچو

ڳوٺ سوالي واهوچو، تعلقه نصير آباد،

ضلع شهداد ڪوٽ قمبر،

مُرتب ڪتاب ”وڳڻ جا ويچار



بسم الله اَلرّحمٰن اَلرحيم


حَمدَ

منهنجي هادي جا

حمد

(1)

عجب تنهنجا مالڪ نظارا ڏسان ٿو،


اچا تنهنجا اڀ ۾ ستارا ڏسان ٿو.

پکي جهنگ پاليا- قرار ڏسان ٿو،


جبل ڇا جرن ۾ ڏئين جيتن ٿو روزي،

وسيا مينهن وٺن ۾ واڌارا ڏسان ٿو.


الاهي اميرن اچون. آهن ماڙيون،

فقيرن به تو در اوتارا ڏسان ٿو.


ڪيان ڇا بيان مان تنهنجي سگهه جو سائين،

مڇيون مرنگهه ماڻهو متارا ڏسان ٿو.


وڏائي جا مالڪ وڏو آن خدا تون،

مون پنهنجي گهر ۾ تو ٻاجهارا ڏسان ٿو.


رهين شال راضي تون سائين سڀن تي،

ڏڪاريل ڪي ڏوٿي ڏکارا ڏسان ٿو.


ڪيان ڳالهه ڪهڙي لکڻ کان وڏي آ،

اگهيو پاءُ مڻ موٽ وارا ڏسان ٿو.


حجت ناهي هدايت جي رستي هلايو،

عمل ڪانڌ پنهنجا به ڪارا ڏسان ٿو.


سخي آن تون سائين سڌي راهه ڏي ڪا،

جو وڇڙيا وڳڻ مان ويچارا ڏسان ٿو.


علي نواز تي ڪو ڪيو ڪرم آقا،

پيناري مان تودر پيارا ڏسان ٿو.


*

حمد (2)


تنهنجو


تنهنو آ شاهي شان خدايا جڳ جهان آ تنهنجو،

تنهنجو آ مالڪ مانُ مٿانهون هر انسان آ تنهنجو.


تنهنجو هر هنڌ هيٺ مٿي ڇا هر عنوان آ تنهنجو

تنهنجو واحد واهه وڻي ٿو ملڪ مهان آ تنهنجو


تنهنجو عربي تنهنجو عجمي بربستان آ تنهنجو،

تنهنجو ناهي خالق خالق خالق خزان آ تنهنجو.


تنهنجو آر هر هڪ ذڪر زبان تي عهد آذان آ تنهنجو


تنهنجو ڪو مٽ ناهي قادر نور نشان آ تنهنجو.

تنهنجو عرشي تحت سراڇا دلين به دان آ تنهنجو،


تنهنجو جلوو جام جلائي طور تهان آ تنهنجو،

تنهنجو آ آقا علم عطاري ڪلمو قرآن آ تنهنجو،


تنهنجو آ بخشيل عقل اسان کي هر حيوان آ تنهنجو.

تنهنجو والي ويچاريان ڇا شڪر شبعان آ تنهنجو.


تنهنجو آ سائين وڳڻ ويراڳي بيت بيان آ تنهنجو،

تنهنجو شعر هميشه ٺاهيان جو عقل احسان آ تنهنجو.




حمد

3

ڏاتر جا هن ڏيهه ۾ عجب آهن اسرار،

اولهه اوڀر ڏکڻ هن صاحب جا سينگار،

اولو ناهي علي نواز چئي هن جڳ سڄي جنسار،

وڌيل هِن واپار- مالڪ جا هن مُلڪ ۾

(حمد) 4

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سبحان،

آقا جنهن آدم جو آ مٿاهون ڪيو مان.

جوڙيئين جوڙ جهان جي آ انِس مٿي عنوان،

الانسان سري وَانا سره، آفائق جو فرمان.

انا من نورالله قل خلق من نوري آشاهه منهنجي جو شان،

پڙهي صلواتون سيد تي ٿو راتو ڏينهان رحمان.

سائين آهي سڀن جو هو سراپا سلطان،

ملائڪ تنهن محبوب جي هن در مٿي دربان.

عاقل عارف اڻڳڻيا هن پرينئن تي پروان،

خاص خدا جي خلوت ۾ هن مير ٿيندا مهمان،

مالڪ هن مخلوق سان اوريندا ارمان.

رازق ڄاڻ رسول کي ٻئي کي خبر آهي ڪان،

وڳڻ جي ته ويچار ۾ آ فرق ڪيو فرقان

ڏيندو الله امان صاحب صدقي سرور جي.

00000

حمد (12)

(خاصا)

خالق آهن خلقيا خاصا اسان لئه کاڄ،

وهوا وڙ واحد جو جنهن راضي ڪيا هن راڄ.

ناهي ڪال ڪنهين وٽ ٿي ملي منگ مزاج،

ساڳ پلي ٻج ٻوڙ جا هن راهڪن منجهه رواج.

تيل ڪڍؤن ٿا ترن مان ناهيون مکڻ لاءِ محتاج،

ڪڻڪ ڏريون ته ڪاچي ٿئي ٿا ڌاڻيون ٺاهيون ڌاڄ،

سيرو حلوو ساڀ پيا ڏس اوفراٽن اخراج،

مڙيئي مره آ مالڪ جي ٿا سيون ڏنيون سُهاج،

اڃان به چَانور چاهه مان ٿا ڪونڌ پچائن ڪاج،

مڙيئي آهيون مزن ۾ ڇا مؤمن ڇا مهراج.

هي سڀ ڪم قادر جو ٻڌو نيڪ نذير،

پاڪ ڌڻيءَ پيدا ڪري ڏنا انب انجير.

ڪيلا توت قتل ڇا ڏس ڏاڙهون پياس پذير،

نارنگيون،ناسپتيون، نيزا، پستا، باداميون ڀرپور.

کٽا ليما،کوپرا،آڙو،ٻير،آهن زردالو به ضرور،

زيتون کائي ذوق سان ٿا پون پپيتن پور.

ڪونهي ڪال ڪمند جو چَڪُن ڪيا آهيون چور،

سڀ سرغاتون ثمر جون هن نادر ڏنيون نور.

ساهه سڪي ٿو سنگ پچايان ناهي ڏڌڙي اسان کان ڏور،

حمايت آهي حاڪم جي ٿا تري کائون تور.

اوڌر تي علي نواز چئي آهيون واڱڻ لئه وهلور،

پندرهين صدي آپڙ پئي. ناهي سورهون سال سُرور.

