لاکي جي لوچ

انتساب

هيءَ ڪتاب آءُ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ

جي نالي ڪريان ٿو

جن مون کي ننڍپڻ ۾ اٿڻ ويهڻ سيکاريو ۽ ڪشالا ڪاٽي

اوجاڳا اکين کي ڏيئي تڪليفون سٺيون

مسڪين ماڻهن جي مدد ڪرڻ

۽

حق سچ جي راه تي رهڻ جو درس ڏنو


سگهڙ غلام اصغر لاکو

ٽپال گهر قاضي احمد، ضلعو نواب شاه

0301-3800052

سنڌ ڌرتي ڪاملن، فاضلن پيرن، فقيرن ڏات ڌڻين جي ڌرتي آهي جڏهن کان ٻوليون جو وجود پيو قومن ۾ قبيلائي حساب سان ورڇ ٿي ته خالق اڪبر تخليق ڪائنات ۾ هر ٻوليءَ جا محافظ پيدا ڪيا. جهڙي طرح پاڻ ڪائنات جا قادر هجڻ باوجود قرآن شريف جو ضمو پاڻ تي کنيائون ارشاد ربي آهي قرآن شريف جي حفاظت ڪرڻ مون خدا جو ڪم آهي.

رب ڪائنات هر هڪ انسان تي ذميواروي قائد فرمائي آهي جنهن کي به چاهي نيڪ ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. اهڙي طرح هر هڪ زبان جا نمائندا نمودار ٿيندا آيا ۽ پنهنجي پنهنجي زبان ۾ حقيقت، معرفت، شريعت طريقيت جا پيغام خدا جي مخلوق تائين پهچائيندا رهيا. ائين سنڌي زبان ۾ عالمن مفڪرن ڏانهن ڏات ڌڻين محققن سگهڙن به حق جا پيغام ڏنا آهن ۽ اهو سلسلو قيامت تائين جاري ۽ ساري رهندو آمين.

ٻولي جي جهولي ڀريندڙ سگهڙ خاص طور تي ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ ٿين ٿا پڙهيل گهٽ هوندا آهن. پر غيبي خزانو خالق مالڪ کان مليل اٿن.

جن جون ٻوليون سهڻيون گفتا گنائتا ۽ محفل مان ڀري هوندي آهي سگهڙائپ جو عروج سنڌي جي سدا حيات سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي کان شروع ٿيو. جنهن ڪوشش ڪري سگهڙائپ جي فن کي وائکو ڪيو. جنهن ڏور، بيت، ڳجهارتن کان علاوه سينگار، ڏهس چوڻي جا بيت هي پهاڪا ناسيانا بيت هنر ثناءَ رسول صه ڪربلا جي ڪونڌرن جون قربانيون عقيقه ڪلام ڪافيون سحرفيون، مولود، مناجات هتفا، ڏينهن، راتيون، مهينا، مندون وغيره هن فن ۾ واڌاري طور ڏنيون جن کي سگهڙن اڄ تائين پنهنجي ڪچهري پيش ڪري ٻڌندڙن کان داد حاصل ڪيو آهي ۽ ڪندا اچن.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سگهڙن کي همٿايو سرڪاري پروگرامن ۾ آندو ۽ پڙهيلن ۾ هنن جي هنر کي متعارف ڪرايو بلوچ جي محنتن رنگ لاتو جو سنڌ سڄي ٻهڪي پئي ۽ سنڌ جا سگهڙ اشاعت جي پاسي اچڻ لڳا سڀ کان پهريان ڪتاب موتي مور ملوڪ جا ڇپيو جنهن جا ليکڪ استاد محمد ملوڪ عباسي جن پڻ هيا، پوءِ ڊاڪٽر صاحب جي داد ڏيڻ کان پوءِ ٻين سگهڙن به ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيو اڄ جنهن ڪتاب جو آءُ مهاڳ لکي رهيو آهيان ان ڪتاب جو خالق غلام اصغر لاکو جيڪو سڄي سنڌ ۾ پنهنجي ڏات جي مڃتا ماڻي چڪو آهي ۽ قلندر شهباز جي ميلي کان وٺي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين سنڌ سگهڙ ڪانفرنسن ۾ پنهنجو نالو ڪمائي چڪو آهي.

سندس جي هئي پهرين ننڍڙي ڪاوش ٻڌندڙن جي سامهون آئي آهي جيڪي هزارين سنڌ جا اهل علم دوست هن جي سگهڙائپ جي ٻوليءَ منجهان فيضياب ٿيندا، غلام اصغر لاکو پنهنجي دور جو انقلابي ۽ صوفياڻي رنگ کي عظيم تر ترجيح ڏيندڙ سگهڙ پڻ آهي.

هن جي شاعريءَ ۾ خدا جي وحدانيت کان وٺي مدني سرڪار جي رسالت ۽ رتبي شان مصطفيٰ صه ۾ چيل ڪلام کيس حقيقي محبت جو ثبوت آهن. غلام اصغر لاکو قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ مير محمد لاکو جنهن کي کاهه به چوندا آهن ۽ ان ۾ حاجي خان لاکي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. تعلقي سڪرنڊ يونين ڪائونسل گهرام مريءَ جو مرد نيٺ نينهن جي نياپي کي سيني ۾ سانڍي نه سگهيو عشق اڻانگي جيڪا چڻنگ ٻاريس اها نيٺ ٻري مچ ٿي قلب کلڻ لڳو ۽ محبوب جي ميلاپ لاءِ دل تڙپڻ شروع ڪيس.

