سسئيءَ جا سور

سسئيءَ جا سور

اديــــــــون آيا اوچتو مـــون وٽ ٿــــي مهمــــان،

ويـــهــاريم وجــود ۾ خوشــــيءَ منـــجهان خان،

مــون ٿي ڀانـــيون مون کي دهــــرا ڏيـــندا دان،

مارڻ جي مسڪين کي ڪل ڏنائون ڪان،

ڏســـو مـــون لاءِ ڏيـــرن ڇا مــــان ڪيو ڇان،

اوهين مون کي”اصغر“ چوي تنڪا ڏيو نه تان،

اصـــل مڙان آءُ نه جهوتيـــون پـــايان جبـــل ۾.

¡

اهــي آڻ الله جــن ماريو منـــهنجي مـــن کي،

انـــهن لاءِ”اصغر“ چوي ســـريو کڻـــان ســـاهه،

جـــيري مـــون جــــڏي کـــي رولــــي ويـــا راهه،

لڪن منجهه ”لاکو“ چوي قرب ڪرايم ڪاهه،

ســـج لهي ويو ســـڃ ۾ واهـــر ڪانهي واهه،

اٺ هلــــيا ويا اوچـــتو پـــرزا ڪـــري پـــاهه،

جتن منجهـــان جيــــڏيون لوڏي ڪـڍيا لاهه

ووڙينــــدي وندر ۾ سنـــديون گـــذرن مــــاهه،

اندــر واري آهه مون سلي ڪانه سڄڻ سان.

¡

اٿــــــي آڌي رات جو ســــسئي ڪـــــئي سنـــــڀار،

ڏسو ڌاڙو دوٻن ســــان هو ڪــــاهي ويــــا قـــطار،

جي گـــڏي وڃــــن ها گولي کي ته هوتن پايان هار،

ڳوڙها ڳاڙهي ڳلن تان ڪڍي پنهون لاءِ پئي پار،

رولــــي ويا رڻــــن ۾ آيــــا ڪيـــچي ٿـــــي ڪهار،

ويــــو ور ويــــچــــاريءَ جـــو تـــه ڏکــــن ڏنـــس ڏار،

ڪيـــو تـــڙن تي تنــــوار ٿي ور وارئـــي واٽ تــــان.

¡

اٿـــي آڌي رات جـــو ســـسئي جـــي ســـاري،

ته جانـب جـــت وٺـــي ويـــا وري ســـو واري،

هوتن ري هيخلي گهوڙيون ڪيئن گهاري،

دانهــون ڪـــيو درد مـــان ڏونگر ٿي ڏاري،

چڙهي جبل چوٽ تي ٿي پنهون پڪاري،

لڳيو تـن لاري اچـــي پـــئي”اصـــغر“ چـــوي.

¡

اٿي آڌي رات جو سسئي ڪـــيا ســـڏ،

پڪاريندي پنهون کي هيڻا ٿيس هڏ

جتن هن جڏي سان توڙئون ڪئي تڏ

ڌاريــان هن دوٻــــڻ لاءِ کوٽـــي ويـــا کڏ

ڦٽا ڪيائين فڪر ۾ منهه ڪکانوان مڏ

لڏو ٻڌي لڏي اٿـي ويـا ”اصـــغر“ چـــوي.

¡

اديـــون آيا اوچـــتو مـــون نه سڃاتـــا سهـــي،

ته ڪندا ڌاڙو ڌوٻڻ سان هتي رات رهـــي،

چوريءَ چاڙهي چانگن تي هو ويا واٽ وهي،

آءُ نه ويهان”اصغر“ چوي ويندس ڪيچ ڪهي،

گوڏن ڀر گهي رڙهندس انهـيءَ راهـــه ســـان.

¡

ڪافي

¡

ويا تو کان صـــنم وسري هئا جي قول جا پــارڻ جا،

رچـــا يا رنگ اٿئي راڻا مـــــون کي محبوب مارڻ جا،

سڄڻ جا سانگ ساريا مون روئي اڄ راڄ روئاريا مون،

ٿـــيا آهـــيون اســين آدي، اکــين مان آب هارڻ جا،

اشـــارن ۾ اچـــڻ جو چــئي، الائــي ڇــو نه تون آيئن،

تڪيا مون روڊ سڀ رسـتا، فقــط تــوڏي نهــارڻ جا،

اچـــي وئــي ياد اڄ تـــنهنجي، مٺـــيـــون ٻوليـــون ٿي ٻوليون تــو،

تـــڏهــن هــي واســطا توکي، وڌا پوئتي مون وارڻ جا،

لـــڳي آلـــوڙ ”لاکـــو“ چـــئي تنهنجي ديدار جي دلبر،

پياسا نيڻ اڄ ٿي پيا توکي سنگـــدل هـــي ســارڻ جا.

¡

ڪافي

واٽ وينـــدي يـــار سان اوچـــتو اکـــڙيـــون اڙيـــــون،

پر رنــو مـــون پوءِ سـاريص گڏ هو اسين جي گهڙيون.

شوخ نــظرن ســان نهــاري ديـــد دلبــر ٿـــي کڻـــي،

مان مگر هڪڙو هتي جا راڄ کان جڪتو رڙيون.

رنگ ڀريا رخسار هئا ۽ ڪا نه ڪجلين مان ڇنا،

سي ٻسٽ ويا پار ٿي بي ســـبب مـــون ســان لڙيون،

نـــاز مــان نرمــل نهـــوڙي چــپ جــڏهن چـوري ڏنا،

دل ۾ ڌڙ ڌڙ ٿــــي وئـــي ٻيـــو وڌيـــون وارن وڙيـــون.

