نصيحت جا بيت

نصيحت جا بيت

ميا هلين ٿو مهري تون گــــورا ڇـــڏي گـــس،

جـــت تنهنـــجو آجــــوڌو ٿـــو ڏوران پڇي ڏس،

لـــڏون هڻنـــدئي لـوهه جـــون دهـــرا ڏئي دس،

هلڻ کان هلاڪ ٿي پوءِ وري ڪندي وس،

ڇڏي ڏي تون ڇوهه مـــان چـــرڻ واري چــس،

مار پنهـــنجي مســـتي کي ته راڻو ڪرئي رس،

اڇلي ڇڏ تون آڪـــڙ کي نائي پنهنــجي نـس،

مور هون توتي مس لائق ڪندو ”لاکو“ چوي.

®

مــــهري ڇـڏ مستي اڳـــيان تــــکـــو اٿــــئي تــــاب،

جــت گهمئي پيو جـــــوءَ ۾ ۽ لڻي ويــــــٺــــو لاب،

مار پنهنــــــــجي مئــــــي کي اکيـــــــن وهــــئي آب،

گوڙيون پنهنجون گم ڪر ڇڏ خوشيءَ وارو خواب،

اٿـــــــي آڌي رات جـــــو پــــــــڙه بسم الله سـان باب،

ته تـوتي نر نواب احسان ڪــــندو”اصـــغر“ چــــــوي.

تــــوڏا هــــــل نه تـــــــڪڙو اڳـــيان ســڃو اٿئي سفر،

اتي نه اينـــدئي اڳــــــيان ڪــــو تنهنـــــجو وڳ ولر،

مــــــــار پنــــــــهنجي مــــــــستي کي چـــڱو کـڻ ثمر،

سائينءَ ڪـــــــارڻ سرسو جــــــام وهــــــــائج جـــــر،

ته گــــــورا توتــــــــان گر لهي وينــــــدي لاکو چــــئي،

®

بيت

چــــــــــــون حــــــــق ثــــابت سراسر ســـــهي پــــيــــا،

وڏا بـــند ڊيــــمـــن جا ٺاهــــــــــيل ڊهــــــي پــــيــــا،

ٿيـــو چـــــــوڙ پاڻي سنـــڌوءَ جـــا ڪنارا وهــي پيا،

اٿي اڄ اتـــر کـــــان ڪـــڪر سي ڪهــــــي پيــا،

وســــــڻ لاءِ ويـــتـــــر لاکـــو چـــــــــوي لــــهـــي پـيا،

مــــنهنجا مـــڱير مــــارو ڇـــپـــر ۾ ڇـــهـــي پيــــــا،

وسيا مينـهن ڇـــوها سـڄـا پــــــٽ پـــهــــــي پــــــيا،

ساڳيــــا کـــير ماکيــــون مـــکــڻ ٿي مـــهــي پــــــيا،

ڀـــاڻن تي به ڀاڳـــيــــا پيــــــــن ڏڌ ڏهـــي پـــــــيــــــا،

ڀــــلا ڀـــــاڳ ڀايـــان مـــڙن تي ٿـــيـا مــــــــــوٽــــــي،

اسان وٽ چــــوي”اصغر“ اڄ رٺــــل به رهـــي پيــــــا.

اڄوڪن جي يــــــارن جـــي يـــــاري ڏٺي ســڱـون،

ائين وئي هلي ڄڻ ويندڙ ڪا لاري ڏٺــي ســــــون،

لڳـــو واءُ طوفان جيئن ڪا واري ڏٺـــــي ســــــون،

وري ڪـــــن غــلائون سا خـــواري ڏٺـــي ســــــون،

سنــــگـــت ساٿ پنهنـــجي به ساري ڏٺي ســــــــون،

چــــڱائي نه ڪــــنهن سان پــــر گداري ڏٺي سون،

اشــــرافـــــن لاءِ ڪــميڻن بــــــاهه ٻاري ڏٺي سون،

دگـــائـــــــون ۽ دوکـــا بــغـــض بـــاري ڏٺــي ســــون،

ســــرڻ باز پـــويـــان ســـا مـــــاري ڏٺــــــي ســـــــون،

ڪـــٺــل بــــي ســـبب ڪـــا نــــاري ڏٺي ســــون،

اهـــــو خـــــون ڪـــــيئن ٿيـــــو چــيائون ڪاري ڏٺي سون،

روئي جـــنهن جي جيــــجل ويــــچاري ڏٺـــــي سون،

ٻــــچــــن لاءِ ٻـــولي ٻــوجهـــــــاري ڏٺـــي ســـــــون،

ختـــم ٿـــــــي ويــــــو انســـــان انـڌاري ڏٺــــي سون،

هـــــلي پئــــي جــــوا جـــام جـــاري ڏٺــــي ســـون،

وٺــــــــــن ويـــاج ٽـــيڻــــو سا بازاري ڏٺـــــي ســــون،

اهــــــڙي يــار حـــــالـــت چـــــوڌاري ڏٺـــي ســـــــون،

الائي ڇو ”اصغر“ کان خلـــق کـــــــاري ڏٺي ســــون،

ڇڏيــــــائون ديــــــن وڪـــڻي دنــــــيا تي ادا تــــــن.