آخر پنهنجي منهن گن گنائيندي چپڙا چوريندي اچي نيٺ نينهن وارن سينڍ تي ڪنهن ڪچهري ۾ ڦاٽ کاڌائين جڏهن شاعري شروع ڪيائين ته لکندڙ حيران ٿي ويا سڀني سگهڙن کان پيار پاتائين، ويتر دل درياهه مثل وهڻ شروع ڪيس ۽ شاعري پرت پوري سنڌ کي جاڳائي ڇڏيو. غلام اصغر لاکو (لاکي جي لوچ) ڪتاب ته لکيو پر هن کان علاوه ڪئي ڪتاب انشاءَ الله پنهنجي قوم کي ڏيندو.

غلام اصغر پنهنجي شاعري وسيلي وس وارن کي بيدار ڪيو آهي ته، ۽ چوي ٿو ته مظلوم بيوس ماڻهن جي مدد ڪريو غريبن جي غربت کي عيب نه سمجهو غربت ۾ غيرت سان گذارڻ افضل آهي. سنڌوءَ جي سينڌ سڪندي ڏسي چوي ٿو ته

ڪالهه قطار ڪاهي ويا ڪنڌيءَ ساڻ ڪناري ڏس،

اڄ سڪي ويا وڻ ٽڻ ٻيلا تن تي يار نهاري ڏس.

هن ۾ ڊيئمن کي رد ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته جيڪڏهن ڊيم ٺهيا ته سنڌ ڌرتيءَ سڪي وڃڻ جو خطرو آهي. ان ڪري ڀونءِ جي ڀاڳين کي جاڳائڻ لاءِ جتن ڪري ٿو. مطلب ته گفتي جي بيتن کان وٺي سينگار جي صنفن تائين پاڻ تمام سهڻي نموني موکيو ۽ ملهايو اٿس حسن جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو. ته حسن حبيبا هوش وڃايو وارن دل آوانگي زلف جا قيدي قرب جي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ٿيڻ تاءِ زلفن جي ڄار کي سينگارجي نموني ساراهين ٿا.

لاکو صاحب به ان ڪيفيت ۾ مست آهي. سگهڙائپ ۾ ست سري بيت چيا وڃن ٿا پر غلام اصغر لاکي هن ڪتاب ۾ ڏهه سري ڏئي سگهڙائپ جي فن کي نواڻ بخشي آهي. سنڌ جي اديبن جو ڪردار سگهڙن سان ماٽيلي ماءُ وارو رهيو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان پوءِ وري ٻئي ڪنهن به اديب سگهڙن کي همٿائڻ جي سگهه نه ڪئي آهي استاد محمد ملوڪ عباسي جي وڇوڙي ۽ بلوچ صاحب جي پيريءَ واري زندگي اسان کي جڏهن ٿڪائي وڌو. تڏهن وري ڪجهه نه ڪجهه آغا نور محمد پٺاڻ صاحب اسان جي پٺڀرائي ڪئي ۽ همٿايو ۽ چيائين ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو لوڪ ادب تي وڏو ڪم ٿيل آهي.

اوهان ڏات ڌڻي سگهڙ جيڪي صاحب ڪتاب آهيو. يا وري پيرسن جن پنهنجو رت ست ڏئي سگهڙائپ جي عمارت تيار ڪئي آهي هاڻي هن کي ڊاهڻ بدران سجائڻ گهرجي. ڊاڪٽر صاحب جيڪڏهن پيرسن ٿيو آهي ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي هن جا جذبا ۽ دعائون گڏ آهن. محمد مٺل تون همت ڪر تنظيم ٺاهيو ۽ هلايون سگهڙن لاءِ ڪجهه ڪري وڃجي ته بهتر ڳالهه آهي.

پوءِ اسان سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم ٺاهي جيڪا پڻ رجسٽرڊ ٿي ڪجهه غلط ڀرٿي جي بنياد تي چند ماڻهو لالچي قسم جا ڀرتي ٿيا پوءِ سڃاڻپ ڪري انهن کي تنظيم کان خارج ڪيو ويو.

هاڻي سلات جو باني ۽ سر پرست اعليٰ آغا نور محمد پٺاڻ صاحب آهي ته مرڪزي سيڪريٽري جنرل غلام اصغر لاکو آهي ۽ مرڪزي صدر جو بار مون تي رکيو اٿن انشاءَ الله تعاليٰ غلام اصغر نه رڳو شاعري ۾ پر تنظيمي ڪم ۾ پڻ مان ُ مرتبو حاصل ڪندو ۽ سگهڙن جي خدمت ڪندو رهندو.

آمين

خامد الفقراءُ

فقير محمد مٺل جهتيال

مرڪزي صدر

سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات

رجسٽر نمبر اين. ايف 84

پوسٽ آفيس باڊهه

تعلقو ڏوڪري

ضلعو لاڙڪاڻو

موبائل: 3493863-074

پيغام

سنڌ ڌرتي سوين سورمن سياڻن سگهڙن کي جنم ڏنو آهي جنهن ۾ ملهه پهلوان راڳي مولودائي، ڳائڻا، ڪامل ولي، ويراڳي، وينجهر دانشور، ديس جا دودا، دانهه، دلير، هادي، حاڪم، هنرمند، هاري، حمد خوان، نعت خوان، سالڪ ۽ سپتيا سگهڙ اچي وڃن ٿا.