اڃا ته ڀاڄي ڀينڊي ڀاءُ هيڪاندي آ هاڻ،

گوگڙو ٻٽالا ٻوڙ ۾ آ بصر ڀي تنهن ساڻ.

وري ٻيو ميها مٽر ڇا آهي ڪريلي منجهه ڪڙاڻ،

چست چماتا بيهه ڪدو آهي گل گوبي توڪاڻ.

دم دمادم دال جي آ پيٽن منجهه پُراڻ،

مڱ مهري ڏس مور ٿي، ٿو ڇريو گهمي ڇاڪاڻ.

لوڻڪ پالڪ ڏي لڙي پئو اها ڪندئي گوار گراڻ،

اڃا به پهتا پيٽ لاءِ ٿي مٺا کوڙ مٺان.

وساريان ڪيئن وڙو آهي بصريءَ پيچ پراڻ،

زردو طانهري مکڻ ساڻ ٿي ماکيءَ وڌو مٺاڻ.

ڳڻي ڳڻيان مون ڪيترائي مڇي گوشت مزاڻ،

تتر، آڙيون، تور، ڇا کاءُ حقي لحم هراڻ.

چٽڻيون چورڻيون چسڪا ٿي واحد ڪر واکاڻ،

تون توڪل ڏيئي تاڻ ته، ور ڏيئي وارو وڳڻ چئي.


(حمد 10)

وڻن منجهه وري

واهه وڏائي واحد جي آهي وڻن منجهه وري،

پن، پتا، لونءَ، ٽاريون گونجا گل فري.

رسيا، رتب، روهڙي ڏٺم ٻوڪ ڏري،

انب انارون استنبولي ميوا ڪوهه مري.

کجين کيتيون کوپرا لڳا کوڙ کري،

ميوا ملڪ ملهير جا چڪونءَ دل چري.

سوغاتون سڀ ثمر جون آ ڌڻيءَ ڌوم ڌري،

ٻاجهه سڄي آ ٻهڳڻ ڪئي ڇا ٺارو شاهه ٺري.

اُتي به وڻ الله جي ٿو ٽڙيا ذوق ذري،

شاخون جن ۾ ڇانورا حُسن هوءِ هري.

ٻيلهه ڪيائين ٻانهي کي هي تڏهن طلب تري،

دوست ڪارڻ ديس ۾ ٿَوَ کلي داد دري.

وڳڻ صاحب ڪان سري، وڻ ٿَوَ حسن حبيب جو.


حمد (14)

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب آهي سرير،

پاڪ جنهن پيدا ڪري پنج مُڪا هن پير.

طلب رکيائين تن جي جي اُمت لاءِ اُڪسير،

وساريان ڪيئن وڳڻ چئي هو دوست دامنگير.

قربان ٿيان جي ڪربل ۾ سڌا ايندي سير،

عاقل سي امير، هوندا آخرت منجهه ”علي نواز“ چئي.


نصحت (15)

ماڪ وندا فڙ مهر جا، ٿا ماپي ڀرن ماڻ،

ڪونهي ڪال ڪلات ۾ ٿا موج وهن مهراڻ.

ناس نهوڙيا نفس جا ڄرڪي جي ڪر ڄاڻ،

ويڇو ٿيندين وڳڻ چئي سيسر کڻ نه ساڻ.

هي ڏس منهنجو ٿئي ڏاڻ، گندڻ مار ته گنج ٿيئي.


حمد (16)

صاحب تنهنجي صاحبي، آف صاف سفا سرهاڻ

ڪري ڪريان ڪيتري تنهنجي واحد مان واکاڻ

جوڙ نه تنهنجو جهان ۾ هي سڀ ڪيا تو هاڻ

بادل مان برسات آ جيئن گيچڻ اتو ڇاڻ

پنهنجو پاڻ کي ڄاڻ، آءُ وڳڻ وس به تنهنجي

صاحب تنهنجي صاحبي عجب جي آهي،

ڪائنات ۾ ڪول ڀي بُکي ڪا ناهي.

ڏاتر ڏئين ٿو ڏَيهه کي ٺيڪ کاڌا ٺاهي،

ماڪوڙا هن موج ۾ جو رت نٿو راهي.

والي آن تون وڳڻ چئي، تو سان ڪيتر سينو ساهي،

اُڀارين تون لاهين، صاحب سوين سجڙا.


(حمد)18

صاحب منهنجي سور دل پنهجي درٻار،

منجهو آهيان مون ڌڻي، ضدي ٿيو آ زور.

ڪانهي واهه وڳڻ چئي ڪا ڏاتر وجهو ڏور،

تورا رو نه تور، آقا علي نواز چئي.


(حمد) 20

ساراهيان سچو ڌڻي جو صاحب آ سبحان،

والي آهي وحده جوڙيو جنهن جهان.

مير مڪائين ڪارڻي، اذن سان انسان،

وڳڻ بات بيان رتو ڄاڻي راز کي.

(حمد) 21

رتو ڄاڻي راز کي قادر ڪرم ڀريو،

مالڪ جي مخلوق ۾ جنهن تي وير وريو.

صاحب منهنجو سپرين آ سڀئي تار تريو،

حاجين حج هُريو، مون کي وڳڻ واءُ وصال جي.

(حمد)22

وڳڻ واءُ وصال جي طمع ڪرين جي توڙ،

ته وٺي وجهه وجود ۾ واحد جي ڪر ووڙ.

لاتقنتوا من رحمـة الله، جاني ٿيندا جوڙ،

پاڻي پيرن ٻوڙ، تار نه ڄا۾ڻج تُرهي.

حمد (23)

تار نه ڄاڻج تُرهي، ٿي اڳيان پاڻي پڪ،

لاهه لاڳاپو لوڪ جو ته ساجن ملئي سڪ.

وٺي راهه رسول جي، حمد سارج هَڪ،

لوڪان ڪري لڪ، علي نواز ٿيءُ اڳونڌرو.

(حمد) 24

مالڪ جو هن ملڪ ۾ آ رکيل راز صفا،

وڳڻ چئي اوئڙو ٿي نه ڪر جوف جفا.

نفعا ئي نفعا ٿي عاقل وٽ علي نواز چئي.

(حمد) (25)

عاقل منهنجو علي نواز چئي آ راڄ سندو راڻو،

کاؤن پيئون ٿا صدقي خان جي دُک ناهي داڻو.

ايندو وار وڳڻ چئي آ محب مٿي ماڻو،

ڪمائيندا سين ناڻو وارث صدقي وسيلا.

(حمد) 26

اصلي صدقي آقا جي مالڪ ڏيندو معافي،

ايندو ڏينهن قيام جو جتي شاهه ٿيندو شافي.