ماروئي جو عمر سان ڳالهائڻ

عمر مون اباڻن کان ڪانگ آيو آڪــــهي،

ســـڄي خـــبر ســـومرا مـــــون کي ڏني ســـهي،

ماروي مان ملـــير ۾ رات بـــه آيـــس رهـــي،

لک ٻڌائين لاکو چوي لاتيون مون وٽ لهي،

ته ڇيلا اتي ڇوٽ مان ٿا ڇانگون ڏين ڇهي،

ولـــــــر تنــــهنجا واڙن ۾ ٿـــا وارا ڏيـــن وهـــي،

مـــارن کــي ماتام هو هو ٺيڪ نه ويٺا ٺهي،

ڳـــوڙهـــا ڳـــاڙيو ڳلن تان پيا ڳاٽا پائن ڳهي،

قــادر تــنهــنجي ڪوٽ کي شل پـــرزا ڪري پـــهي،

مـــوٽي پـــيا ملڪ تي مارن سان ڪا مـهي،

ســـارا ســـور ســـانگين سان ٻـــول ڪيا ٻهي،

مارئڙن جا ماٽ ۾ ڏونـــئرا کائـــيندس ڏهـــي،

ڳـــوڏن ڀــر مان گهي، وڃا ويڙهـــيچن وچ ۾

------

عـــمر مــــون ابـــاڻن لاءِ رات ڏنـــو روئــــي،

جــــدا جهانگين کان ڪري تاب ڏنا توئي،

آيو ڪو نه اتان کان قاصد مون ڪوئي،

پـــوشاڪــون نه پــايان آلـــڳن تـــي لوئي،

لاهــيندس نه لاکو چوي ڏني ڌنارن ڌوئي،

سور اٿم سوئي ته وري وڃـــان وطـــن تي.

اچي ڪانگ اڱڻ تي ڪالوءِ اباڻن لات،

ساري سڌ سڻاءِ تون وائي نه ڪر ٻي وات،

آيا ڇو نه اتان کان هــئي تنـــين ڪهڙي تـــگات،

آءُ سنـــدن سڪ ۾ مـــري ٿينــدس مات،

وساري ويهي رهيا آءُ رهي نه سگهان رات،

خبـــر ٻڌاءِ خوشـــيءَ جـــي توکي ڏاتر ڏينـــدو ڏات،

ڏاڏڻن جي ڏاهو ٿي ڀـلي ڪر تـون بـــات،

انـــگا تنــهنجي ذات ســـدان ٻولي سچ کي،

------

اچي خبرون”اصـــڱغر“ چوي ڪانگ اباڻن ڪر،

وساري ويـــهي رهـــيا ڇـــــــو نه گهرايئـــون گـــهر،

اڌمـــان اٿن اندر مان جيـــئن چڻنـــگون ٻاري چر،

موٽي مـران ملـــڪ تي وڃــي ڌنـــارن جـــي در،

اچــي آب اکيـــن مان جـيئن ڇوليون ڏئـــي ڇر،

پنهنوارن جــــي پوئتي مونــــکي ڀـــلي آهــــي ڀر،

مٽيان ڪين مارن جي آءُ پوري ڪــنديس پر،

ويڙهجيچن ڏي ور شل قادر ڪري ڪرم سان،

ڪانگا تون قريـبن جـــون خبـــرون ڪــر کولي.

پنهــنوارن جـــي پار جــي تــون ٻـــيهر ڏي ٻــولي،

ويــڳاڻي وطـــن لاءِ ٿـــي ڳـــاٽ ڏيــــــان ڳـــولي،

آهـــيان آءُ ”اصـــغر“ چـــوي انهـــن جــــي اولـــي،

دولاپن رولي مونکي قـــضا آنـــدو ڪـــوٽ ۾،

------

اچــــي ڪـــانگ اباڻن جي واتان ڪر وائي،

خبرون کولي خير جون ڪل سڻاءِ ڪائي،

پٺيــان پـــهر پنهـــوارن جـــي اڃــــان نه آئي،

آهــي بــــيوس بنـــد ۾ ـــهيءَ مرڻ ۾ مــائي،

هتي عمر ڪـــوٽ ۾ ٻي طام ڏين تـــائي،

مٽيـــنديس نه مور هون پر پنهنـــجي پـــــائي،

ڏونئـــرا ڏيـــم ڏيــهه جا تـــه کوڙ وڃان کائي،

جو آهيان آءُ اصــل کـــان ڄـــارن ۾ ڄـــائي،

ساريان روز سانــگين کي ٻي سوچ اٿم سائي،

آڻيان آب اکين مان ٿـــو جر وهـــي جـــائي،

پالي آهـيان پٽـــن تي هـــت ٻـــڪراڙن ٻائي،

اهـــا ريت”اصغر“ چـــوي ڪيان زرو نه زائي،

ته ڀيڻ سڳا ڀائي ڪيئنءَ لائون لهن لـــــوڪ ۾،

وڃي ڪانگ اباڻن کي ڏي تون سو سلام،

اوهان لاءِ”اصغر“ چوي ٿي جر وهائي جام،

بيـــوس اتـــي بــند ۾ سرتيــون آهي سام،

پوشاڪون هت پٽ جون ڪڏهن ڪندي ڪام،

اٺـــئي پـــهر انـــدر ۾ ٿس ماروئڙن جي مام،

اتي عمر ڪوٽ ۾ هو طلـــبي نه ٿي طام،

راجــــا پنهنجي راڄ ۾ هڻي ويٺو هام،

کڻي آيس کوهه تان غوري مٿي گام،

ستر ٿس ستار جو ٻي ماڙ مديني ڄام،

ايئين لائون عام ڀاءُ نه لهن ڀيڻ سان.