منهنجي بابا ۽ سنڌ جي سدا حيات سگهڙ فقير محمد ملوڪ عباسيءَ کان وٺي ٻيڙو فقير ڪنڀار، محمد لقمان کوکر، محمد مٺل جهتيال، قائم الدين سهتو، ديدار سيال، عبدالرحمان مهيسر، محمد پناهه پياسي، راڻو جتوئي، روشن علي ڪوري، گهرام جتوئي، وريام شيخ، عبدالحليم سومرو، محمد سومر سومرو، فقير هدايت علي رڏ تائين سنڌ جي سگهڙن ٻوليءَ جي جهولي ڀريندي پاڻ ملهايو آهي. مون کي ادا محمد مٺل جهتيال ڳالهه ڪئي، قاضي احمد ۾ هڪ مڪتبر تڏي جو تونگر مهمان نواز، چوٽيءَ جو قابل سگهڙ غلام اصغر لاکو سنڌ جي ڀلن سگهڙن ۾ شامل ٿي چڪو آهي. منهنجي ملاقات کيس سان ڪامل مرشد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ميلي تي پڻ ٿي ۽ پوءِ غلام اصغر منهنجي دعوت تي وري بابا سائين جي ورسيءَ جي موقعي تي سگهڙ ڪانفرنس ۾ گهرام جتوئي سان گڏ شرڪت ڪئي محمد مٺل جي ڳالهه برابر سچي ثابت ٿي جهڙو ٻڌو سون همراهه تهڙو ڏٺو سون سون قد بت لباس، گفتگو ثابت ڪيو ته هي همراهه اڳتي هلي وڏو مچ ٻاريندو.

هينئر سندس ڪتاب لاکي جي لوچ ڇپجي قوم جي هٿن تائين پهتو آهي ۽ سندس کان اڳتي به اهڙا ڪيترا ڪتاب زوقينن تائين پهچائيندو منهنجي دعا آهي ته هي همراهه من جون مرادون ماڻي ۽ صحيح سگهڙائپ کي منظر عام تي آڻي.

قاضي احمد ۾ نه رڳو بلڪ سڄي ملڪ پاڪستان ۾ نالو ڪمائي ۽ قرب الاهي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي.

(آمين)

فقير ممتاز علي عباسي

پوسٽ آفيس باڊهه لاڙڪاڻو سنڌ

ٻه اکر

سنڌ سونهاري ڀاڳن واري جي ڀونءِ تي هزارين سوموڙ سگهڙ شاعر اديب دانشور ڏاها ڏات ڌڻي قومي اڳواڻ پير فقير درويش پئيدا ٿيا جن پنهنجي قلم علم عقل ڏاهپ ۽ ڏاءُ سان پاڻ مڃايو جن جو نالو بري صغير ۾ ايترو ته قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو جيئن سون مٿاهون سهاڳو. انهن نالن جي صنف ۾ سگهڙ غلام اصغر لاکو به هڪ آهي.

جنهن لوڪ ادب جي ميدان ۾ پاڻ سٺو مڃايو آهي. هي ڏات ڌڻي ڀلوڙ سگهڙ آهي جنهن پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ سان سگهڙائپ جي هر صنف کي چنڊ جان چمڪايو اٿس هن کي ڏور، بيت ڏٺ، پرولي، ڳجهارت، گرچيلو ڏهس، سينگار، پهاڪن تي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ سٺو عبور حاصل آهي.

جيڪو ريڊيو، ٽيليويزن ادبي ثقافتي هر پروگرام پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري اڻ ڳڻيا ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي. هي نامور سگهڙ غلام اصغر لاکو سگهڙ سان گڏ هڪ وڏو محبت وارو مڙس ۽ اوطاقي جوان آهي. جيڪو قاضي احمد شهر ۾ هر هفتي پندرهين تي سڄي سنڌ مان سگهڙ ۽ ڪچهرين جا مچ مچائيندو آهي. سگهڙن جي رهائش ۽ ماني جو بندوبست سٺي نموني ڪندو آهي.

هي مهمان نواز سگهڙ گفتي جو امير مان ڏيندڙ ۽ مان وٺندڙ سٻاجهو سلڇڻو سگهڙ آهي جنهن جي محبت صدين تائين دل ۾ سانڍڻ جهڙي سوکري آهي هي سچ گويو سگهڙ هميشه سچ ڳالهائيندڙ ۽ واعدي جو پڪو انسان آهي. منهنجي ڏيٺ هن هر دل عزيز سگهڙ سان هڪ سنڌ جي ڀلوڙ سگهڙ محمد مٺل جهتيال جي معرفت سياحت کاتي جي رچايل هڪ پروگرام ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي جنهن پهرين ملاقات ۾ مون کي محبت سان موهي وڌو بعد ۾ قرب جون ڪچهريون ٿينديون رهيون.

اڄ سندس جي ڪاوش مان ڪجهه ڪڻن تي مشتمل ڪتاب لاکي جي لوچ اکين آڏو آيو آهي تنهن تي ٻه اکر لکڻ آءُ فرض ٿو سمجهان لوڪ ادب تي لکيل ڪتاب لاکي جي لوچ لوڪ ادب ۾ هڪ سٺي واڌ آهي مون کي اميد آهي ته اوهان سنڌ واسين ۾ ته هي ڪتاب لاکي جي لوچ پڙهي هن ڪتاب کي مانائيتي موٽ ڏيندا ته جيئن هي سگهڙ وري جلدي اهڙي ٻي سوکڙي سنڌ واسين کي مهايا ڪري آءُ سگهڙ غلام اصغر لاکي کي هن ڪتاب (لاکي جي لوچ) لکڻ تي لکين واڌايون پيش ڪريان ٿو ۽ دعائون ڪريان ٿو ته الله تعاليٰ شال هن سپورنج سگهڙ کي خضري حياتي عطا فرمائي جيئن هي لوڪ ادب ۾ اڃان بي واڌارو ڪري.