پياري جام جنت جو سور نيندو صافي،

قرب ٿيندو ڪافي، منهنجي وارث جو وڳڻ چئي.

(حمد) 27

والي آهي واحده، مالڪ ملڪ مقيم،

جاب جي جلوي کان جدا ناهي جيم.

ثابت رهي صمد سان پڙهج حمد حڪيم،

صلواتون جو سيد تي ٿو پڙهي پاڻ ڪريم،

والي آ سو ويجهڙو رازق رب رحيم.

رکي عشق رسول سان ڪر سڌو پير سليم،

مالڪ جي مخلوق سان ڇڏ ڪو لاهو ڪليم.

خادم ٿي پئو خلق جو ته رُلي جيئن رجيم،

هٺ وڏائي هيٺ ڪر نفس ڪري ڇڏنيم.

واهه کهلي آ وڳڻ چئي حاضر ڪر حتيم،

قادر رب ڪريم، ناهي ويڇ وجود کان.


حمد مُسدس

تنهنجي بادشاهي آ قادر قديم،

تون آن رب عالم ٿي نالو عظيم.

(1)

ناهي تو سوا جو حڪومت هلائي،

ڇا هي هيءَ سر زمين آ ڇا تنهنجي خلاف هي.

وڻن جون ٿو پاڙون ڏسان ريت ڳاڙهي،

تنين جي به سائين نه تو وٽ غلاهي.

سگهي ٿو نه روزي ڪو ڪنهنجي هلائي،

ڪِول ڀي رکي آ تو صاحب سليم.

(2)

ڏسان گاهه جبلن جي چوٽين ٿو ساوا،

خلا ۾ آ پاڻي تنهنجي جوڙ واهوا.

هلي جهڙ ٿو سائين رڳو آهي دونهون،

کنوڻ گاج تنهن ۾ چوي ڪير لاوا،

نچوڙين ته نهرون ٻوڙي ٿا تو ناوا.

هي حڪمت آ تنهنجي تون آن حڪيم.

(3)

ڪيان ڇا بيان ٿي وڏي سگهه سائين،

تنهنجا عرش الا ٿو سڀ ڪجهه بڻائين.

پکي جانور ڀي سڀئي هن مزن ۾،

ناهي ڪا به طاقت ڪمائڻ جي جن ۾،

رسائين تن ٿو روزي رزق جو آن مالڪ

هي ڪل شيءِ آ تنهنجي تون آن ڪريم.

(4)

ٻاڏايان ٿو مان ڀي وڳڻ سائين توکي،

ڪيون ٿم ڪُڌايون پيو آ جيءَ جوکي.

تون آ رب عالم نيوراهه سوکي،

الاهي تون اعليٰ ڪندو ڪم آهين.

منهنجو آ عرض توکي آقا شل اگهائين،

ٻڏل ٻيڙو تاريو جو آهيان يتيم.


(حمد)29

اي بادشاهي بحر اعظم بريبري بانيءَ بڪار،

جوڙ تنهنجي جاءِ بجا هي واهه ڌڻي تنهنجو وقار،

(1)

داخ تنهنجو ديس تنهنجو، ننگ پالي ويس تنهنجو،

منهنجا ملڪ ملڪ ساري ۾ نه آ ڪو خيش تنهنجو،

تون خدا نان رئيس تنهنجو قادر آن تون ڪل جو ڪنڀار.

(2)

ڏينهن تنهنجو سال تنهنجو، جان منهنجي مال تنهنجو،

اي خداوند تون آن خالق جڳ ساري آ جمال تنهنجو،

ڪتيون سج تارا جلال تنهنجو، باغن به سائين آ تنهنجو بهار.

(3)

زمين آسمانن ۾ظاهر آن مولا ڏسئون ٿا نه توي تون طاهر آن موليٰ،

ڪيان ڇا بيان مون تون ماهر آن مولا، اڙين ۽ اٻوجهن جو واهر آن مولا،

غفلت ڪيان مون ته تون آن غفار، واهه ڌڻي تنهنجو وقار.

(4)

وڳڻ جو آن والي تون وارث وسيلو، سو تنهنجي حاڪم هلي ٿو نه هليو،

ڪرم ڪر ڪو قادر آن صاحب سريلو، ناهي تو سوا ڪوئي رازق رسيلو،

مون قاصر جا ڪاتب ڪندو آن ٻيڙا پار، واهه ڌڻي تنهنجو وار.


(حمد) 31

حمد منهنجي هاديءَ جو

عربين صفتون الله جون ڪندو ڪير شمار

خالق مالڪ ملڪ جو آ ڏيهه ڌڻي ڏاتار

والي آهي وحده جوڙيو جنهن جنسار

قادر آ جنهن ڪول کي آ ڏنو ساهه سگهار

ماڻهو جن ملائڪ هن جوڙيا پاڻ جبار

صاحب پالي سڀن کي ٿو والهه اوڀر ڏکڻ اتر پار

رحم گهڻو آ رزاق جو ٿئين ڪيا سنڌ سڪار

حاڪم پاڻي هماليه کان هن آڻي ڪيا انبار

ست نديون هن سوڀاريو جن پنج ڪيون پرتار

سنڌو، ستلج، چناب، راوي، اهي برن بياس بهار

سڀني جا پنجاب مان هن سنڌوءَ سان سهڪار

گوڙ گهڻو آ گڊوءَ وٽ بئراج هن بيزار

سُرڪي اچي ٿو سکر ۾ هن سڙهن جا سٽڪار

ڇاهٽ دروازن شور آ ڏس موجن منجهه ملهار

ستين ٿان آ سوڙهن ۾ ڏس ڪاري ناري ڪار

ديوار جنهن جي دنگ تي آ سڌي ڪئي سرڪار

اهي ست بئراجون سال ٿيا جي کوٽيون هن کرڪار

رئيس دادو کير ٿر ٿا اولهه ڪن اُمار

چيٽ ڪتيون ٿا چانور ڪڻڪون فصل ٿين فردار

ٻير مڪي ٿا ٻار وڳڻن جا ميڙن پيا مهندا

شور وڏو آ شهر وڳڻن کي هن همسايا ڳوٺ هنبار

پکو گهر گهارو نئون ڳوٺ، چنڊيا ڀولاچنڊؤ ڳوٺ چوڌار

آلي کبڙ، ٻٽون، ٻيلهاٺي، ٿا وڳڻن ڪن ويچار.