------

ماروي تنهنجون ملڪ تي ڪيون ڳاليون ڳورن،

رهــي سگهيا ڪيـــن ڪي ٿـــي رنــــو ريــــــڍارن،

روئي پٽ پسايا هوت مورهـــون ميـــهارن،

ٻه ٻه دفعا ٻاڪاريون پئي ٻيهر ٻڪرارن،

ويـــهي رهيــا واريءَ ۾ هڻيو ڌرڻو ڌنــارن،

لک رواريون لاکو چوي ڀريا سڏڪا سنگهارن،

پڇيو پهوارن ته ويــــــچاريءَ سان ويـــل ٿـــــيو،

اٿـــم امـــيــد انـــدر ۾ ته ويـــڙهيــــچن ور ان،

ساريو سنگهارن کي پئي ڳڻتين منجهه ڳران،

کڻي آئين کوٽ سان مون کي ڌنارن در ان،

وڃـــان وري وطــــن تي جيسين ست سران،

تنهنجا طعام تڪڙا آءُ کائي ڪين کران،

آڻـــي ڏي تـــه اتان جا ٿي ڏونـئرن لاءِ ڏران،

انهن ڪاڻ”اصغر“ چوي ٿي ٻارڻ منجهه ٻران،

مٽيان ڪين مارن جي آءُ پنهنجي پت پران،

پيرون آڻي ڏي تون ادا ٿورا مون ٿران،

کـــائي ٿيان خوش ته ٺـــري پوءِ ٺــران،

------

عـــمر آءُ اباڻـــن لاءِ مـــرڳو آهيـــان مانــــدي،

ساريان روز سنگهارن کي نه ويل ويهان واندي،

آئي ڪانه”اصغر“ چوي پهر نه ڪا پـــاندي،

ٻوڙڻ کي ٻن ڏيان نه سـون ڪــيان چـــاندي،

ڀيڻ کڻي تو ســـومرا بيـــهي ڪـــئي بانـــدي،

امـر آ آندي قضا انهي ڪوٽ ۾،

عمر مون اباڻن جو پراڻو اٿم پـٽ،

ماڙيون تنهنجون سومرا مور نه ڀايان مٽ،

اچي چڙهيو ٿئي اکين تي لهئي نه ٿو لٽ،

تنهنجو ڪوٽ تڪڙو ٿي چـار ئي پاســـا چــٽ،

لاهي ڇڏ تون لاکو چوي قلبئون ڪارو ڪٽ،

ڀــاءُ تنهنجي آهيان ڀيڻ هيڪر مون کان هٽ،

مارن ڏي ملير ۾ آءُ جلــــدي وڃــان جـــهـــٽ،

ته ساهـــيڙين جو ســــٽ ڏسان وڃي ڏيـــهـــه ۾،

------

مــاروي پنهنجي ملڪ جي چڏ لاکو چوي لوڙ،

ور قبـــولين ويســـلي تـــه مـــرڪي ٻــڌان مـــوڙ،

هتي عمر ڪوٽ ۾ توکي خوشيون ڏيان کوڙ،

مــــــڇيون پـــلا ٻـــوڙ ڏيـــکاريــائيــن ڏيــــهه جـــا،

-----

لاهــه پراڻا لاکو چوي جــــــورا جتـــيون پـــاءِ،

هتي عمر ڪوٽ ۾ توکي جارو ناهــي جــاءِ،

عطر مشق انمبير کي تون لڱين پنهنـجي لاءِ،

پاءِ کڻي تون پوشاڪون هي وڳا ڪين وراءِ،

کاءُ خوشي مان کوڙ تون هــڙئي ڪين هـــٽاءِ،

مون وٽ هت مـــٽاءِ رشــم پنـــهنجي راڄ جي،

ٻوڙ کڻي ڏي ٻين کي مون کي رخي ڏي روٽي،

مارن ساڻ مـــلير ۾ منهنجو مــــرڻ ٿي مـــوٽي،

ويڙهيل اٿم وارن جي مون کي چوڙيلن چوٽي،

آڻي ڏيم”اصغر“ چوي تون لسـيءَ جـــي لـــوٽي،

خان ڇڏي کوٽي موڪل ڏي ته ملير وڃان،

------

مـــرڻ تنهنــــــجو ماروي هــتي ٿــــينـــدو هـــــــاڻ،

اچــــــي عمر ڪوٽ ۾ تــون مزا ويــــــهي مــاڻ،

اهڙي تون لاءِ”اصغر“ چـــــوي کـــــلي آهي کـــــاڻ،

مارن ڏي موٽڻ جو نـــه تنــــــدو ويــــــــهي تــــــــاڻ،

مونسان روح رهاڻ ڪر ڪا پنهنجي قرب جي،