( آمين)

فقير محمد لقمان کوکر

پوسٽ تعلقه نصير آباد

ضلع قمبر شهداد ڪوٽ سنڌ

سنڌ سڃاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات

سڀني پيارن پڙهندڙ کي اطلاع ......

سنڌ جي سر زمين پيار ۽ امن جي سر زمين آهي. جنهن جي وک وک تي تمام سهڻا ۽ پيار ڪندڙ ماڻهو موجود آهن. غلام اصغر لاکو به نئين ٽهي جو بهترين سگهڙ آهي جنهن جو هي ڪتاب مان پاڻ ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪيو آهي.

غلام اصغر لاکو اهڙو ته سهڻو سگهڙ آهي جو سندس فن لکي مون کي به ڏاڍو دلي سڪون مليو. منهنجو ۽ مون جهڙن ڪيترن ئي ماڻهن جو من ٺري پوندو. هي سهڻو سنڌي سگهڙ نه رڳو ٻول پر قول جو به سچو آهي.

غلام اصغر لاکو تمام گهڻو محنتي سگهڙ آهي اهو ئي سبب آهي جو پاڻ تمام مختصر عرصي ۾ محنت ڪري هن ڪتاب کي پيش ڪيو اٿس.

دعا آهي ته غلام اصغر لاکو اڃا به گهڻي ترقي ڪري ۽ سندس ڪتاب هڪٻئي پٺيان ايندا رهن.

ڪتاب ڪمپوزنگ ڪندڙ:

امان الله ڄاڄوهو

ڳوٺ پير بخش ڄاڄو,

ديهه 14 داد ضلع نوابشاه

لاکا! لک لهين .....

سنڌي قوم دنيا جي انهن خوشنصيب ۽ ڀاڳوند قومن منهنجا هڪ آهي جنهن وٽ نه رڳو پنهنجو سگهارو تهذيبي ۽ ثقافتي ورثو آهي، پر اهي لوڪ ادب سان به نهايت ئي مالا مال آهن. سنڌي ٻوليءَ جو لوڪ ادب هر حوالي سان تمام گهڻو شاندار سنڌي ٻوليءَ جو لوڪ ادب هر حوالي سان تمام گهڻو شاندار ادب آهي جنهن کي ٻڌندي ۽ پڙهندي ان جو پاڪ (ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ) پاڻ کي خوابن جي رنگين ۽ حسين وادين ۾ گهمندي محسوس ڪري ٿو.

سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ جديد ادب ۽ شعر وسخن سان گڏ سنڌ جي لوڪ ادب خاص طور تي لوڪ شاعريءَ کي به هڪڙو پنهنجو ۽ خاص منفرد (درجو) حاصل آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ شاعري جتي ٻوليءَ جي ميٺاح جي حوالي سان ماکيءَ جهڙي مٺڙي ۽ جڙاوت جي لحاظ کان هيرن جي نولکي هار جهڙي سهڻي ۽ زيبائتي آهي، اتي اها معلومات ۽ ڄاڻ جي بيشمار گوهرن سان به ڀرپور آهي.

سنڌ جي سگهڙن جا گفتا اهي نصيحت ڀريا نقطا آهن جن منعيٰ ۽ مفهوم جا انيڪ درياءَ وهندي نظر اچن ٿا، حمد هجي يا نعت، ڏٺ هجي يا ڏور، ڳجهارت هجي يا گرچيلو، سينگار هجي يا بيت، ڏسهس نامو هجي يا ٽيهه اکري، هنر هجي يا پهاڪو. پر سنڌي سگهڙ جو فن ٻڌبو يا پڙهبو ته واهه واهه ٿي ويندي.

سنڌ در اصل آهي ئي سهڻن، سچن، سٻاجهڙن، ساڃهه وند ۽ سگهڙن جو ديس، جنهن جي چپي چپي تي تمام گهڻا سهڻا ماڻهو موجود آهن. جلال کٽيءَ، حمل فقير لغاري، سانوڻ فقير، دادن فقير، شيطان فقير، حافظ محمد بخش خاصخيلي، محمد ملوڪ عباسيءَ کان وٺي اصغر لاکي تائين ڪيترائي املهه ۽ مور ماڻهو هن سونهاري سنڏ جي سينگار جو حصو آهن.

اصغر لاکو سنڌ جو تمام سهڻو ۽ نوجوان سگهڙ آهي جنهن سان منهنجي ڏيٺ ويٺ ۽ دوستي کي ڪو وڏو وقت ناهي ٿيو پر تنهن هوندي به مون کي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ آئون سندس جنم جنم جو ڄاڻو سڃاڻو آهيان. درياءَ جي ڪنڌيءَ ، ڪچي جو هي ڳوٺاڻو، سادڙو ۽ سٻاجهڙو سنڌي سگهڙ مٿي تي سنڌي ٽوپي، وڏو ٽوال ڪلهي تي، ملندو ته سارو ٿڪ لهي ويندو.

اصغر لاکو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ ڪونڌر مڙس آهي. اهوئي سبب آهي جو جنوري 2005ع کان پاڻ هر پندرهين ڏينهن هڪ نه ٻئي آچر تي سنڌ جي مشهور باغ، ناز باغ قاضي احمد ۾ ناز باغ ريسٽورينٽ جي پارڪ تي سگهڙ جي پندرنهن وار ڪچهري ڪرائيندو آهي جتي ڪيترائي اڃارا اچي سگهڙن جي آب حيات جهڙن گفتن، نقطن، لفظن ٻولن ۽ قولن سان پنهنجي اڃ اجهائيندا آهن.