لک پٽـــيءَ ”لاکـــو“ چـــوي گـــهور ٻيــا گهائي ڇڏيا،

سي سهن ڇـا سر مـــٿي تاب تجـــلين جـــون تـــڙيون.

خدا بچائي

عــــقل جـــي انـــڌي کـــان جــوا جي ڌندي کان

ڦاسيءَ جي ڦندي کان دڪان جي کندي کان خدا بچائي

لالــچـــي ٻـــار کـــان پـــــري جــــــي پيـــار کـــان

پوليس جي مار کان پاڻي تــار کـان خـــدا بــچائي،

لالـــچــي پيـــر کـــان سمـــنڊ جـــي سيـــر کـــان

نظر جي تيـــر کـــان کريـــل کــير کان خدا بچائي

ڀاڙيـــي جــي ڀــيل کان ڪڪڙن جي ميل کان

ڄانڀي جي تيل کان اگهاڙي کيل کان خدا بچائي

گـــڏهه جي چـــڪ کان انـــڌي جــي ڌڪ کان

ڊاڙيءَ جي ڊڪ کـان طوفاني جـــهڪ کان خـــدا بچــائي

آپــت جــي تـــڪرار کــان ڪميڻي جي ٻار کان

مــاستر جي مار کان رٺل جي يار کان خدا بچائي

ڇـــتي جـــــي لـــوهه کـــان سهڻـــي ٺـــوهه کان،

سڪڻي جي جوهه کان وارياسي روح کـــان خـــدا بـــچائي،

سوالـــيءَ جـــي ســـٽ کـــان پــراڻي مـــٽ کـــان

چـاٽيءَ جــي چٽ کــان ڀڳل کٽ کان خدا بچائي.

گندي جي گــاڙي کـــان بـــرن جــي پـــاڙي کــان

”اصـــغر“ چـــوي ڌاڙي کـــان وڌيــل ڀــاڙي کــان خــدا بچائي.

ڏهه سرن جو بيت

عـــشق اڙانـــــــگو اوکـــي چـــاڙهي ڪـــهڙو راز رکــــايو تــــو،

چاٽ چکي جنهن چاهت مان تنهن سورهيه سيس نمايو تو،

تنـــدن شـــهر تپـــايو منــگتي هن سورٽ ڪانڌ ڪهايو تو،

لـــيـــليٰ خـــاطـــر مجـــني کي هـــت بـــر ۾ ڀـــنڊ بنـــايو تـــو،

نــــــوري جـــو ٿيـــو نـــام نشـــابر تـــڙ تـــماچـــيءَ آيـــو تـــو،

مـــور لـــهي ويـــو مـــانگـــر ۾ جـــو ڀائرن سور ستـــايو تـــو،

واهـــه چنيسر ملهه مڻــين تي ڪونئرؤ کان ته ڪرايو تو،

سرڪـــي هڻيءَ چـــين چرايو جنهن کي ڪنن منجهه ڪڏايو تو،

مــــومل مـــاريا کـــوڙ مســـافر تنــــهن راڻـــو رات رسايو تو،

سسئي کي هت سورن ساڙيو جنهن جانب جت ڇنايو تو،

عــمر آندي اٺ تي ”اصغر“ تنهن لوئيءَ ڪـــين لڄـــايو تو،

ساٿ حسينڻ صابر جو هـــت ڪـــربل پاڻ ڪـــهايو تو.

عشـــق اڻـــانــــــگو واکـــي چـــاڙهي ڪـــهڙو راز کـيـــو تـــو،

چاٽ چکي جنهن چاهت مان تنهن سورهيه سيس نمايو تو.

قومي گيت نظم

ڪالهه قطاري ڪاهي هليا ڪنڌي ساڻ ڪناري ڏس،

اڄ ســــڪي ويـــا وڻ ٽـــڻ ٻيـــلا تن تي يـــار نهـــاري ڏس،

ويران ٿي ويا هي وسـتو واهڻ،

پوک پليون ۽ ٻيا سڀ گاهڻ،

ٿل ڪئـــنال به بيٺـــا ٺاهڻ،

هٿ ٻڌي اڄ سنڌ جي نياڻي پاڻي لئي ٿي پڪاري ڏس،

گوڙ ڪيون سڀ گڏجي سـارا،

لاڙ اتـــــــر ۽ ٿــــــر بـــــر وارا،

بند ٿي ويندا، پــنهنـــجا چـــارا،

ماٺ ڪرڻ مان مور نه ورندو پنهنجا پير پگهاري ڏس،

حال هوا تي ٻيـــڙي تــنهـنــجي،

ٿيڙ ڪميڻي ٿيـــڙي تنــهنجي،

پوءِ به ڏسان پيو ٽيڙي تنهنجي،

ڪو نه ڇڏيندا ڪڏهن توکي ڄام ڦاٿو هين ڄاري ڏس،

پاڻي لاءِ اڄ پـير ڏســـان ٿو،

مارو منهنجا مير ڏسان ٿو،

وهندڙ تن کي نير ڏسان ٿو،

قوم جا قاتل، ٺاهه نه ٺهندا ويل تو سان ڪنهن واري ڏس،

ماروئـــڙا ســـڀ ميـــڙي آڻـــيان،

هنـدو مســـلم ۽ ٻـــيا واڻيـــان،

چوان ته توسان ڇنڊي ڇاڻيـــان،

هـــٿ سان هـــاڻي پـــاڻ ڦٽـــائي ڳـــٽ وڌو ٿي ڳــاري ڏس،

پٽڙن تي پالــوٽ ڏســـان ٿو،

ماروئڙن جي موٽ ڏسان ٿو،

چغل توکي چوٽ ڏسان ٿو،

ديس جا دودا جلدي جاڳيان منٽ ۾ ويندئي ماري ڏس.