خيرو ڳوٺ جو ٿرڙي آ جعفراڻي لڳ جنسار

لعلو پيچوها لڙي اچن ٿا خدا بخش ڳوٺي خريدار

ڳوٺ ملوڪ بند جو شير خان ڳوٺ گهٽهڙ کري ياري ديري جا يار

فائض آهن فصل تي ٿا اپائن ان انبار

ست سيلر ٿا ساريون ڇڙن وٿي ناهي وار

سبزيون مڇي ساڳ ڇا هن ڪوڻيون ڪُم قرار

هاري اهي هر سان ٿا سرنهن مٽر توريا ڪن تيار

مڱ مهري، ماهه مرچو، ٿا ڪمند ڪن ڪنڌار

صاحب ساري عالم ۾ اهڙا ڪيئي ڪيا آهن ڪردار

جام بروهي جبل جا هن روزيءَ سنڌ رفتار

سهيڙي ڪڍي سال جو ٿا دُک پورو ڪن دلدار

ڳڻي ڳڻيا مون ڪيترائي هن آگي جا اتوار

جتوئي، ڪلهوڙا، بهڻ آهن ڊکڻ پاڙيوار

اڃا ته جت ٽوٽاڻي جيسرن سان آلي آ پرتا

صاحب رب ستار ڪجائين واهر وڳڻن جي. آمين


ٽيهه اکري

(الف)

اول آهه الله، عالم منجهه عظيم،

مالڪ ڪيو آ ملڪ ۾، ڪنهن سان ڪين ڪلاهه،

رازق راحم رب آ، ڍاهيو مڙني ٺاهه،

سکي آهر ساهه، جي ڏسو ڪرم ڪول تي.

(ب)

برابر برداري، والي آهي وڳ،

مالڪ جيمخلوق جو، شرو ناهي شمار،

سڄو هي سنسار، مالڪ جي آ مهر جو.

(ت)

تونگر آ تمام، مالڪ ملڪ سنڌو،

آقا پنهنجي علم کي، ڄاڻيندو آ جام،

بيحد پاڪ بندن لئي، طرح مڪو آ طعام،

الاهي آهه انعام، خالق ڏنو خلق کي.

(ث)

ثبت آهي سخي صاحب رب ستار،

مٽ نه جنهنجو ملڪ ۾، آ لائق پاڻ لڪي،

خالڪ مالڪ خلق کي، ڏيئي ٿو حق حقي،

مدني توڙي مڪي، رنج ناهي ڪو رب مان.

(ج)

جلور دسن جلسل، هر جوڙيو آهي جهان،

خالکق سندي خلق ۾ماڻهو آهي مثال،

قمر شمس هلال، هن خادم ڪل خليفي جا.

(ح)

هي حاڪم سندي هاڪ وڏي آهي واکاڻ،

سائين آهي سگهارا، پانهه پاڪن پاڪ،

وڏائي سونهين واحد کي، جو اعليٰ آهي اخلاق،

سو لائق رهي ٿو لولاڪ،جنهن جي حڪمت آهر ملڪ ۾.

(خ)

خالق مالڪ ملڪ جو آ ڏيهه ڌڻي ڏاتار،

جوڙيو جنهن جهان جو آ سڄو هيءُ سنسار،

پاڪ ذات آ پرور جي، خالق خلق هار،

جنهن عاقل جي آڌار، ٿو قصو هلي ڪائنات جو.

(د)

داتا آهي دائم، قائم رب قدير،

نه ڪنهن ڄڻيون نه ڄائو، آ مان وندو مهمير

جل جلاه لــﮧ جل شانــﮧ، الله آهي اڪثير،

مالڪ آهي منير، جڳ ساري ۾ جاءِ پجاءِ.

(ذ)

ذڪر ڪر ذاتي، جو سائين آهي سرڪار،

جملي ساري جهان ۾، ٿي هلي قادر ڪار،

ظاهر ڪم زمين تي ٿو رهي عرشن پار،

سو صاحب سدا سار جنهن پاڪ ٿي پيدا ڪيو.

(ر)

رازق رب ڪريم آ، جو ڏئي نه پچاري،

ڪول کي به ڪنڊن ۾، بک نٿو ماري،

ڏيئي ٿو روزي ڏيهه، ساڻ صبح ساري،

سو والي اڳيان واري، پڇندو حق هڙن کان.

(ز)

زير زابر جي آهيون، آهي عاقل جو اختيار،

مالڪ ساري ملڪ جو، آ مٿاهون مختيار،

جوڙئين جوڙ جهان جي، صاحب آهي سگهار،

تنهن الله جو آهي آڌار، جنهنجو قرب اهي ڪائنات تي.

(س)

سڌو ٿي صاحب سان، پير نه پٺتي موڙ،

ساجهر قلب صبحان سان، جانب پنهنجو جوڙ،

ڪانبو ٻڌي ڪاهي پئو، ڪر تهه دل منزل توڙ،

ڏي عاقل الاهي اوڙ، ته ڪاڪ لاءِ ڪجهه ٿيئي.

(ش)

شاڪر شڪر ڪر شاهي، توکي الله ڪيو آ انسان،

مڙني مخلوقن کان، تنهنجو مٿانهون آ آمان،

رازي ڪر تون رب کي، ته اڳيان ٿيئي احسان،

رازق آهي رحمان، جو ماني ڏيئي ٿو مفت ۾،

(ص)

صاحب آهي صمند، پاڪ ڌڻي پرور،

جوڙي جوڙ جهان جي، ٿئين ماڳ ڪيو منور،

سائين آهي سراءِ ۾، نور اصل انور،

دا ور جوئي در ٿو کارائي ساري خلق کي.

(ض)

ضدي آ ضد ۾ عاقل ڏس ابيلس،

آ ڪڙيل آهي آدم تي، ٿو ڪافي ڪري ڪيس،

تون سچو ڄاڻ صمد کي ته رلي ڀلي ريس،

وڏي ٿي حريت وٺج واٽ واحد جي.

(ط)

طهرين طال، توسان ڪندو ڀلائڻ لاءِ ڀلو،

وٺ تون ساٿ صمد جو، رلي ڀل رولو،

ڳجهه وڙهئي ٿو ڳڻ ڪر، رستو وٺ سولو،

ڪر الله جو اولو، ته وار به ونگو نه ٿيئي.

(ظ)

ظالم ڏاڍو زور ٿو ڏئي، برغلائڻ لاءِ بخيل،

ڪر ذڪر قادر جو ته، ڏسي تنهنجو ڏيل،

پردو چاڙهج پاڪ جو، ته ڀڄي ويندو ڀيل،

اگهاڙو ڪريس عليل، رڙهي وڃ تون رب ڏي.