سگهڙ ته هونءَ به سئو سگهڙ، سهڻي گهڙ، گهڙن وارو ماهر آهي جنهن جي خيال ۽ ڏات جي مهارت تي ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. اصغر لاکي وٽ به اهڙي ئي ڏات ۽ اهڙو ئي فن آهي. جنهن کي ٻڌي اصغر لاکي سان اڃان به گهڻي محبت ٿي وڃي ٿي.

اها اصغر لاکي جي ڏات ۽ فن جي ڪماليت ئي آهي جو هن تمام ٿورڙي عرصي ۾ تمام گهڻي محبت، مڃتا ۽ مقبوليت سان گڏ ڪيترائي سرٽيفڪيٽ، ايوارڊ، انعام، سنڌي اجرڪ، ڪلام پاڪ ۽ ٻين ڪتابن جا تحفا ماڻيا آهن.

مون پنهنجي دوستيءَ جي مختصر عرصي ۾ اصغر لاکي سان ناز باغ قاضي احمد جي ناز ريسٽورينٽ جي باغيچي ۾ ويهي رهاڻيون به ڪيون آهن ته ساڻس گڏ سماٽ ۽ ساجد علي هوٽل جي چانهه جون چسڪيون به ڀريون آهن، مون ساڻس گڏجي حيدر آباد جون شامون به ڏٺيون آهن ته جون ۽ جولاءِ ۾ نواب شاهه جون شديد گرميون به برداشت ڪيون آهن. مٺياڻيءَ جي پروگرامن جو مزو به ورتو آهي ته سڪرنڊ جي جهانگير هوٽل تي چانهه جي پيالي ۽ پيپسي پي سگهڙن سان به ڪچهري ڪئي آهي.

اصغر لاکو نهايت ئي يار ويس، محب وطن، بهادر ۽ باڪ، خود دار، سخي ۽ اڻ موٽ مرد مومن آهي. هي پنهنجي سڀاءَ ۾ ماکيءَ مصريءَ ۽ کنڊ پتاشن جهڙو مٺڙو ماڻهون آهي.

دعا آهي ته منهنجو هي دوست پنهنجي فن ۾ اڃا به گهڻي ترقي ڪري ۽ محبت ۽ مڃتا ماڻي. مون کي اميد آهي ته اصغر لاکي جي ڪلام جو پهريون مجموعو ”لاکي جي لوچ“ ماڻهن ۾ سچ، ساڃهه، شعور ۽ سجاڳيءَ واري سوچ پيدا ڪندو ۽ مون کي اها پڻ قوي اميد آهي ته مجموعو ”لاکي جي لوچ“ سنڌي لوڪ ادب ۾ ضرور پنهنجي منفرد حيثيت ماڻيندو ۽ پڙهندڙن جي دلين جي ڪنهن ڪنڊ ۾ جاءِ ضرور جوڙيندو.

معشوق ڌاريجو

مرڪزي خزانچي سنڌي ادبي سنگت سنڌ

موبائل: 3093780-0300

ٻهراڙيءَ جي سونهن جهڙو سگهڙ

غلام اصغر لاکو

شام جي مڌ ۾ خماريل جهيڻي روشني هميشه منهنجي سوچ کي افلاڪ ڏانهن ڇڪي ويندي آهي، منهنجي هونءَ به گهڻي ڀاڱي خيالي منظرن، تصورن ۽ وهامندي رهي آهي. شاعراڻي مزاج جو هئڻ ڪري مون دنيا ۾ زندگيءَ کي پهرين پيار وانگي پر لطف پاتو آهي وقتي پريشانيون، اذيتون، پنهنجن جا تلخ رويا به ساڻ رهيا آهن پر بقول ڪنهن شاعر دوست جي ته مان هر ملندڙ زخم کي دل بجاءِ جسم تي کڻي وٺندو آهيان.

۽ اهڙي ريت منهنجا جذبا سلامت رهندا آهن ۽ انهن جي سلامتي ڪنهن نه ڪنهن شعر جو سبب بڻجي ويندي آهي. ........ ۽ جڏهن منهنجي پهرين ملاقات هن شعر جوڙيندڙ سان ٿي هئي ته مون کيس سطحي نگاهه سان ڏسي پنهنجي ڪم تائين محدود رکڻ چاهيو پر هن جي ڳالهين ۾ تخليقي صلاحيتن سان گڏ ٻهراڙيءَ جي زنده دليءَ واري بي لوث محبتن مون کي هن ڏانهن مائل ڪيو پوءِ ساڻس ملاقات جو سلسلو ڪنهن ڪپر مٿان لهرن جيان رهيو آهي ۽ هن سان هر ڀيري ملندي ئي مون کي وسيم سومري جو شهر ياد اچي ويندو آهي.

اکـــين ۾ کڻي هـــي نظارن جـا سپان،

ڪٿان پيو اچين شاعريءَ جا مسافر.

هي بنهه سادو سٻاجهڙو شهر جي روشنين ۾ جيئندڙ ماڻهن کان بنهه مٽ اهو ئي سبب آهي جو هي نٿو ڄاڻي ته رشتن ۾ چالاڪي ڪيئن ٿيندي ۽ ڪنهن کي ڪوڙو دلاسو به ڏبو آهي ”لفظ سگهڙ منجهان مراد آهي ڄاڻو پارکو هنر من اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي سگهڙ حلقي سان وابسطه سمورا فرد گهٽ تعليم يافته سادا ۽ ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ رهيا آهن بظاهر نظر ايندڙ اٻوجهه ۽ اڻ ڄاڻ پر جڏهن اسٽيج تي پهچندا آهن ته حيرت جون سموريون سرحدون سندس حافظي علم ۽ ڄاڻ تي پوريون ٿي وينديون آهن.