”اصغر“ جي مــڃ آزي نــيازي،

ڪالهه گهرايم توئله قاضي،

روح نه ٿو ٿئي تنهنجو راضي،

ڪرسي خاطر قوم ڪهائي خلقن پنهنجي کاري ڏس،

¡

ڪالهه قطاري هليا ڪنڌي ساڻ ڪناري ڏس،

اڄ سڪي ويا وڻ ٽڻ ٻيــلا تن تي يار نهــاري ڏس،

ســـڪـــل اڄ سنـــڌ مــــان ســـاري ڏســــان ٿـــو،

اڏامـــي پــــئي جنـــهن مـــان واري ڏســــــان ٿـــو،

ڳنـــڊيو ٻيـــو آهـــر ڪـــو چـــوڌاري ڏســـان ٿـو،

حڪم ڪن ٿا حاڪم نه هـــاري ڏســـان ٿـــو،

هيــــڻو جـــيـــل تـــن تـــي پـــوچاري ڏســـان ٿـــو،

ڪـــهڻ لاءِ ڪــن کـــــي تـــيـــاري ڏســـان ٿـــو،

پـــٽ پــــــيءَ پـــويـــان بـــه مـــاري ڏســــــان ٿـــو،

بـــبـــڙ بـــــاهه ڪـــــنهـــن آبـــاري ڏســـــان ٿـــو،

ڪٺل بـــي سبـــب ڪـــائي نـــاري ڏســـان ٿـــو،

قـــتل خـــون ڌاڙا اصـــغر چـــوي ڌرتيءَ مـــٿــان،

ســـهي سور ســـارا جيـــجل ويـــچاري ڏســـان ٿـــو.

¡

ڪيان اڄ ڳالهه مان ڪهڙي وڏي ويــــچار آ ڏس تون،

اڙايو ٽـــنگ آهن ويـــٺا، اهي ڪـــمـــــدار ڀي ڏس تـون،

چڙهي پيا هن ظلم تي اڄ وري ڀـــــوتار ڀـــي ڏس تـــون،

دنيـــا تي ديـــن ڏئــــي ويـــٺا، وڏا زردارڀـــي ڏس تـــــون،

وٺـــن ٿا ويـاج اڄ ٻيڻـــو جـــوا جـــا آرو ڀـــي ڏس تـــون،

هـــلن پـــيــــا ٿـــورڙا هتـــي وڏا تـــڪرار ڀـــي ڏس تون،

غـــريبن جــا بکـــيا آهـــن، ويـــچارا ٻـــار ڀـــي ڏس تـــون،

هـــڻـــائـــن روز ٿـــا ڌاڙا، اهـــي ڀـــوتـــار ڀـــي ڏس تــــون،

چـــوي ”اصـــغر“ هـــتي آهـــيان مـڙن جو يار مان خادم،

وري مــعــشوق ڪـــن ماڻــا مــٺا مـــنٺار ڀـي ڏس تون.

¡

”توتان صدقي وڃــان“

منهنجا مــور ســـڄـڻ،

شـــــهـــزور ســــڄــــڻ،

چــپ چـــور ســڄـــڻ.

توتان صدقـي وڃــان،

تو تان صدقـي وڃان.

گهنـڊ کــول ســڄــڻ،

ڪجهه ٻول سڄــڻ،

تو تان صدقي وڃان،

تو تان صدقي وڃان.

ڏي پـــــيـــار ســـڄــــڻ،

ڪــين مــار ســـڄـڻ،

منهنــجا يـــار ســـڄــڻ،

تو تان صدقي وڃــان،

تنهنجو رنــگ ســڄـــڻ،

آ دنـــگ ســــــــڄــــــڻ،

تنهنجو ڍنـــگ ســڄـڻ،

تــو تــان صدقي وڃان.

جـــاڏي پـــيــر ســڄــڻ،

تـــاڏي خــير ســــڄـــڻ،

نـــاهي مـــيــر ســـڄـــڻ،

تو تان صدقــي وڃــان.

ڪنهن ٿر ڏي ســـڄڻ،

ڪينجــهر ڏي ســڄڻ،

”اصــــغـــر“ ڏي ســڄــڻ،

تو تان صــدقي وڃــان.

ڪڏهن ايندي سڄڻ،

ڪين ويندي ســـڄڻ،

منهنجو ٿيندي ســڄڻ،

تو تان صـــدقي وڃان.

اليڪشن (سوال جواب)

¡

اڳي مــون ٿي ڀــائو ڏنــا ووٽ تــوکي،

کٽي تو اليڪشن وڌو جيل مونکي،

هــاڻي رب آ وارو مــنهنــجــو ورايــو،

تڏهن مون آ تو سان هي پيپر ڀرايــو.

¡

چوين ٿو ته هن ڀيري به وڃ هٿ کڻي تون،

آهـــين يــار منهنــجو ٿــو ڏاڍو وڻــين تــون،

ڏيــائين هــي لمبر ٿو ڪلا وڃ هڻي تون،

ائيـــن تو اڳي چـــئي هــو بـــڇڙو ڪــرايو،

تـــڏهن مــون آ تــو ســان هــي پيپــر ڀرايو.

¡

هن ڀيري به منهنجي تون ڏسجان سخاوت،

ڏينـــديس روڊ رســـتو يا ٻـــي ڪـــا اڏات،

ڪــندس روڊ رســـتو يا ٻـــي ڪـــا اڏات،

ڪــندس ايـــوان ۾ مــان تــو لاءِ بغاوت،

ڪـــندس ايـوان ۾ مــان تــو لاءِ بــغاوت.

آهــين دوســت منهنجو تون ناهين پرايون.