(ع)

عين عزت تنهنجي آهي، ٿيءَ قادر جو قول،

سنجهي سار صمد کي، عمرا اجائي نه رول،

خالق تنهنجو خير واهه ٿي، واهوندو وڙول،

فنا ساري فول، ته والي پيس وڳڻ چئي.

(غ)

غفلت توکي غار، ڪري ڪيرائيندئي ڪن ۾،

قادر قدرت واري سان، تون سڌو ٿي رهه سن م،

وٺي وسيلو واحد جو، رهه ڌار ڌڻي جي ڌن ۾،

رهندي تان امن ۾، اولي نه وسارج وڳڻ چئي.

(ف)

فرق ٿيندئي فڪر سان، ڏس رب ڪري راضي،

سڀ ڪو ساري صمد کي، آ ملا ٿيو قاضي،

پڙهي ڏس قرآن، مٽ پنهنجي ماضي،

کٽي ويندي بازي، ڪر واعدو پورو واحد سان.

(ق)

قاف قريب آهي توکي، والي سنڌو وڙ،

سوا تنهن صاحب جي، ٻئي ڪنهن ڏي نه لڙ،

ساريندي سبحان کي، ڏاڍو ڪندي چڙهه

ڌوڪي نه پوندي گڙوٺ عاقل چواڻ علي نواز جو.

(ڪ)

ڪنو نه ڪر ڪم، توتي راضي ٿيندو رحمان،

پانهه توکي پيار مان آ بڻايو انسان،

واعدو پاڙ وجود سان ته ٿاڪ مٿي ٿيئي ٿانهن،

تنهنجو نگر نان، آ والي وٽ وڳڻ چئي.

(ل)

لائق ڏي تون لڙ، ايندئي ڪم الله،

پرور جنهن پيدا ڪري ٿي، ڏيکاريو هي راهه،

صبح سان صمد کي، ته سکئي رهئي ساهه،

ٺهي پوندي ٺاهه، جي رازق رليئي روح سان.

(م)

مدائي مالڪ توسان، ڪڏهن ڪندو ڪون،

وٺِي راهه رب جي، سوڌا ڪمائج سون،

قادر توکي قيام ۾، پرور ڪندو پون،

ڇڏي سڀئي ڇو نه ٿو، اورين نام الله جو.

(و)

واهه وسيلو ٻيو ڪو نه ٿئي، ناتو رب سان جوڙ،

صاحب ملندئي سولڙو، منهن رڳو تون موڙ،

وقت اِهو ٿئي وڳڻ چئي، لڪ انهي ۾ لوڙ،

منزل ٿيندي توڙ جي وٺندي راهه رب جي.

(هه)

هيڪاري هاديءَ ڏي، لڙي ڪر لاڙو،

الله سوا عالم ۾، ٻيو ڪو نه ڪندئي چاڙهو،

راضي ڪري رب کان، وٺ ڀونءِ سنڌو باڙو،

سيني جو ساڙو، ويندئي وٺندي تانءَ واحد جي.

(ل)

لوڏو نه ايندئي لوڪ ۾، جي رکين زوق ذرو،

اٿي آڌي رات جو، وٺج پاڪ پرو،

ايندئي ڪم الله، پيندئين حوض حرو،

اچئي شال ارو، زاهد رب جي ذڪر جو.

(ء)

آهي هڪ الله، ٻي سڀ آ سندس مخلوق،

واحد جي ويساهه جي، ڪر ڪائنات ۾ ڪوڪ،

وڳڻ ته آهن ويچار ۾، پر ٻڌن ڀلي ٻوڪ،

مالڪ آهن ملوڪ، ڪائنات ۾ ڪلن کان.

(ي)

يقين رکجان يار تون، پرور جي پياري،

مالڪ جنهن جي محبت ۾، هن جي ڇڏيا جياري،

ڪندو قادر قرب ڪريم جي، آهيون پناري،

جو مردن ٿو جياري، سو واحد آهي وڳڻ چئي.


















Your browser may not support display of this image.

سگهڙ فقير

حاجي علي نواز

وڳڻ




حاجي علي نواز جي زندگي جو احوال


جيئن ته سگهڙ حاجي علي نواز وڳڻ (سنه 1934ع ۾ ضلع لاڙڪاڻي تعلقي وارهه جي شهر محبوب خان وڳڻ لڳ عالي کبڙ رئيس ڪريم ڏني وڳڻ جي ڳوٺ حاجي خان وڳڻ جي گهر ۾ ڄائو.


سندس والد صاحب ان وقت حاجي خان ڪلهوڙوي جي لارن بسن جو ڊرائيور هيو ۽ حاجي علي نواز جي اٺ ورهه عمر تائين ڊرائيور هيو ۽ پوءِ گهر واري جي دماغي بيماري سبب اڇي ان ڇڙهائي جي مشين جو وڳڻن ۾ مستري ٿيو ڇو جو گهر جو ڪم به سندن کي ڪرڻو پيو ايتري قدر جو ماني ڀاڄي پاڻ ڪندا هئا.


جيئن ته حاجي علي نواز کان وڏو پٽ علي انور به ٻئي اڳئين زال مان هيو هاڻي گهر جو ڪم ۽ ساڳئي مشين تي مزدوري ڇليون کڻڻ ۽ ٻهاري جا ٻڪ ملندا هئا جن جو هنن جو سٺو گذارو ٿيندو هيو ان هلندڙ وقت دوران حاجي علي نواز سنڌي چار درجا پاس ڪري سگهيا.


پوءِ جڏهن ته سندس عمر 16 سال کن ٿي ته سندس والد صاحب مشين جو ڪم ڇڏي هارپ جو ڪم اختيار ڪيو جيئن ته سندس وڏو پٽ علي انور سدورو ۽ سگهو جوان ٿئي پيو پوءِ پٽن سان گڏ سرائي بچل خان جتوئيءَ جون زمينون آباد ڪرڻ لڳا ۽ ايترا ته سيبتا ۽ جوهري ڪڙمي سڏيا جو سڀڪو ساڻن ريس ڪندو هيو ۽ ڏاڍا خوش حال ٿيا. ڀلا ڏاند، مينهون ۽ ٻارهن مهينا گهران ڪڍي کائڻ هر ناري ۽ گوئن جا شوق به ڪيائون.


ان دور ۾ حاجي علي نواز جي والده به وفات ڪري ويئي پوءِ ته ان جا ننڍا ٻار ٻه نياڻيون ۽ پٽ هئا جن کي پاليندا هئا. حاجي علي نواز جيئن ننڍ پڻ کان ئي هوشيار سبيتو وفدار ۽ سو هيو انڪري سندس والد صاحب پنهنجي جيئري گهر جي هلائي چلائي جو بار سونپيو هيو.