-----

عمر ادا تنهنجون نه پوشاڪون پايان،

لــــوئي لڄ اباڻن جـــي ڀلـــي ٿــــي ڀايان،

ٿر جي واري ٿورڙيءَ آءُ لڱن سان لايان،

ويڙهيچن وڃن لاءِ ويٺـــي واجهـــايــــان،

مارن ساڻ ملڻ جا ٿي ڏانءُ مڙئي ڏايان،

انهن لاءِ”اصغر“ چـوي اداســـي آهيــــان،

ڇپر مان ڇايان م، موٽي مارن ڏانهــــن،

مارئي ۽ قاصد جو سوال ۽ جواب

خــــبر ڏي ادا تــــون ابــاڻـــا ڏٺـــا تــــــو،

پنهنوارن پٽن تي ڪي ڀاڻا ڏٺـــــا تــــو،

ســـوين ســور سانـگين سامـــاڻا ڏٺـــا تو،

رنــــــا رات مـــارو ســـي راڻا ڏٺـــا تــــــو،

ڪـــٿـــي ٿر ۾ ٿورا ٺـــڪاڻا ڏٺـــا تو،

لـــلـــر کنــڀ لاڻيـــون ۽ لاڻـا ڏٺــــا تـــــو،

الائــــي ڇــو ابـــاڻن ڇــڏيو آ وســــــاري،

هتي هيءَ بندياڻي گهڙيون ڪينءَ ساگهاري.

رنـا رات مـــارو پـــنهـــوار تـــولاءِ،

ٻاڪاريو ٻچن ٿي ٻڪرار تولاءِ،

اٿـن ياد تنهــنجي هـــــر وار تولاءِ،

ڪــيو مــيل مــارن پرچار تولاءِ،

روئن ڏينهن راتيون ريــڍار تــولاءِ،

ڪيا وس ويچارن وهنوار تولاءِ،

اتي ساريو سانگين اکين آب هاري.

هتي هيءَ بندياڻي گهڙيون ڪينءَ سا گهاري.

ادا ڏيهه منهنجي جــا ڏئونرا ڏٺــا تو،

چڱا هت چوڙيلن جا چئونرا ڏٺا تو،

اتي ڌڻ ڌنــارن جـــا ڌئـــنورا ڏٺـــا تو،

ڪيا کير مارن جي کنئورا ڏٺـــا تو،

تڏيون هت تــڙن تــي تئـــونرا ڏٺــا تو،

انهيءَ ڀـــر ڀٽــن تي ڀئـــــونرا ڏٺـــا تو،

سندن ياد منهنجو ڇڏيو هاءُ ڏاري،

هتي هيءَ بندياڻي گهڙيون ڪينءَ سا گهاري.

سڄي رات سانگي ڪڍن پار تولاءِ،

ڪـــيا ســـور ساڻا ٻـــڍا ٻـــار تـولاءِ،

هئي تن کي تازي تنهنجي تار تولاءِ،

رنـــا هـــو ٿـي راڻــــي وڻ ڏار تـــولاءِ،

کڻن ســـاهه ٿڌڙا شــوڪـــارا تولاءِ،

کٿيـــلين جـــا کوهـــن ڀر هار تولاءِ،

انهيءَ مام مارو ڇڏيا تنهنجي ماري.

هتي هيءَ بندياڻي گهڙيون ڪينءَ سا گهاري.

اتــــي راڄ راڻــا ۽ راڻيــون ڏٺـــيـــون تــــــو،

اهـــــي جايـــون ساڳـــــيون ڏٺيــون تــــــو،

وجهن من مٿي ۾ ماڌاڻيون ڏٺيــــون تــو،

سهي سور واريون سانگياڻيون ڏٺيــون تــو،

اتي ڪيئن هي راتيون وهاڻيون ڏٺيون تو،

وڏي گــــهـــرن واريــــــون وڏاڻـــــيـــون تـــو،

انهيءَ ساهه سرتين کي منهنجو تو ساري،

هتي هيءَ بندياڻي گهڙيون ڪينءَ سا گهاري.

ڪـــيا روز مـــــارن ماتـــام تـــولاءِ،

ڦٿا ڪن فڪر ۾ هر طعام تولاءِ،

اها ريت”اصــغر“ ننـــگ نـــام تــولاءِ،

ڪيـــا وس ويـــچارن هر مام تولاءِ،

ڏٺا تڙ ترايون جــهنــگ جـــام تولاءِ،

اتي هر صـــبح ۽ ڏسن شـــــام تولاءِ،

ســـڄا ڳوٺ ڳليون ٿڪاهو نهاري،

هتي هيءَ بندياڻي گهڙيون ڪينءَ سا گهاري.