¡

اڳــي ويــو گـــذاري جو مــنهنجو وڏو هــو،

انهيءَ ســـان سدائـــين تنهنــجو ڦـــڏو هـــو،

تڏهين تــنهنجي سوران کنيو مون لڏو هو،

هاڻي تون بيٺو آهين اليڪـــشن هارايـــو،

تڏهن مــــون آ تــو ســان هــي پـــيپر ڀرايو.

¡

وڃين هٿ کڻي تون ته توکي ڪار ڏيندس،

تــنهنــجي ڳــوٺ تــائين تنـــڀا تــار ڏيـــندس،

ڪڏهن ڪو نه تــــوکي بجــو گار ڏيـندس،

اينـــدس کـــوڙ تـــولاءِ تـــتـــر مــان تـرايـــون،

تڏهن مـون آ تـــو ســـان هـــي پيپـــر ڀــرايو،

¡

جــــانڻ ۽ خـــانڻ به مـــون کـــي ووٽ ڏـــيندا،

ليمون ۽ ڪانڊيرو ڪيڏانهن ڪو نه ويندا،

مــــتيــــرو ۽ منٺــــار هــــــــلي پـــــــاڻ ايــــنـــدا،

اتـــگي منهـــنجو ايجـــنٽ ٿيـــنـــدو الـــهـــورايو،

تڏهــن مـــون آ تـــو ســـان هـــي پيـــپر ڀرايـــو.

¡

نه ٿـــو هـــت کڻـــين ـــپوءِ هتان تون لڏي وڃ،

خـــطو منهنجو سارو تون ڇـورا ڇـــڏي وڃـــن،

جيڪي تنهنجا ووٽر سي پنهنجا گڏي وڃـــن

نه ته اچـــان ٿـــو مـــان تـــولا مجـــاهد گـــهرايو،

تـــڏهـن مـــون آ تــــــو ســـان پيـــپر ڀــــــرايــــو.

¡

سائينم لڏو ڪو نه کڻندس تو سان ٺاهه ٿي ويو،

ايندس هٿ کڻي مان واعـــدو واهه ٿي ويو،

هـــتي مـــان بـــکن ۾ آهـــيان پـاهه ٿي ويو،

بچت ان پاڻي ڇـڏين گهـــوڙن کـــي کـــارايو،

تــڏهن مــون آ تـــو ســـان هـــي پـــيپر ڀرايو.

¡

اســــان وارا ”اصـغر“ ســـياست نه اينـدئي،

کٽـي مون اليڪشن چڱائي نه ٿيندئي،

ڏهه سال پوءِ ڀي سزا ڪانه وينديـــئي،

هتي کوڙ ماڻـــهو ڇـــڏيان مـان مارايــو،

تڏهن مون آ تو سان هــي پيـــپر ڀرايـــو.

حمد نظم

¡

ڪــٿي شــغل شــاديون ڪٿي روڄ راڙا،

ڪــٿي پــٽ پوشاڪـــون ڪٿي انگ اگهاڙا،

ڪــــٿي ظلم زاريون ڪـــٿي خون ڌاڙا،

ڪٿي چهرا چمڪن ڪٿي ٻوٿ ٻاڙا،

ڪــــٿي اڀ ۾ اڀـــريا ستـــارا ڏســــان ٿو،

عـــجب تـــنهنجا ســـائين نــظارا ڏسان ٿو.

¡

ڪٿي وسطي ويران ڪٿي پيو وسائين،

ڪــٿي مينهن پاڻي ڪٿي رت وهائين،

ڪـــٿي گـــهوٽ ڳاڙها ڳڀرو ڪهائين،

ڪـٿي ٻوڙي ٻيلا ڪٿي پيو سڪائين،

ڪـــٿي مـــندر ۽ مــسجد منارا ڏسان ٿو،

عجب تنـــهنجا ســـائين نـــظارا ڏسـان ٿو.

¡

ڪـٿي ملهه مڻيي تي چنيــسر ڪرائين،

ڪٿي سر ڏياچ ڪلهي کان ڪپائيــن،

ڪـــٿي مـــاڙي مـــومـل پيو راڻو رسائين،

ڪـــٿي ســور سسئي ڪشالا ڪٽائين،

ڪـــٿي مـومــل سهڻي ڪانارا ڏسان ٿو.

¡

ڪٿي سيرين فرهاد ٽڪر پيو ٽڪائين،

رنـــگ پـــر ۽ رانـــجهن گـــدا گر بنـــائـــين،

ڪٿي مست مجنون وليون پيو ورائين،

زليخان لاءِ يوسف پيو قيدي ڪرائيـــــن،

ڪٿي تڙ تماچـي کــي ڄـــارا ڏســان ٿـــو،

عـجب تنـــهنجا ســـائين نـــظارا ڏسـان ٿو

¡

ڪـــــٿي مـــحل ماڙيون پيو بيهي بنائي،

ڪٿي هڪ ڳڀي لاءِ پيو در در پنائين،

ڪـــٿي جـــگر ڪــنهن جا پيو ڇورا ڇنائين،

ڪـٿي پيـــٽ خـــاطر پـــيو رولو رلائين،

ڪـــٿـــي وهـــن دريـــاءَ لهــوارا ڏسان ٿو،

عجب سائين تنهنـجا نظـــارا ڏســـان ٿـــو.

¡

ڪـــٿي ســـير ٻـــيڙا پيو عرش اڪارين،

ڪٿي مير مارين ۽ ڪٿي پيو جيـــارين،

ڪٿي شعر اصغر ڪـــٿي واڳ واريـــن،

ڪٿي راتگ ڪاري ڪٿي باهه ٻارين،

ڪٿي ڪـــي ئـــي تڙپن ويچارا ڏسان ٿو،

عــــجب تـــنهنــــجا سـائين نظارا ڏسان ٿو.