سندن صفن ۾ اڪثر ڪري ديني واقعن ۽ حديثن جو تذڪرو وڌيڪ شامل هوندو آهي ۽ اسان سان گڏ سماج ۾ ٿيندڙ سمورن واقعن جو رد عمل اهو 36/35 سالن جو ڳڀرو جوان جنهن کي سگهڙ جي نالي تي پنهنجي اقراري سڃاڻپ حاصل آهي، کيس غلام اصغر لاکو ڪري سڏيو ويندو آهي.

ڳوٺ ۾ جنم وٺڻ ڪري اوطاقن ۾ ٿيندڙ ڪچهرين منجهه راڳ، ڳجهارتن ۽ بيتن جي اثر، سحر کيس ايترو ته سوگهو ڪري ورتو جو پاڻ به لکڻ شروع ڪيائين. انهيءَ سفر منجهه کيس ڳچ عرصو ٿيو آهي انهيءَ سفر دوران ان هن پنهنجي سگهڙ سان وابسطه سمورين صنفن تي طبعي آزمائي پڻ ڪئي آهي.

جنهن ۾ ڏور، ڳجهارت، هنر، سينگار، ڏٺ، عام چوڻيون ۽ هڪ اکريا بيت شامل آهن. ڏٺ بقول سگهڙ جي ته ان مهل ئي ڪنهن شي کي ڏسي ٺاهي وٺبو آهي. سندس هڪ ڏٺ جيڪو ڊاڪٽر جي دور بينيءَ تي ٺاهيل آهي.

ٻه وبهي ٻن ۾ ٽيو رکي ڏسي سيڪ،

ٽئي اهڙا جيڪ اتي ڏٺم اصغر چئي،

۽ هڪ ڳجهارت پڻ شامل ڪيان ٿو.

ڳجهارت:

آنا لاهن نالي تي نالو ڪر،

ته هي نالو، نالو، نالو ٿي.

ڀڃ: نالو عارب، نالو اڱڻ، نالو هيمن، نالو خوشي نالو باغ نالو بهار.

وضاحت: آرب هن اڱڻ تي خوشي ڪر ته هي من باغ بهار ٿي.

نالو عارب، نالو آرب، نالو اڱڻ، هن اڱڻ تي

نالو هيمن، هي من.

نالو خوشي، خوشي ڪر

نالو باغ، بهار ٿئي.

نالو بهار.

جڏهن ته دنيا ائٽمي خمار جي ور چڙهيل آهي جيڪر شهور جي اک سان ڏسجي ٿو ته هر روپ منجهه ڪنهن نه ڪنهن قسم جو فساد نقشو جڙيل نظر اچي، پيار، قرب، دوستي ۽ رشتيداري ڄڻ ته ڪتابي ڳالهيون هجن ۽ اهڙي سنگين دور ۾ اهڙا غلام اصغر جهڙا ماڻهو به موجود آهن جن وٽ هر شيءِ جو تقدس سندس وجود منجهان پگهر نما اڀرندو رهي ٿو.

جنهن جي تصديق سندس وجود منجهان پگهر نما اڀرندو رهي ٿو. جنهن جي تصديق هر پندرنهن روز ناز باغ ۾ سگهڙ ڪچهري آهي. سندس فن جي عيوض کيس کوڙ سارا اعزاز حاصل آهن. جن منجهه سرٽيفڪيٽس، شيلڊز ۽ ٻيو ڪافي ڪجهه آهي. اسان جون نيڪ تمنائون ۽ دعائون ساڻس گڏ آهن.

پروين شاڪر جي هن سٽن ساڻ ته:

تيرا پهلو تيري دل کي طرح آباد رهي،

تجهه په گذري نه قيامت شب تنهائي کي.

ڄام آدرش

قاضي احمد P/o شوڪت ڪالوني انڙ آباد

Date:

پنهنجي پاران

دنيا جو ڪو به فن عشق ۽ چاهه کانسواءِ ممڪن ئي نه آهي، لوڪ شاعري پوءِ اها ڪهڙي به صنف ۾ ڇو نه هجي پر منهنجو عشق آهي ۽ مون پنهنجي ان عشق ۽ ڏات کي تڪميل رسائڻ لاءِ ۽ ڏينهن رات جيڪي جتن ۽ هيلا ڪيا آهن سي ”لاکي جي لوچ“ جي صورت ۾ اوهان جي اکين جي آڏو آهن.

آءُ پنهنجي باري ۾ اوهان کي آگاهه ڪندو هلان ته مون 1970ع ۾ حاجي خان ”لاکي“ جي گهر ڳوٺ مير محمد لاکو (کاهه) ۾ جنم ورتو منهنجي ٻالڪپڻ جا ڏينهن درياءَ جي ڪنڌيءَ سان آباد ڪچي جي علائقي ۾ چڻن ۽ مٽرن جا ڦوٽا ۽ ڦريون ڪائيندي مال چاريندي، ماکيون لاهيندي رانديون ڪندي گذاريون ۽ جڏهن سمجهه ڀريو ٿيس ۽ پنهنجي ڳوٺ جي اوطاق ۾ پنهنجي وڏڙن جي واتان باهه جي مچ تي قرب ڀريون ڪچهريون، ڳجهارتون ڏٺيون ٻڌيون منهنجي به دل ۾ آيو ته آءُ به انهن ڪچهرين جو حصو بڻجا ائين آهستي آهستي ڪجهه ڳجهاريون ڏور ۽ بيت لکڻ شروع ڪيا,منهنجو اهو چاهه تمام گهڻو پراڻو ۽ ننڍپڻ جو آهي پر مون لوڪ ادب جي دنيا ۾ باقاعده 1988ع کان پير پاتو ۽ اڄ ڏينهن تائين بناءَ ڪنهن ساهيءَ کڻڻ جي سوچي، لوچي ۽ لکي رهيو آهيان لوڪ شاعري جي حوالي سان مون استاد غلام جعفري لاکي کان رهنمائي حاصل ڪئي ۽ سندس ڪرم نوازيءَ سان مون جيڪي به رنڍا روڙيا آهن سي اوهان جي سامهون آهن.