¡

گفتي جا بيت

ڪميڻي جي قرب کان پري ڪر پاســــو،

دوستي رک ڌاناءَ سان تون خان ڏسي کاسو،

مڙدن جي مجلس مان مــــانه مـــلئي ماسو،

اٺئي پهر آسو رهه انهن لاءِ”اصــــغر“ چـــوي،

¡

اهـــي اچن اڱـــڻ تي جــــن ۾ ســـهڻـــو آهـــي ســـاءَ،

مڻ مٺايون مڙدن سان تــون خوشيون ڪــري کـــاءُ،

باقي ڪمــــيڻي جي قرب مـــان تـــکو مـــلنـــدو تاءُ،

توڳڻ ڪندي جي ڳهلي سان هو دلو هڻنـــدو داءُ،

لاڙو ڪر تون لاکو چوي جنهن وٽ پاڻيءَ ناهي پاءُ

دگـــــــا رکــــي دل ۾ جــــو ســــوڀلو نـــاهــــي ڀــــاءُ،

پر اهي ســــڄڻ اکـــين تــــي جيڪي چڱو رکن چاءُ،

غريبن جو غــور سان هـــو ســگهو ڪـــن ســـماءُ،

جيــڪي پـــت رکـــن پـــاڙي ـي ير انهن جو ٿي آءُ

ڀلي مرڪي تن جي ماءُ جنهن راڻا ڄڻيان راڄ ۾،

ڪـــــميڻي مـــان ڪـــڏهن نه ڀـــلو ٿـــيندو ڀير،

ٿوري گهڻــي ڳالهه تـــان گنـــدو ڪـــندو گيــــر،

اڇو نه هوندو انـدر جو رکـــي مـــرونءَ واري مـــير،

داڦيندو پيو دڳن تي جيـئن ڇـــورن ٻـــڌي ڇـــير،

ڪسر نه اچيس ڪک جي ته وڏو رکـــي ويـــر،

پري پنهنـــجا پـــير جهل انهيءَ کان”اصغر“ چوي،

¡

ڪميڻي مان ڪڏهن غضا ٿيندي ڪانه،

دوســـتي رک ڌانــاءَ سان ته دهرائي ڏيئي دان،

ڪنو هو ڪمزور کي تـــڪي هڻنـــدو تانه،

اشراف مان پوءِ”اصغر“چوي مليو وڃن خان،

هو شاهي پنهنــجا شــان رکـــن اهــــــي راز ۾،

¡

لڳي ويندي لاکو چوي جي ڪميڻي کي ڪس،

ڦـــٽائي وينــــــدو ڦـــير ســـان رهيـــل پنهـــنجو رس،

گـــلا ســـاڻ غـــريب جـــي هـــو ويتر ڪـندو وس،

ايـــذائي اشـــراف کـــي پـــوءِ گـــندو وٺـــندو گـــس،

جيڪو عيب لڪائي”اصغر“ جا جوان انهيءَ کي جس،

چـــندن واري چــس ســـو ماڻينـــدو مـــنٺار کـــان،

اندر ڪين نه اجارين باقي منهن کڻي جي ملين،

ڌوئــــي دفتـــر پنهنــــجا هــــوتن ڏي جـــي هــلين،

نفس نڀاڳو ناهر تون جيـڪر پنهنـــجو جهلـــين،

گلا غيبت ڪوڙ ڪنــي کي کوهي کڻي کلين،

اوکا راز”اصغر“ چوي جـــي ســڄڻ اڳــــيان ســـلين،

قلب ڪارو ڪلين ته ســرهــو ٿـــئي ســــوجهرو،

¡

هــــادي رک حــــياءَ ۾ داتـــا ڏي ڪـــو دان،

سنگت رکجي سالڪ سان جانچي اهڙو جوان،

ڪـــس نه کائـــيندو ڪميڻو ڀٽوڙو هو ڀان،

مڙدن منجهان مـــحل تي مـــٺو ملنـــدو مـــان،

ڪسو هت ڪمزور کي تڪي هڻندو تان،

ڀــــڻ نه جــهنــــجو ڀـــلو ســـو سنـــورو نـــادان،

بک ڀلي آهي پيٽ کي رک”اصغر“ تو ايمـان،

پر اهو ڪهڙو شان جو بناد عـوت ڀـــت تي،

وائي ڪر ڪا وات ڀلي

پکي لون لات ڀـــلي وائي ڪـــر ڪــا وات ڀــلي،

ٻارن جي آ ٻـولي ڀـــلي ڪونجن جي آٽولي ڀـــلي،

امڙ جي آ جــهولي ڀــلي جيــجل ڏني لـــولي ڀـــلي،

ســـنڌوءَ جــي آ ڇولي ڀلي معراج واري رات ڀــلي،

جــوئر کـــان آ ســاري ڀلي ٻنــيءَ جي آٻــاري ڀــلي،

ڪـار کان آ تاري ڀلي پڙهه سرور تي صلوات ڀلي،

مڇــيءَ جــي لاءِ ڄاري ڀلي ڇٻيءَ جي آ پاري ڀلي،

ميــنهن آهــي ڪـاري ڀــلي نبيءَ جي آ نعت ڀلي،

ڳالهه ڪــجي هڪ ڀلــي سهڻي جي آ سڪ ڀلي،

پــرين پــياري پــڪ ڀلي مدينـــي ڏي ڇــڪ ڀلي،

”لاکو“ چــوي لڪ ڀــلي تــن ۾ رکــجي تـــات ڀـلي،

پسئي کان آ پائي ڀلي پوک پنهنجي ســائي ڀــلي،

ســنگت اتي آئــي ڀــلي دعــوت وڃــن کائي ڀــلي،

گــهر هــلائي مــائي ڀــلي ڏاتــر ڏيــندو ڏات ڀـلي،

تنـــد کان آ تاري ڀــلي سهــڻي جــي آ ســار ڀــلي،

پـــنجن جــي پــچاري ڀـــلي مــديني ڏي مار ڀلي،

کـٽيءَ کان آ هـــارڀـــلي سيـــد جــي آ ذات ڀــلي.