12 مئي 2007 جو منظر ڪراچي ۾ قتلام

¡

هـئـــا ڪـــالهه ڪـــراچي ۾ گـــولين جا گـــهرڙاٽ،

ڪن کي سڌا ڌڪ سيني ۾ ڪي ڪنن کان ڪرڙاٽ،

ڪـــن کي لڳا ڪاپار ۾ ڪن کي ڇاتي ۾ ڇرڙاٽ،

ٻيـــــا هـــوائي هـــليا هـــت پي چـــونچـــٽ ۽ چـــرڙاٽ،

خــــــالي کـــــوکـــــا روڊ تي ڪــــن ڀونڀـــٽ ۽ ڀـرڙاٽ،

مـــــري کوڙ مســـــافر ويا سامــــهون هــــــئا ســـــرڙاٽ،

اکــــــين ڏٺا”اصــــــــغر“ چـــــوي يا ٻــارن جــــــا ٻرڙاٽ،

ڦـــڦـــڙن مان ڦــــرڙاٽ رت هــــليو پئـــــي راڻــــــڻ جو.

ســفر ڏسي سورهيه جو ڇڄي پئي ڇـــاتي،

دودن ڦاســــي ڌرتيءَ لاءِ آڳچـــيءَ ۾ پــاتي،

لاڙڪاڻي جا ليڊر ٿيا ڏس سجاول جــاتي،

ڪير هلائي پنهنجي ٿو پيرن تي ڪاتي،

هر ڪو اڄ مفاد ۾ پيـــو زور لائي ذاتــي،

ڇـــناءَ جـــني ڇـوٽ مان پنهنجا گهر ڀاتي،

سهڻيءَ هن سنڌ سان آلئـــون تنهــين لاتي،

منهنجي دل آتي اڄ انهن لاءِ”اصغر“ چوي.

¡

جـــڏهن شام ٽائـــيم ٿيو تــه بشــير خـــان

قريشيءَ جو، قافلو قاضــي احمــد پــهتو ۽

سندس تڪليف کي ڏسي، منهنجي اکين

مـــان لـــڙڪ اچـــي وـــيا دل في پئي، تڏهن هن ٻه

ســـٽون ســـندس شـــان ۾ لـــکيـــو اٿــــم

¡

التجا

پاريو پاريو پاريو تو قـــول نه هــڪڙي پاريو،

ماريو ماريو ماريو آ محب مون کي تو ماريو،

هاريو هاريو هاريو مون آب اکين مان هاريو،

ساريو ساريو ساريو اڄ ساهه اوهان کي ساريو،

تاريـــو تاريـــو تاريـــو هـن دل تي تير نه تاريو،

ٻاريو ٻاريو ٻاريو باهه نه ڪــنهن لاءِ ٻـــاريو،

کاريو کاريو کاريو نه خلق خـــدا جـــي کاريو،

ڏاريو ڏاريو ڏاريو هـــانءُ نه منـــهنجو ڏاريـــو،

گهاريو گهاريو گهاريو ڪڏهن”اصغر“ سان بي، گهاريو،

مــــارو مـــاريو مـــاريو آ قرب اوهــانجي ماريو.

ڏور جا بيت

¡

هڪ ٻن کان پوءِ هي اڄ مير آيا هن مـــاڳ تــــــي،

چــري پيـــا چورنــــگ ڌوتــــل انـــهــيءَ ڌاڳ تـــي،

ڪهڙو آهي ڪنهن جو هي ڀلا آهــي ڀـــاڳ تـــي

هن واليءَ جي واڳ تي آلولاڪ ســـڄي لاکو چوي.

حـضور اڪرم صه جن جي زماني ۾ هڪ يتيم ڇوڪرو هيو جنهن جو پيءُ ڪنهن جنگ ۾ شهيد ٿي ويو هن جي ماءُ ٻيو حق وڃي ڪيو هڪ ڏهاڙي عيد جو وار هيو جڏهن ٻيا ڇوڪرا هڪ جيڏا وهنجي سهنجي نوان ڪپڙا پائي ٻاهر آيا ته انهن کي ڏسي هي يتيم ڇوڪرو روئڻ لڳو ايتري دير ۾ حضور صه اتي اچي نڪتا ۽ ان ڇوڪري کي روئندي ڏسي پاڻ ڪريمن فرمايو ته ننڍڙا توهان ڇو ٿا روئو ان ڇوڪري جواب ڏنو ته سائين آءُ ان جي ڪري روئان ٿو جو يتيم آهيان ۽ منهنجو پيءُ جهان ڇڏي ويو منهنجي ماءُ ٻيو حق ڪيو ۽ جڏهن ان ڇوڪري کي نوان ڪپڙا پاتل ڏٺا ٿم ته مون کي به اهڙا هجن ها ماءُ پيءُ جون ڳالهيون ياد ڪري ۽ ڇوڪرن کي ڏسي مون کي روئڻ اچي ويو آهي، جڏهن پاڻ ڪريمن اها ڳالهه ٻڌي ته ان ڇوڪري کي چيائون ته توهان گهٻرايو نه ۽ آئون توهان کي نوان ڪپڙا پارايان ٿو، پوءِ ان ڇوڪري کي حضور صه جن نوان ڪپڙا اوڍايا، ڏور جو ناز پورو ٿيو.