سگهڙ پائي جي هن فن ۾ ڪيترائي سڄڻ ساٿي منهنجا همسفر ۽ ٻانهن ٻيلي رهيا جن ۾ سگهڙ گهرام خان جتوئي، سگهڙ ڀائي خان جتوئي، سگهڙ محمد سليمان ڪيريو، سگهڙ مولا بخش چانڊيو، سگهڙ محمد حسن چهواڻ، سگهڙ غلام سرور کيڙو، سگهڙ علي اڪبر لنڊ، سگهڙ محمد اشرف لانگاهه، معشوق ڌاريجو ۽ ٻيا کوڙ سارا گهڙ مون لاءِ ٿڌي پاڻيءَ جي گهڙي وانگر رهيا آهن.

۽ سنڌ ڌرتي تي هر دل عزيز ماڻهو به الله تعاليٰ جا خلقيل آهن نه رڳو پنهنجي لاءِ پر ڪنهن غريب جي اڃ کي اجهائڻ جي ڪوشش ڪندا اهن. انهن ۾ آغا نور محمد پٺاڻ صلاح ڏني ان تي جيڪي منهنجي سمجهه ۾ آيو ۽ اوهان سڄڻن مان آغا صاحب جو تمام نهايت شڪر گذار آهيان جن هيڏي وڏي مون تي مهرباني ڪئي آهي ۽ هي ڪتاب سندن جي مدد سان ڇپجي رهيو آهي ۽ مان سڀني سگهڙن ۽ دوستن جو تمام وڌيڪ شڪر گذار آيان جن منهنجي رهنمائي ڪئي.

سگهڙ غلام اصغر

شاعري

حمد ثناءِ

يـا خــــدا مــــان ڇا لــــکان هــر رات تنهــــنجي ثنــاءِ،
مسجـد انــدر مومـــن پـڙهن مـــحلات ۾ تنهنجي ثناءِ،
ملڪن ڪئي آ عرض تو سڀ تات ۾ تنهنجي ثناءِ،
آڌي عــصر پوئــين پهــر پر ڀات ۾ تنـــهنــجي ثنـــاءِ،
شــاعر لکـــن هر شـــعر ۾ ســـا ڏات ۾ تنهـــنجي ثناءِ،
بلبل مٺي ڪــوئل ڪــئي هر بات ۾ تنهنجي ثناءِ،
پاڻيءَ انـــدر هـــر لهر ڪـــئي آلات ۾ تنـــهنجي ثناءِ،
ميــنهـــن ۾ ۽ ڏينهـــن ۾ برســـات ۾ تــنهـــنجي ثناءِ،
مظلوم ڀي هر هر پـــڙهن فـــڪرات تنهـــنجي ثـــناءِ،
هر ساهه کي آ سوڙهه ۾ سڪرات ۾ تنهــنجي ثـــناءِ،
جـــهڙ ڦـــڙ اندر کوڻين ڪئي تجلات ۾ تنهنجي ثناءِ،
ڇا هـــتي”اصـــغر“ چـــوي شـــان تنـــهنـــجو آ مـــٿي،
فرقان ڀي ڪـئي آ مـــگر درجات ۾ تنهـــنجي ثـــناءِ.
يـــا خدا روڊ رســـتي ڇا مـــگر هــر ور ۾ تنهنجي ثناءِ،
عرـش تي ۽ فـــرش تي هـــر گهـــر ۾ تنـــهنجي ثنـــاءِ،
ٿـــي هلـــي هـــر روز پئـــي هـــن تــگر ۾ تنهنجي ثناءِ،
وڻ ڏار ۾ هـــر پـــــــار ذر ذر ۾ تنـــهنــــــجـي ثـــنـــاءِ،
ڇا لــکي ”لاکو“ سگــهي هن ڀــر ۾ تنهنجـــــــــي ثــناءِ،
هـــر نـــبيءَ آهــت ڪــئي مــحشر ۾ تنهــنجي ثــناءِ،
او رحـــم وارا رحـــم ڪـــر تـون هن گنگهارن مٿان،
هــــر عـــلـم ۽ بــــاب ۾ زيــر زبــر ۾ تـــنهنجي ثنـــاءِ.
يا خـــدا مان ڇـــا ڏســـان هـــر ديس ۾ تنــهنجي ثناءِ،
تنهنـــجو ثـــاني ڇا مـــگر هـــر ويس ۾ تنهــنجي ثناءِ،
تنهنجي ڪورٽ آ اچي هر ڪيس ۾ تنهنجي ثنــاءِ،
پــوک ۾ ۽ ٻار ۾ هـــر پيـــس ۾ تـــنهنــــجي ثنــــــاءِ،
هــن دنيـــا دستـــور ۾ هر رئيـــس ۾ تـــنهنجي ثنـــاءِ،
ڇا لــکي ”لاکو“ ســـــگهي پرديــــس ۾ تـــنهنجي ثناءِ،
مـــان ته هـــڪڙو ڇا هـــتي هـــر پـــڙهي انســـان ٿـو.
شهر جي بازار ۾ ڪالين ۽ کيس ۾ تــنهنـــجي ثـــناءِ.