¡

ماءُ جي شان ۾

¡

امڙ مون سان”اصغر“ چوي تو پيچ پڪا پاتا،

جـــيجل کـــڻي جـــهوليءَ ۾ تو ٻول ڏنـــا ٻاتا،

چـــنبڙي مـــون ٿـــي چـاهه مان ببڙا ٻئي ڌاتا،

پورا ڪيئي پاڻ ٿي جيڪي کٽل هئا کاتا،

مـــنهنـــجا انـــگل ابتـــا تـــو مـــاءُ کنـــيا ماتا،

ڌڪـــا کـــاڌم ڌوڙ ۾ تـــو لـــڱن ســان لاتا،

امـــا هـــن اولاد لاءِ هـــا نيـــڻ تنهنـــجا آتـــا،

نـــڀــــايئي نـــروار ٿـــي نيـــهن سنـــدا نـــاتـــا،

اجـــــرو تــوکي الله ڏي ڌڻـــي ڪـــــو داتـــا،

حــاڪــم هو هــاتا ڏينـــدئي جاءِ جنت ۾،

¡

امڙ اتي”اصغر“ چوي ٿو ڇـانوءَ ڪـــئي ڇــاتي،

ڪوڏاڻن سان ڪيتري تو ٻولي ڪئي ٻاتي،

روئــــــڻ مـــهــل راز ســـان ٿــي ڳـــراٽي پـــاتـــي،

ڏنـــئي پيـــار پنـــهنجو تو لئـــون کـــڻي لاتــي،

ســـمهارڻ جــي سهڻي تـــو ڄاڻ هـــئي ڄاتي،

هر هر تو جهــاتي ٿـــي اتــي ڏنئـــين اولاد لاءِ،

اهـــــڙا انــگل تـــو ابـــتا امـــڙ خـــاص کـــڻيـــا،

پائـــونـــڊر کـڻي پيار مان تو هٿن سان هڻيان،

پاتئي ڳل ڳڙاٺڙيون ڪري ٻانهون هار مڻيان،

لاهـــيان ڪــين ”لاکو“ چــــوي آءُ ڪهڙا ڳڻ ڳڻيا،

تـــوکـــي واهـــه وڻـــيا ابــتـــا آر”اصـــغر“ جـــا.

¡

لوليون ڏنئي لاکو چوي مون کي خاص کڻي،

ٻـــولـــڻ تــنهنجو ٻــاجـهارو ڪهڙي بات بڻي،

ابتي ڳالهه”اصغر“ جي هئي توکي واهه وڻي،

تو کير پياريو خوشي مان هئي مون کي گهرج گهڻي،

دڪــڙو ڏنـئي دل سـان تـو هٿن منجهه هڻي،

سينــگاريــو تـــو ســاهه ســان ڪري ڦير ڦڻي،

جـــيــجل تــوکي بـــخشي ڏي داتــا پــاڻ ڌڻــي،

تــنهنــجي قــرب ڪڻي ٿي مڻ برابر ماءُ ٿي.

¡

امڙ مـــون سان”اصغر“ چــوي تو ڪــيا قرب ڪــروڙ،

هڪدم کڻي هنج ۾ جي ڊرڪندي ڪريس ڊوڙ،

منهنجا انگل ابتا کڻــيئي خــوشي منهنــجا کوڙ،

پـــيــاري ڏنــڱئــي پيار مــان مڇــيون پـــلا ٻــوڙ،

نـــه گــلا سهيـــن گوڙ امـــان تــــون اولاد تـــــي،

¡

چڪور چريو چنڊ لاءِ

چـــــڪور تــــون چـــنڊ لاءِ چـــريو آهـــين چــٽ،

آيو تنــهنجي اکـــين تـــي تــه لهـــئي نه ٿـــو لــــٽ،

ڏســي حسن حبيب جو ته قلبئون وڃئي ڪٽ،

رهــي ڪــونه روئڻ کان پوءِ جهاتيون پائين جهٽ،

سڄــڻ سان ڪو سوــجهرو آءُ مــور نه ڀايان مـــٽ،

عجب پسي”اصغر“ چوي هت حورن ڪڊيو هٽ،

پرزا ڪرين پٽ جي هيـــڪر هلــين هــوت ڏي.