حاجي نواز هڪ يارويس ۽ قوم پرست ننڍي کان ئي هيو. آخرڪار هن جو والد صاحب به سندس ساٿ 1966ع ۾ ڇڏي ويو. هن فاني جهان مان لڏي ويو ۽ هي سڀ ڇڙائي رهجي ويا. هاڻي بس صرف چار ڀائر خالي گهر ۾ رهجي ويا ۽ سندس جا مٽ ٻه ماما، هڪ چاچو هئا جيئن ته هنن کي مٿي ست پيڙهين ۾ ڌيءَ جو اولاد ڪنهن به نه ٿيو هيو ان ڪري رشتي داري گهٽ هئي. حاجي علي نواز جا ڏاڏا پڙڏاڏا شهر جا مالڪ هئا جن کي تقريبن چار سؤ ايڪڙ زمين هئي ۽ سندن جون گهر واريون به بروهي مينگل ذات مان هيون جن پنهنجي ئي وقت زمينون پوريون ڪيون ۽ پوين لاءِ ڪجهه به نه رهايائون حاجي علي نواز والد صاحب جي وفات بعد جلد ئي شادين جي ڪوشش ڪئي ۽ وڏي همت سان پنهنجي قوم مان وڏي ڀاءُ کي ۽ پاڻ ۽ ٽئين ڀاءُ کي به شادي ڪرايائين حاجي علي نواز باادب بااخلاف ڏاڍو مڙس لاغرز ۽ ڏو سرڪش هيو ۽ ڪن ڀٽن ڪمن جي ڪري ٻه ڀيرا جيل به ويو ۽ وڏي همت سان جيل نڀايائين ان سان گڏ هڪ وڏو وظائفي به هيو جنهن ڪري ڪا به تڪليف گهڻو وقت نه هلندي هئي جيئن اهيندو هيو ائين ٿينديو هيو جن به ڪڍندو هيو ۽ اهڙي خدا جي مهرباني هيس جو هر هڪ عزت جي نظر سان ڏسندو هو.


آخر ڏک سک ايندي خدا اهڙي مهرباني ڪيس جو بغير ثمر الل پاڪ سعودي پهچايس ۽ پهچڻ سان رب پاڪ ايغامون ڏنس ۽ وڏي مستريءَ هو جاين ٺاهڻ جو ٺيڪدار بڻيو ايتري قدر جو ڪيترائي ڏٺل اڻ ڏٺ عزيز ذات وارا وي وٽس رهندا هئا ۽ بغير ايغامي پنج پنج اٺ اٺ سال رهي خوش ٿي حج ڪري ۽ پيسا ڪمائي ايندا هئا.


حاجي علي نواز وٽ پير، فيقر، بزرگ، عالم، دوريش ڪثرت سان ايندا هئا ۽ دعوتون کائي خوش ٿي ويندا هئا ڪي مهينا سال به رهندا هئا جيئن ته حاجي علي نواز کي الله پاڪ مديني ۾ جاءِ به پنهنجي ذرخريدي ڏني هئي ۽ گاڏيون به پنهنجي سواريءَ لاءِ ڀليون هڪ ٻئي هميشه هيس جيئن ته آزاد هيو ۽ هر وقت عمرا ڪندو هيو ۽ پوري سعودي ۾ گهمندو ۽ زيارتون ڪندو رهيو. جهڙوڪ خيبر جو قلعو مدائن صالح عليه سلام اصحافي رس طائف سريف مطلب ته الله پاڪ پوري آزادي ڏني هيس.


حاجي علي نواز ٽوٽل 13 سال مديني ۾ رهيو. جن ۾ ٻه سال ڇڙو ۽ يارهين حج، پنجويهه عمرا ڪيا ۽ ٻچا به حج عمرا ڪندا رهيا ۽ پنهنجي والدين لاءِ حج عمرا ڪرائون. حاجي نواز پنهنجا ڀائر ننڍا ۽ ان هن جا بار به گهرايا جيڪي حج عما ڪندا رهيا. حاجي علي نواز کي مديني ۾ ست ٻار ڄاوا چار نياڻيون ٽي پٽ، پٽن جا نالا جي مديني ۾ ڄاوا (1) محمد عرف محمد علي (2) احمد مدني (3) راحب علي عرف غلام مرتضيٰ قل اوالاد حاجي علي نواز جا (12) زنده ۽ اولادي آهن (6) پٽ (6) نياڻيون. حاجي علي نواز مديني ۾ محمد جيئل شاهه جيلاني مرشد ورتو هيو جنهن حضور جي روضي پاڪ ۾ دعا گهري هئي ته هن حاجي علي نواز کي هتي رهائجو سو جڏهن حاجي علي نواز جا ٻار جوان ٿيا ته واپس اچڻ لاءِ ڪو رستو نه پيو ملي پوءِ جڏهن 3 مهينا روز لک صلوات پڙهيائون ۽ پاڪ ڪلام پينگهي ۾ لوڏيائون جو رستو مليو ۽ هتي اچي ويا پر اتان جا ڪمايل پيسا اتي ئي خرچ ڪري خالي هٿ آيا ۽ اچي جيڪب آباد ۾مزدوري ڪرڻ لڳا جن جي خبر سندس مرشد پاڪ سيد محمد جيئل شاهه کي پئي ته پنهنجي گاڏي موڪلي حاجي نواز کي پاڻ وٽ گهرائي (2) ڏينهن رهائي پوءِ چار مينهون ٽريڪٽر تي چاڙهي حاجي علي نواز کي چيائين مزدوري نه ڪر هنن جو کير وڪڻي گذر ڪر انهن مهينن حاجي علي نواز جا سڀ غم لاهي ڇڏيا جو نياڻين پٽن جون شاديون وغير ڪرائي پوءِ مرشد جي اجازت سان ڪراچي وڃي رهائش ڪئي.


حاجي علي نواز شاعري 74/ 1973 کان ڪندو هيو پر پوءِ جيئن مديني مان واپس آيو ته الله ۽ رسول جي شانَ ۾ لکندو هيو ۽ ٻڌائيندو رهيو ۽ چيائين ته هيءَ شاعري مرشد پاڪ جي خاص مهرباني آهي هاڻي به سندس وٽ مرشد پاڪ جا گهڻا ڀيرا آهن ۽ هن وقت هڪ وڏو سگهڙ آهي ۽ هينئر هي ڪتاب شايع ڪري رهيو آهي.