¡

ڏور جو بيت

روشن مطاب راڄ جي هيءَ ڪامل آهي ڪئي،

مئن جئرن کي منهـن ڏئـــي ٻهـــڳڻ هـــاڻي ٻئي،

جي چــپ آڻـــي چـــورن تي تـــه راڻـــا ٿـــين رئي،

ڏاڍيءَ مٿان ڏئـــي ايزا ڏنـــو ٿـــس”اصغرچـــوي“

مراد: هڪ غريب شخص وٽ حضور صه وٽ آيو ان شخص وٽ ڪا به شي نه هئي هڪ ڪڪڙ ننڍڙن ٻچن سان سندس گهر ۾ هئي جيڪا هو ڪهي حضور صه جن جي دعوت ۾ پيش ڪئي. جڏهن پاڻ ڪريم سندس گهر پهتا ته ننڍڙن ٻچن داهون پي ڪيون ان ته فرمايو ته داهون ڇو ٿا ڪيو ٻچن وراڻيون ته اسان جي ماءُ ڪسجي وئي ان ڪري داهون ٿا ڪيون. سرور ڪائنات جن دعا گهري ۽ اها ڪڪڙ جيئري ٿي وئي. ڏور جي مراد پوري.

--------

روشن هر ڪو انسان پنهنجي مائٽ لاءِ رئندو آهي، مئا جيئرا اهڙا ڪک سڪل ۽ ٻيا سوا ۽ ٻئي پير هڻي اهي داڻا جيڪي لڪل هوندا آهن انهن کي ڪڍندو آهي.

¡

ڏور جا بيت

ٻـــڌي ڳـــالهه ٻهـــڳڻ عجيــب ڇڏيم آڻي،

وس ڪيا اٿم وڏا ٿو گهوٽ اچان گهاڻي،

هيلو هلي ڪو نه ٿو محـــب ڏيو مـــاڻي،

رس ڪيس راڻي ته لٿس بار لاکو چوي.

ڏور جي مراد

حضور صه جن جي ڪچهري ۾ هڪ ڇوڪرو ايندو هو جيڪو ٻڪريون واڙ ۾ پوري پوءِ ايندو هو. جڏهن شام جو واپس ويندو هو ته ٻڪرين ۾ کير نه هوندو هو، هڪ ڏينهن سندس ماءُ ان پٽ کي چيو ته اڄ جيڪڏهن ٻڪرين ۾ کير نه هوندو ته تنهنجي پٺن تي ڪل خل نه هوندو پوءِ به هو ٻڪريون پوري حضور صه جي ڪچهري ۾ آيو ۽ شام جو ٽائيم ٿيو ته هي اتي ويٺو رهيو. جڏهن ڪائنات جي مالڪ هن کان پڇيو ته تون ڇالائي ويٺو آهين هن حقيقت ڪري ٻڌائي ته ماءُ مون کي ڌڙڪا ڏنا آهن ان ڪري گهر نٿو وڃان.

سرڪار جن ان جي ڳالهه ٻڌي ۽ ٻڪرين تي هٿ گهمايو ته ڏهي ڏهي ٿڪجي پيا.

-----

ڀڃڻي: ماءُ پيءُ جي ڳالهه ٻڌيم ته اڄ توکي مار ملندي، وس به مون وڏا ڪيا آهن گهاڻ ٻڪرين کي ڏئي ايندو آهيان پر تنهن هوندي به کير نه هوندو اٿن توهان دعا ڪيو ته ٻڪريون کير ڪن ته مونتان هي مار لهي.

¡

ڏور جو بيت

پــــــارس کــــڻي پريءَ ســـان مخــــاطب ٿـــيو مـــير،

اهـــــو ڏنــــو انهـــــيءَ کـــــي هـــــــو وارس وڏو ويــــر،

تاراضـــــيءَ ۾ تــــــر جــــو نه ثابــــت رهيــــو ســـــير،

جنهن پڪاريو هي پير تنهن کي الڪـــو ناهي”اصـــغر“ چوي

-------

هڪ ڏينهن حضور صه جن وٽ منافق آيا چيائون ته اڌ چنڊ جو لاهه ته اسين تو تي ايمان آڻيو اهو ٻڌي فرمايائون ته چنڊ لهي ايندو، پوءِ چنڊ کي اشارو ڪيائون ته اڌ چنڊ جو لهي آيو سندن جهولي ۾ مراد.

-------

پارس هٿ پري آڱر اهو اشارو ثابت سير اڌ چنڊ جو لهي اچڻ.

جڏهن حضور صه جن هٿ مٿي ڪري چنڊ کي آڱر سان اهو اشارو ڪيو ته چنڊ اڌ کان ڇڄي حضور جي جهولي ۾ لهي آيو منافق ڏسي سڙي ويا.

مراد پوري.

¡

ڏور جو بيت

محنت سان هي ڏاڍو وير آيو آ واري تي گهوٽ ڏجان تون گهر ڙو چورنگ هن کي چاري تي هڪ ڏي ته ٻه ٿين جو لـــڳي آيو لاري تي ســـڌ پوي هن ســــاري تي آءُ به ڏسان”اصـــغر“ چوي

-------

مراد

مرحب مولا عليءَ سان جنگ ڪرڻ آيو ۽ چوڻ لڳو ته تنهنجو نالو ڇا آهي عليءَ سائين فرمايو ته منهنجو نالو علي آهي چوڻ لڳو ته مون کي ماءُ چيو هو ته عليءَ سان جنگ نه ڪجان هاڻ مان وڃان ٿو جڏهن وڃڻ لڳو ته شيطان ڦري آيس چيائينس ته تون ڪيڏانهن ٿو وڃين چيئين ته مان وڃان ٿو عليءَ سان جنگ جي ماءُ منع ڪئي هئي، شيطان چوڻ لڳو ته هيڏو سارو پهلوان آهين علي توکي ڇا ڪندو ائين چئي ان کي واپس موٽائي آيو ۽ عليءَ کي چيائين ته سائين هيڏو زور ڏئي هن کي واپس آندو اٿم هڪڙو ئي گهڪو ڏيوس ته ٻه ڳچ ٿئي.