------

حـــــسن ڏسي حبـــيب جو ته پـــرزا پٽ ڪــــرين،

هيـــــــڪر هلين هوت ڏي ته واپس ڪو نه ورين،

جي چڪور ڇڪيائين چنڊ ڏي ڏوران پئين ڏرين،

داڻــــــــو ملـــــئي دلبر کان ته کائـــــي خاص کرين،

ڏســــــڻ ســـــاڻ ڏنــــدڻـجي موڳــــا هوند مـــــــرين،

رهيــن ڪـــــــو نه روئــــــڻ کان واڌو وک ڀـــــــرين،

چنــــــدن پاڻ چــــرين جــي حاضـــر ٿيئن حضور ۾،

چــــڪور تـــون چــــنڊ سان ڇنـــــڊي ڪرين ڇڻ،

هيــــڪر ڏســـين هــــوت کي ته تيڏانهن ٿيئي تڻ،

مــنهنجي مــحب مـــلوڪ ۾ مصـــريون آهن مڻ،

ٽـــــويا کــوڙ کراڙ پر هـــت پاٽـــيـــون نـــاهن پــــــڻ،

جهـــــڪن نر نــــواب پـــــــــيا اتي دلـبر اڳيان ڌڻ،

لک ڪريان هـت ”لاکو“ چـــوي کــــپر خاشـــا کڻ،

هـــل تون هوت حبيب ڏي جٿ واس وٺن پيا وڻ،

مـحبن جــــي مــرڪڻ ماري ڇــــــڏيو آ مــن کي،

------

دلبـــــر جي دربار ۾ جي پکي هلين پاڻ،

ته اصل ۽ نقل جي ڇنڊي ڪــرين ڇاڻ،

ملن ئي اتي مولا ڄاڻي مـــحبن وٽان ماڻ،

رخص ڪرين تون روبرو ڄاڻونگر ٿي ڄاڻ،

ويهي ڪــر واکاڻ اهڙي ڪـــا اسرار جي.

------

چــــڪور ڇڏي چنڊ کي ڪر دلبر جــو ديدار،

ته لــهـــئي تو تان لاکو چوي هـــڙئي غم غبـــار،

وهـــن نهرو نـــور جـــون هـــت وٿي ناهـــــي وار،

اچــئي ڪل قرار جي هيڪر ڏسين هوت کي،

چـڪور تو چـــنڊ ســـان رکي گهـــاٽ گــهڻي،

حسن مون حبيب جو ڪــــهڙي بات بڻــــــي،

ابتــــو آهي آســـمان ۾ هــي دلبـــر پــــاڻ ڌڻـي،

هن لاءِ هڪڙي رات جي پيو هيڏي حام هڻي،

آڻــــــي آب”اصـغر“ چوي ته به ويتر ڪونه وڻي،

ڪڏهن ڪو نه کڻي تون چريا بازي چنڊ کان.

------

ڪــــندو ڪـــو نه وفـــا چـــريا تـــو ســـان چـــنڊ،

جهوتيــون پائين جام تون جيئن جهجوپيسي جنڊ،

ملــئي هوند محــــبن کــــان خوشـــي واري کنــــڊ،

ڪـــڍي ڇـــڏي قـــلب مان گـــندو پنهنجو گنڊ،

مورهون لڳئي منڊ جي عجيب ڏسين”اصغر“ چوي.

------

چـــڪور توکي چنـــڊ جي ســــرسي آهـــي سڪ،

توکي چاهه چريو ڪيو ڍرڪيو ڪـــرين ڍڪ،

منهنجي ڳالهه ملوڪڙا جي هيڪر ٻڌين هڪ،

ڦڙو مـــلئي ڦـــيري ســـان جي پـــرين واري پــڪ،

اصــــل اتي”اصغر“ چــــوي لوڪان ڪرين لڪ،

ٽـــڙيو ڪـــريـــن ٽـــڪ دلبـــر جـــي دربـــــار ۾،

ڪوڙ

جٿي مون ڪلهي تي ڪـــڏايا اتي ڪــــوڙ ٿي پيو،

جٿي مون ٿي پنهنجا پڏايا اتي ڪوڙ ٿي پيو،

ڏنم پــــيار جنــــهن کي اتي ڪــــوڙ ٿي پيو،

ڪـــيم تيـــار جن کي اتي ڪــــوڙ ٿي پـيو،

ســچو ســـون چانـــدي اتي ڪـــوڙ ٿـــي پـيو،

جـــٿي دل هـــئي ماندي اتي ڪــوڙ ٿي پيو،

ڏســـان روڊ رســـتي اتي ڪـــوڙ ٿـــي پـــيو،

ڏســـان ٿــو عــدالت اتــــي ڪـــوڙ ٿـــي پيو،

اتــــــي آبـــغاوت اتـــي ڪـــــوڙ ٿـــي پـــيــو،

جـــٿي آهـــي ٿـــاڻو اتـــي ڪـــوڙ ٿـــي پـــيو،

جـــٿي راڄ راڻــــــو اتـــي ڪــــوڙ ٿـــي پـــيو،

جـــٿي ڪا سليڪشن اتي ڪوڙ ٿي پـــيو،

جـــٿي آهـــي سياست اتي ڪـــوڙ ٿـــي پــيو،

جـــٿي آ دريـــافـــت اتـــي ڪـــوڙ ٿـــي پــيو،

جـــٿي خـــون ڌاڙو اتـــي ڪـــوڙ ٿـــي پـــيو،

ســـــڄو آزار پـــاڙو اتـــي ڪـــوڙ ٿـــي پـــيو،

ڪـــٺي جـــٿي ناري اتـــي ڪـــوڙ ٿي پيو،

هلـــي جاچ ســـاري اتي ڪـــوڙ ٿـــي پــــيو،

لکان ڇـاتي”اصـــغر“ اتـــي ڪـــوڙ ٿي پـــيو،

ســـــڄو ڪـــوڙ سارو رڳـــو ڌوڙ ٿـــي پـــيو.