ان ڪري آءُ سندس زندگي جو هم سفر آهيان ۽ فرض سمجهو اٿم ته هن يار جي زندگي تي ڪجهه تاثرات لکان.


ڪاوش ڪندڙ

حاجي نصرالله وڳڻ

علي کبڙ












سڀ حق ۽ واسطا هٿيڪا

ڪتاب جو نالو : وڳڻ جا ويچار

ليکڪ : سگهڙ فقير حاجي علي نواز وڳڻ

مرتب : سگهڙ شاعر محمد ايوب واهوچو

ڇاپو : پهريون

ڇپائيءَ جو سال : 2006/12/25

تعداد : 1000 هڪ هزار

ڇپائيندڙ : فرزند ارجمند فقير احمد ”مدني“ وڳڻ

قيمت : 200 روپيا صرف










































قوم وڳڻ جي آباديءَ جو شجرو


جيئن ته سڀ ڪنهن قوم جو شجرو هوندو آهي، اهڙي طرح وڳڻ قوم به هڪ وڏي قوم آهي، جا آبڙا قوم جي هڪ ڇاڙ آهي. اصل وڳڻ قوم ڪنهن ڪتاب جي لکت موجب يمن مان آيل آهي، جا گهڻي قدر ضلع لاڙڪاڻه ۾ آباد آهي. جن جا ڪيترائي خاص ڳوٺ آهن جهڙوڪ محبوب خان وڳڻ، رئيس ڪريم ڏنو خان وڳڻ، بهرام خان وڳڻ، پنهوار وڳڻ، ڪيرڙو جافراڻي جهڙا ڳوٺ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهن ۽ جيڪب آباد ۾ مولاداد وڳڻ اهڙي طرح نواب شاهه ضلعي ۾ به ڪيترائي وڳڻن جا ڳوٺ آهن. ان کان سواءِ پنجاب ضلعي بهاول پور ۾ به وڳڻن جا ڳوٺ آهن. جهڙو لوڌرا اسٽيشن ويجهو حاصل والا ۽ عين وائن جي نالي سان مشهور آهن ان کان سواءِ سکر، شڪارپور، گهوٽڪي، حيدر آباد، ٽنڊو ڄام، ڄامشورو، ڪراچي ۾ به ڪافي آباديون وڳڻن جون آهن. منهنجو آبائي ڳوٺ اصل جو آهي سو ڳوٺ محبوب خان وڳڻ يعني وڏا وڳڻ لڳ عالي کبڙ رئيس ڪريم ڏني وڳڻ جو ڳوٺ آهي منهنجي پڙ ڏاڏي کي تقريبن چار سؤ ايڪڙ زمين هئي جا ناهن اسان جي پيدائش تائين پوري ڪئي جنهن جي اسان اڄ تائين سنڀال نه ڪئي آهي ته اها نيٺ ڪيئن وئي آهي. اسان جا گهر پلاٽ سڀ موجود اتي آهن ۽ اسان سڀ ڪريم ڏني جي اولاد ڪراچي ۾ آباد آهيون.

اسان جو يادگار شجرو هيءَ آهي جو والد صاحب کان مليو آهي.


سگهڙ حاجي علي نواز وڳڻ ڪراچي





















املهه انسانن جي قطار ۾ بيٺل حاجي علي نواز وڳڻ

سيد صالح محمد شاهه


سائين!

هن ڪتاب جو ” لوڪ ادب“ ۾، ياد ڪونهي، ته ڪائون نمبر آهي (منهنجو مقصد، ٽي ويءَ تي مختلف نالن سان آيل ڪچهرين ۾) مانائتن سگهڙن پنهنجو ڪلام ڇپايو، تن جو تعداد منهنجي خيال ۾ اٽڪل ويهن ڪتابن سان وڃي لڳو آهي. اها ڳالهه هر سنڌي ٻولي توڙي سنڌين لاءِ ڪو ننڍو فخر ناهي. انهن ڪتابن جو تڪڙو ڇپجڻ ئي هن پروگرام جو بند ٿيڻ سمجهان ٿو، ڇو جو پنهنجي ملڪ ۾ ”حسدُ“ جهڙو ڪر عام بيماري آهي.


اهو نٿو چئي سگهجي، ته ان جي پٺيان ڪهڙو لڪل هٿ آهي” ان لاءِ آءُ ته رڳو هيستائين ڪي دليل ڊورائي سگهيو آهيان، وڌيڪ نه، بهرحال، ڪَمُ ٿي ويو، ان بعد رقيبن کي جي اک کلي، سلسلو شروع ٿي چڪو، هاڻ ميڊيا تي پراڻو پروگرام هلي نه هلي، پرواهه ناهي، سنڌين کي رڳو گس جا پار پتا ٻڌائڻا پوندا، پوءِ ه پاڻ ذهين آهن، رڳو ڌيان ڇڪائڻ جي ڳالهه آهي. انشاءَ الله تعاليٰ هاڻ ته اهڙو سلسلو هلندو ئي رهندو. آمين


پنهنجي سڄي ملڪ جو سڄو مسئلو غربت آهي سنڌ ته انهي سلسلي ۾ اڳري آهي.


ڪتاب ڇپائڻ جي جاکوڙ به وڏي جاکوڙ آهي. پر خرچ هٿ ڪرڻ، يا بچائي، ڪتاب ڇپائڻ دل گڙري جي ڳالهه آهي. ٻيو ته اڌ جي لڳ ڀڳ ته سنگت ۾ مفت ورهئاڻ جي رسم آهي. هاڻ جنهن کي جيڪو سگهڙ پنهنجي حياتيءَ جي موڙي، ”جيڪا محنت ۽ خرچ“ جي صورت ۾ آهي، سو جنهن کان ٿي سگهي سونهاري سگهڙ کي پاڻ وڌيڪ معاوضو ڏئي ڇڏي ” جيڪي اهڙي استطاعت رکي سگهن ٿا“. اُهي، انهيءَ ۾ ڪو عيب ڪونهي ڏيڻ ۾ به ۽ وٺڻ ۾ به. منهنجي صلاح ته اها اَٿَوَ، پر جي ڪو پاڻ موکائي آهي، ته انهي تي ميار ڪانهي.