--------

گهرڙو گهڪو تراڙ جو ٻه اڌ ٿئي جو مون شيطان جي چوڻ تي آيو آهي، مراد پوري.

¡

ڏور جو بيت

نه ڪو ڪار ڪڙميءَ جي نه هلائي ڪڏهن هر، مڌ مٽي ماڳ تان ته تونگر ڳولي تر، ڏسڻ کانپوءِ ڏيهه ۾ ڪامل کڻي ڪر، اکين ڏٺو عجيب آيو نازڪ مٿان نر، ڀورل ڏئي ڀر لائق ڪر تون لاکو چوي،

-------

هي ڏور به ٻچن واري ڪڪڙ تي آ حديث اڳين بيت ۾ وضاحت ڪري آيا آهيون ته جڏهن ٻچن جو ڳالهائڻ حضور صه جن سان ته سائين اسان جي ماءُ نه هر هلائي نه هارپو ڪري پر جڏهن رات گذري ويندي آهي ته اسان سڀني کي پويان لائي ۽ ان تر ۾ داڻا ڪڻا ڳولي کارائيندي آهي، جڏهن ڪو داڻو ڏسي ته ڪر کنيو مٿي سڀني کي سڏيندي آهي، انهيءَ جي ڳچيءَ تي چاقون وهندو ڏسي تڏهن دانهون ٿا ڪريون.

¡

گرچيلا سرائيڪي

ڪتا در تي ڀونڪدا نهين،

گهوڙا واپاري گهمندا نهين

رستا همراهه ڏيــــندا نـــهين،

ڪهو چيلا ڪيسي بات،

ڀڃي: ڀلا نهين

جــــيڪڏهن ڪــــتو ڀلو هونــــدو ته در تي

ڀونڪندو گهوڙو ڀلو هوندو ته واپاري وٺندو،

رســــتو ڀــــلو هونــــدو ته هــــمراهــــه وٺـــندو،

اگر جي اهي ٽئي شيون ڀليون نه هونديون ته،

اهي ڪنهن به ڪم جـون نه هــــونديــــون،

------------------------

هاري پوک لــڻنـــدا نـــهين،

يـــار يـــار نال هلدا نـــهـــين،

خـــاوند مـــاني کانـــدا نهين،

ڪهو چيلا ڪيسي بات،

¡

ڇڃڻي: پڪي ناهي

پوک پڪل نه هوندي ته هاري ڇا لڻندو،

سنــگت پڪي نه هـــوندي ته نه هـــلندي،

پکي وڻ تـــون اڏ دا نــــهين،

اٺ گـــــاهه کانـــدا نـــهـــين،

مـــهمان گهر ويـــندا نـــهين،

ڪهو چيلا ڪيسي بات،

ڀڃڻي: مينهن هئي، مينهن وسڻ مهل اٺ گاهه نه، کائيندو آهي، پر پکي به وڻ تان نه اڏندو آهي، ۽ جيڪڏهن مينهن وسي پوي ته مهمان به اتي ئي رهي پوندو آهي.

------------------------

چلـــهه گهر وچ ٻلندا نهين،

ڇـــــپر مـــٿي کـــڙدا نـــهـين،

همراهه شاخ ٽرپـــدا نهـــين،

ڪهو چيلا ڪيسي بات،

ڀڃڻي: ڪاٺي نهيــــن، گـــهر ۾ ڪــــاٺيــــون نه هونديون ته، چلهه نه ٻرندي ۽ ڇپر ۾ ڪــاٺي نه هــــوندي ته مــــٿي نه، بيهندو، ۽ شاخ تي به جي ڪـــاٺي نـــه هـوندي ته همراهه، ڪٿان ٽرپندو، انهـــن ٽنهن شين جــــو هـــجڻ ضـــروري آهي.

¡

ڳجهارتون

سر هير رانجهو

هو ذات ذات نالو نالو ٻولي نه ٿو،

ڀڃڻي

ذات مئا ذات ڇورا، نالو،

سوالي نالو خير، ٻولي وٺي،

جڏهن رانجهن بادشاهه جوڳين جي روپ ۾ ٿي، مرلي کڻي هير جي دروازي تي اچي سريلي آواز سان، وڄائي ته هير ٻانهيءَ کي ٿالهه ۾ خير وجهي، ۽ چيائين ته فقير کي وڃي ٻاهر ڏئي اچ، جڏهن ٻانهي خير کڻي فقير وٽ پهتي ته، فقير چوڻ لڳو ته مون کي خير راڻي پنهنجي هٿن سان ڏيندي ته قبول پوندو، تڏهن ٻانهيءَ واپس اچي هير کي چوڻ لڳي ته، حقيقت هيءَ آهي ان تي راڻي سمجهيو ته پڪ رانجهن آهي، هو مئو ڇورو سوالي خير وٺي نه ٿو.

¡

سر هير رانجهو

ذات نه ڪر ها ته نالي کي نالو نه ٿئي ها نار نالي جو،

رانجهن بادشاهه جوڳين جو روپ ڪري مرلي کڻي، هير جي در تي وڄائڻ شروع ڪيو ته هير کي پڪي ٿي، هي جوڳي نه آهي هي رانجهن بادشاهه آهي ان ڪري، وڇونءَ جي ڏنگ جو ميهه ڪري چوڻ لڳي ته مون کي، تمام سور گهڻو آهي فقير کان جهاڙ رکرايو اهڙي، نموني رانجهن بادشاهه کي هير جو ديدار نصيب ٿيو،

ڀڃڻي

مهه راڻي نه ڪر ها ته رانجهن کي ديدار نه ٿئي ها هير جو

------

ذات مهراڻي نالو رانجهن نالو ديدار نار نالي هير.