¡

ســــچ ويـــچار ســـورن ۾ اڄ ڪــــوڙ پــيو ڪــــاهي،

ڪــــوڙ جو ٿي ويو ڪند مٿي سچ چڙهـــيو آ ڦاهي،

سچ کي ڪڏهن ڪير نه سنبري ڪوڙ ڇڏيو ڪم لاهي،

ســـچ برابر سچ ٿيو پر ڪوڙ ڇڏيو ڪـــنهن ٺـــاهـــي،

ڪـــوڙ ته آخر ڪوڙ ئي ٿيندو اهو ڏس ڏنو ڪـــنهن ڏاهـــي،

ســـچ پـــڇان يا ســـچ ڏســـان پـــر ســچ اصل کان آهي،

ڪوڙ ۽ سچ کي ويٺو ڀيـــٽيان ڪـــوڙ بقـــا ۾ نـــاهي،

ڪوڙ چوڻ ۾ ڇـــاهي اٿـــم ارمـــان”اصـــغر“ چـــوي.

بيت

بغير ٽيــم جـــي راڳ ڇـــيڙين مـــتان،

گــــند گـــلڙن مــــٿي تون ٽڙين مـــتان،

ناڻـــو ويــاج وارو ڪـــو ميـــڙين مـــتان،

گندو گاڏي ڪنهن ساڻ گيڙين متان،

ســچي يار ســـان تون ڇــــيڙي مـــــتان،

ڏکيو بار سرتي ڪــو ريڙهـــين مـــتان،

کـــکر کــــي کڙي ســـان ڇـــيڙين متان،

سڏائي تون خادم تون هــتي خلق جــو،

ڪـني سان ڪڏهن ڀي جهڙين متان.

------

ڪــري ڳالهه ثابــت سراسر سچي وڃــــــن

ڀـــلو آهـــي ڀائو بـــرن کان بــــــچي وڃـــن

مڙداڻي مجلس ۾ تـــون امالــڪ اچي وڃ،

ڪڍي ڪوڙ ڪاوڙ تون ڪينو ڪچي وڃن،

اچـــي بار ســـرتي ته مـــٿو ڏئــي مــچي وڃ،

آهــي مهـل اينـــدي کـــوڙ مـــڙدن مـــٿان،

ماري ميس پنهنجي ڪري پهه پچي وڃ،

گـــــــهـــڙي پــــل پـــيـــارا پـــري نـــه ٿـــي،

ســــــوا تنهنــــــجي سهڻــــــا ســـري نـــٿـــي،

تنهنجي محــبت مــــن مــــان مـــري نـــٿي،

ڏنـــــيـــــڱـم دل جا واپـــس وري نـــــٿـــي،

ٻــئي وک ٻئـــي ســـان گـــڏ ڀـــري نٿـــــي،

لڳـــل باهه تنهنـــجي اجهـــامي نه”اصـــغر“،

اهـــڙي ئــــي وڌي آ جـــو ٺـــري نـــه ٿــــي،

------

اکيون تنهنجون عجيب آهن ڪجل ريءَ ڪاتيون،

مارڻ لاءِ مسڪين جي جام ڏين جهاتـــيون،

نــــگــــاهـــن نهـــوڙيــــــــون زوراور ذاتـــيـــون،

وڙيون تــو وارن جـــون پيــــچن سان پاتــــيون،

توکان ڌار دلبـــر آءُ رهــــان ڪـــين راتيـــون،

چـتون چيها چپ ۾ نه ٻوليون ڪن ٻاتيون،

ديــــدون تنــــهنجون دلـــربا ڄاڻن ٿي ڄاتيون،

تکيون تو تاتيون اڄ گهايو وجـــهن گـــور سان.

------

صـــنم پيار منهنـــجو وســـاري نه ڇڏجـــان،

ڌڪــا ڏئـــي در تان ڌڪاري نه ڇـــڏجـــان،

ويهـــان تنـــهنجي ڀـــرم ۾ اٿـــاري نه ڇڏجان،

فقــط غيـــــر منهنـــجو ويهـــاري نه ڇـڏجان،

مــنهنجو ســـاهه تو لاءِ اداســــــــي آ ”اصـــغر“،

کــــڻي شـــوخ نـــظرون نهـــاري نه ڇـــڏجـــان،

سنبـــت ڪندي سهڻا ســـال گذاريـــم ست،

گهـــــڻو سڪ ستايو آ آءُ ٻـوليون ٻوليان ٻت،

لک اوهان ڏي ”لاکو“ چوي کوڙ اماڙيم خطم،

اوٺــــي تو وٽ ”اصغر“ جا جام آيا پئي جت،

رات به منهنجي رت ٿي ڳوليو توکي ڳوٺ ۾.

------

تنهنجا شعر سهڻا ٻڌي دل ٺـــري پـــئي،

تڏهن واٽ تان هـــي وينـــدڙ وري پـــئي،

رهي وس نه پنهنجي صفا اڄ کري پئي،

ڏنـــل پيـــار تنهنجو وساريــان نه”اصغر“،

تنهنجي چاهه ۾ ٿي ويچاري چري پــئي.

-----

مـــعشوق پيار مونسا وڌائي ڇڏيو تو،

ٻٽـــو شعر پنهـــنجو ٻـــڌائي ڇـــڏيو تو،

خــــوشي کوڙ ساري اڄ ٿي وئي”اصغر“،

ڄڻ اچو طعام مون لاءِ رڌائي ڇڏيو تو.

-------

معشوق ڌاريجو سنڌ جو نوجوان شاعر آهي

معشوق سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي

¡