سگهڙ! اهو نه سمجهن ته اسان جيڪي ڪتاب هٿ سان ورهايا رڳو ” اهي“ پڙهندا، پر ”ڪتاب گهر“ تي رکيل هوندا، ته اُهي سڄي دنيا ۾ پکڙجي سگهن ٿا. ڇو ته سڌريل ملڪ جيڪو به ڪتاب، جنهن به ٻوليءَ ۾ ۽ جنهن به ملڪ ۾ ڇپجي ٿو، سو خريد ڪريو. اُتي سندن لائبريرين ۾ سندن ٻولين ۾ ترجمو به ڪرايو. اُن اصل جي سامهون رکن. پنهنجا جيڪي پروگرام ۾ سگهڙن فن پيش ڪيو، ان جو ترجمو، سندن ٻوليءَ ۾ ڪرائي پنهنجي ملڪ جي لئبريريءَ يا لئبريرين کي سجايو.


اها ڳالهه مون کي هڪ ذميدار تعليم يافته سنڌي ٻڌائي. ڇو جو سائنس الاجي ڪيترو اڳ کان، اُتي پهتي آهي جو رڳو ”سُئچ“ هتان ڪڍي ان ملڪ جي سُئچ ۾ هڻڻو آهي.

اها ڊيگهه ان لاءِ ڪيم، جو اسان جي گهڻن سٻاجهڙن کي انجي خبر ڪانهي.


سو، نرالا دنيا کا گهڙئو! اوهان جيڪا ڪاوش ڪئي يا خرچ ڪيو سو اجايو نه ڪيو، پر گهڻو ۽ گهڻو اوهان ٻوليءَ ۽ وطن تي ڪو ننڍڙو ٿورو ڪو نه ڪيو. بلڪه اوهان کانپوءِ جي نسلن لاءِ وڏي رهنمائي آهي. جن مٿير مردن دنيا جي ڪيترن جنهجهٽن کي منهن ڏيندي به ههرو وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪن پيا تن لاءِ ڪٿان لفظ آڻيا جيڪي ان جو نعم البدل ٿي سگهن.


اُنهن املهه انسانن سان گڏ سگهڙ حاجي علي نواز وڳڻ کي به انهن جي قطار ۾ باهري سگهان ٿو. آءُ ڪو سگهڙ ڪو نه آهيان جو هنن جو پارکوُ ٿيا، مون رڳو هن جي اندر جي خوبصورتي جو ٿورو نمونو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.


ان ڪري رب جو شڪر گذار آيان جو ڪجهه وقت هنن درويش صفت انسانن سان گهڙيون گذاريائين.


وڌيڪ، هن فن تي روشني وجهڻ منهنجي علميت کان ٻاهر آهي. مون کي حاجي صاحب ڪجهه اکر لکي ڏيڻ لاءِ چونڊيو، اهو ئي منهنجو لاءِ وڏو فخر آهي. ڪتاب تي ۽ ان ۾ لکيل صنفن تي روشني وجهڻ لاءِ ٻيو ڪتاب ٺهي سگهي ٿو. سو پڙهڻ وارا پاڻ پڙهي وري هنن محبوب سگهڙن کي خطن ذريعي کين آگاهه ڪن.


انشاءَ الله تعاليٰ آءُ به انهن ۾ هوندس آءُ ته خطن جي جوابن ڏيڻ کان لنوائيندو آهيان. جيڪي آيو سو لکي ڇڏيم. ڇو جو حاجي صاحب کي ڪهڙي خبر ته آءُ هڪرو ڪورو ماڻهو آهيان. ٻين وانگر زماني کي رڳو اٽڪل سان پيو منهن ڏيان.


....... يعني حاجي صاحب کي ناراض ڪرڻو ڪو نه هو. الله سائين الاجي ڪٿي، ڪڏهن ۽ ڪٿان ٿو وسي؟!


سيد صالح محمد شاهه

2006- 6- 18ع

21 جمادي الاول 1427 هجري

اڪادمي ادبيات پاڪستان

PAKISTAN ACADMY OF LETTERS

Ministry of Education Government of Pakistan

80/A Block- 2P.E.H.S Karachi Ph& Fax 021-4531588

سنڌ پنهنجي ادبي ورثي ۾ تمام گهڻي شاهوڪار آهي جنهن ۾ لوڪ ادب جو سلسلو ايترو قديم آهي جيتري ان جي تاريخ، سنڌ جي سگهڙن قديم زماني کانووٺي سنڌ جي ثقافت جي اهڃاڻ کي اڳيو آهي. هي اها صنفت آهي جيڪا سينه به سينه هزارن سالن کان وٺي سگهڙ پنهنجي حافظي جي بنيد تي قائم ۽ دائم رکندا اچن ٿا، ان سلسلي ۾ جلال کٽي، دادن فقير ۽ ٻيڙو ڪنڀار ۽ الله بخش مڱڻ، مريد جت ۽ واحد بخش بڙدي پنهنجي دور جا وڏا ناميارا سگهڙ ٿي گذريا آهن.


اسان جي هن دور ۾ محمد امين فقير سنياسي، محمد ملوڪ عباسي، وريام فقير، صادق فقير، هدايت علي فقير، عبدالرحمان مهيسر لقمان کوکر ۽ محمد مٺل جهتيال انهن به پنهنجي فن سان پاڻ ملهايو آهي. سگهڙن جي ان سٿ ۾ حاجي علي نواز وڳڻ جو نالو به نهايت معتبر ۽ نشانبري آهي. هن سگهڙ لوڪ ادب جي تقرين سڀني صنفن تي طبق آزمائي ڪري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.


ڪجهه شين ۾ هن اڳڀرائي به ڪئي آهي جنهن ۾ هن فارسي ۽ اردو ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، جيڪا هن جي نهايت سهڻي ڪوشش آهي. هن ڪتاب ۾ ”خواب جو خلاصو“، ”سنڌ نامو“، ”سگهڙ نامو“، ”مناظر هاري ۽ زميندار جو“، ”سرائيڪي سينگار“، هڪ خوشبودار شاعري وانگر آهن، جنهن جي مهڪ پوري ڪتابن تي حاوي آهي. عربستان ۾ گهڻي وقت رهڻ ڪري عربي زبان جي به چڱي موچاري ڄاڻ رکندڙ آهي.


هن تي عربي ٻولي قرآن مجيد ۽ حديث شريف به هڪ وڏو اثر نظر اچي ٿو جنهن جي ڪري هن جي فن ۾ هڪ وسعت ۽ خوبصورتي پيدا ٿي پئي آهي.


مون کي اميد آهي ته لوڪ ادب جي هن سچي ۽ سگهاري مسافر جو هي قدم ڪارائتو ثابت ٿيندو ۽ هن جي هاڪ ملڪان ملڪ مشهور ٿيندي.


آغا نور محمد پٺاڻ

ريزيڊنٽ ڊائريڪٽ