مولوي عبدالغفور مفتون همايوني

مولوي عبدالغفور مفتون همايوني؛ 1844ع 1918ع)؛ مولوي صاحب جي هڪ سنڌ ملوڪ ڪافي هيءَ آهي؛

تنهنجي زلف جي بند ڪمندا وڌا،

زندان هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي شاهي دستر خوان مٿي،

مهمان هزارين مان نه رڳو

ڪيئي گهائل تنهنجي گهور سندا،

مخمور غفور سُروُر سندا،

تنهنجي نور ظهور حضور سندا،

نگران هزارين مان نه رڳو.

ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا،

ڪيئي ناز مزيد مُريد ڪيا،

ري ناڻي ديد خريد ڪيا،

دربان هزارين مان نه رڳو

اي ماهه لقا محبوب مٺا،

تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،

ٿيا دامن گير امير گدا،

سلطان هزارين مان نه رڳو.

دلبر پيارا ڪر نور نظر،

تون ته سرور عالم جن و بشر،

تو تان ڪتيون تارا، شمس و قمر،

قربان هزارين مان نه رڳو.

۱۸۴۴-۱۹۱۸ نعت از مولوی عبدالغفور مفتون ھمایونی

تیرے زلفوں نے مجھے زنجیر ڈالے، قیدی ھزاروں فقط

تیرے شاھی دستر خوان پر، مہمان ھزاروں فقط میں نہیں

کئی گھایل ہوئے تیرے نور نظر سے

حضور میرے نگران ھزاروں فقط میں نہیں

تیرے انشارہ ابرو نے کئی، ناز انداز مرید کئے

تیری نظر نازاں نے کئی نامور نام خرید کئے

میرے جیسے درباں ہزاروں میں ،اے ماہ تھا محبوب تم میرے

تیرے ناز ادا پر جان فدا،ہوئے دامن گیر امری دا گدا،

سلطان ھزاروں میں، فقط میں نہیں

پیارے دلبر کر نور نظر

تو ہے سرور عالم جن و بشر

تم پر ہیں کہکشان، شمس و قمر

اور ستارے قربان ہزاروں، فقط میں نہیں

دلبر پیارے کر نور نظر

تو تو سرور عالم جن و بشر

تم پر ہیں قربان تمام شمس و قمر اور کہکشاں

فقط میں نہیں