¡

ڳجهارت سر سورٺ

اونا نالا هن منهنجي نالي تي، ذات ڪر

نالو ڏي، نالو وٺي وڃ ته تنهنجو نالو ٿئي.

ڀڃڻي

نالو سوالي، نالو خاوند، ذات ڀلائي،

نالو نصير، نالو جيئرو، نالو احسان،

-----

سورٺ جو ڳالهائڻ منگتي سان، او ادا سوالي هن منهنجي خانوند تي ڀلائي ڪر نه صير ڏي جيئرو وٺي وڃ ته تنهنجو احسان ٿئي.

-------

هي ڪاٺ جو نالو تنهنجو پکي نه شهر ڪر:

-------

ڪاٺ جو تختو، نالو بختو، پکي پر مار شهر پٿورو

-------

سورٺ جو منگتي سان ڳالهائڻ:

هي تخت، هي بخت تنهنجو پر مار نه پوءِ به ٿورو تنهنجو

-------

¡

ڳجهارت سر سسئي

عضو نه پوک جي ذات مون لاءِ،

نالو رات جي ڏير ڪري ويا.

-------

ڀڃڻي

عضو دل، پوک جي پلي ذات ڪانه نالو اڱڻ رات جي اونداهي،

-------

سسئي جو ڳالهائڻ سرتين سان ته ادي:

دل پلي ڪانه مون لاءِ اڱڻ وانداهه ڏير ڪري ويا

-------

نالو تو نه ڪيو هاڻ ولايت ليکي جو نه ڪر

-------

ڀڃڻي: نالو جاڳڻ ولايت بغداد ليکي جو ٻائيتاليهه

-------

سرتيون ٿيون سسئي کي چون ته ادي

جاڳڻ تو نه ڪيو هاڻي بغداد ۽ ٻائيتال ته نه ڪر

¡

سر عمر مارئي

هن پوک جيءَ تي نالو ڪر ڪپڙي جي مان نالو ٿي ذات جن ۾ نالو ٿيان

-------

ڀڃڻي:

پوک جي ڄاڻي نالو لائق ڪپڙي جو ڪوٽ نالو آزاد ذات پنهور نالو خوشي

-------

مارئي جو بادشاهه سان ڳالهائڻ ادا عمر هن پرائيءَ ڄائيءَ تي لائق ڪر ته ڪوٽ مان آزاد ٿي پنهوارن ۾ خوش ٿيا

-------

ڀڃڻي:

ذات راهو، ٻولي رس، ذات نائي، خاڄ جو طعام

-------

مارئي عمر بادشاهه کي چوي ٿي ته اي ادا عمر جي راهن ۾ رسن ئي ها ته ماتام ڪن ئي ها مارون.

¡

ڳجهارت

آنا هن نالي تي نالو ڪر، ته هي نالو نالو نالو ٿئي

------

نالو هيمن، نالو باغ، نالو بهار

------

آ رب هن اڱڻ تي خوشي ڪر ته هي من باغ بهار ٿئي.

¡

ڏٺ ڳجهارت

ڇــــوٽي قـــد جـــي ڇوڪري ڌمڻ ڪري ڌڙڪو،

ٻچا پونس ٻئيءَ جا ڪري ڪنن سان ڪڙڪـو،

اٿاري اشــراف کي ڪـــري دل تي پئـــي ڪڙڪو،

اصـــل اتـــي”اصـــغر“ چـــوي ٿـــورو ٿـــس ٿـــڙڪــو،

ٻائيتال ڪري ٻڙڪو اوهين ڏاها ڳوليـــو ڏٺ کي.

------

ٻچا ٻئيءَ فون جا نمبر ۽ انگ اچڻ کان پوءِ ٿر ٿلو مچائي ڇڏيندي آهي جيستائين ان کي اٽيڊ نه ٿو جي ته تيستائين سمهڻ ۽ ويهڻ نه ڏيندي آهي.

------

ٻه وجهي ٻن ۾ ٽيون رکي ٽيڪ

اڳيان پويان ان تي ساريو ڏسي سيڪ ٽئي اهڙا جيڪ مون اتي ڏٺا”اصغر“ چوي.

------

ڀڃڻي: دور بيني ڊاڪٽر واري ان تي ڳجهارت آهي،

------

ٻه ڪن ٻه دور بيني جون ٽنگون ٽيون ان جو اسپيڪر،

------

مريض چيڪ ڪرڻ مهمل ڊاڪٽر کي مون ڏٺو ته هن کي ڪنن ۾ پئي هئي ۽ پوءِ مريض کي اڳيان پويان رکي بيماريءَ جا سيڪ پيو ڏسي.

شعر

¡

دردن تـنهنـــجن دلربا هيڪــــر ٻڌو هر،

صحبت تنـهنجي سپرين گهـــوٽ وساريم گهر،

پيسي عضوا پاهه ٿيا ته به دوست نه ڇڏبو در،

نوان سور ساماڻا جيئن ثابت نســـريو سر،

ڳوليان توکي ڳوٺ ۾ ٻيو تونگر سارو تر،

الله لڳ”اصغر“ چـــوي وارث ڪـــر ڪـــو ور،

مـون تان لاهيـــو مر ته حبـــيب رســــان هنڌ تي.

------

پٿر دل پــــيارا تـــون ٿيـــنــدو نـــه ڪـــر،

کولي وار ڪـــارا تـــون اينـــدو نـــه ڪر،

جهٽڪو ڏئي لامارا تون ڏيندو نه ڪــر،

مرن ٿا مسافر اڳـيان تــــنهــــنجي”اصـــغر“،

اکيون ڏئي اکـين ۾ اشـــارا تون ڏينــــدو نه ڪــــر.