v

جي ڪنڌ ڪهن ٿا ڪات کي تون لئون تنهين سان لاءِ،

اجـــرو ڪــري انـــدر کي پـــوءِ اڳــــــــــتي وک وڌاءِ،
درد تنـــهنجــــا دور ٿيـــندا پـــاند ڳـــچيءَ ۾ پـــــــــاءِ،
اونـــهو راز ”اصـــغر“ چـــوي ٻين کـــي تـــون نـــه ٻڌاءِ،
هـــر دم هـــلبو هــيٺ ٿــي تـــون سينــو هـــڏ نه ساءِ،
پــــــاڻ کـــــــپاءِ ته ٿــــــــئــي مـــاڙ مـــحـــــشـــــــر ۾،

v

نــــــوڙت ۽ نـــيـــچ ســــان هــــيٺـــائــــين وٺـــي هـــل،

محـــنت جـــو مـــزدور کـــي آ پـــرور ڏيـــنــــدو پـــل،

انـــدر کـــي تـــون”اصـــغر“ چــوي هڻ ڍولڻ اڳيان ڍل،

گهـــوڙو تنـــهنجو گـــور آ جــــام چـــري پيـــو جـــل،

ڏيـــنس لـــغام ”لاکـــو“ چوي ٿو ڪنو کائي ڪـل،

تـــڪڙو وجهينـــس تل تـــه ســـرهو هلي ساٿ سان،

v

گـــهــــڙيـــــون ڌار تــــــوکـــان گـــذاريـــان ڪـــٿـــي،

تنــــهنــــجــــــو نـــام ســـهڻـــو نـــهاريـــان ڪـــٿـــي،

اچـــڻ جــــو اســــان تـــي ڪـــر احـــسان”اصـــغــــر“،

ايـــنـــديــــن واٽ ڪـــهــڙي ٻـــهاريـــان ڪـــٿـــــي،

يا خـــدا مان ڇــا لـــکان پــاڪـستان ۾ تنهنجي ثناءِ،

سنـڌ ۽ پنجـــاب، ســرحد، بــلوچستان ۾ تنهنجي ثناءِ،

مـــڪو مـــدينو ۽ مـــصر، مـــلتان ۾ تـــنهنجي ثناءِ،

هـر دنيــا انـــدر هـــلي هندســـتان ۾ تنهـــنجي ثـــناءِ،

چــيـــن ۾ ۽ روس ۾ افـــغانستان ۾ تـــنهنــجي ثـــناءِ،

قل نبين آهي ڪئي هر شــان ۾ تنهنـــجي ثنـــــــــاءِ،

هـــر ننـــڍي جـــي وڏي دگـــران ۾ تـــنهنجـــي ثنـــاءِ،

هـــتي انبيـــائن ۾ هـــلي سلـــطان ۾ تنـــهنجي ثــناءِ،

مـــاٺ ۾ مـــوج ۾ هـــر مـــستان ۾ تـــنهنـــجي ثناءِ،

ڇا لکي لاکو سگـهي هـــت ايـــران ۾ تنهنـــجي ثنـــاءِ،

هـــــر گـــل چـــــمن پـــوپـــــٽ پـــڙهن ٿـــا ڇا مـــگر،

ڪائنـــات جـــي هـر مـــيدان ۾ تـــنهنـــجـي ثـنــــاءِ.

نعت شريف

اي ادا مــــومـــن پــــڙهــــو صــــلوات ڄـــام ٿــــــي،

خد خدا آهـــي مڪي هت پاڻ پرور ڄـــام تـــــي،

نعـــت ۾ ۽ تــات ۾ ۽ ســـو ڀـــيرا هــــڪ رات ۾،

دل چـــيو پرهنــدو رهان محبوب مــنور ڄــام تي،

ســـاهه ۽ راهــــه ۾ هـــن ديـــس جــــي ڌريــــاءَ ۾،

ٿــــــو پڙهي عرشـــن مـــٿي الله انـــور ڄـــام تــــي،

شان ۾ هـــــر مــــــان ۾ ۽ آسـڄي قـــــــرآن ۾،

ڪي پڙهن ظاهر مٿي ڪي دل ۾ دلبر ڄام تي،

صبح ۾ ۽ شام ۾ آ رب جي پاڪ ڪلام ۾،

ٿا پــکي لاتـــيون لـــون اظـــهار اظـــهر ڄــــام تي،

پوک ۾ هت ٻـــار ۾ ســـمنڊ جـــي هـــن پــار ۾،

بيت وايون لک غزل تون شعر”اصغر“ ڄـــام تـــي

¡

نعت شريف

اي ادا مومن مــٿي ڏس مصـــطفيٰ جـــو نـــام آ،

آ سڄو هت شاهدي ۾ رب مڪو ته ڪلام آ،

عـــــرض تـــي آذان ۾ آ پــڪو فرمـــان ٿـــيـــو،

ٿـــي پڙهيـــو حــورن مــٿان ڄـمندي آيو ڄام آ،

نـــبي عـــالـــم پڙهــــن ادب ســــان اڌ رات جـــو،

ڇا سندس ساراهه ۾ هــي نام پرڪـــو نـــام آ،

هت قبولينـــدو خدا مون غـــزل مـــسڪين جا،

مون به ورتـــي آ مـــگر هـــن دوسـت واري دام آ،

مــاڙ مـــحشر ۾ مـــڙين تي صدقي سرور جي ٿئي،

هـــيءَ دنـــيا ”اصــغر“ چــوي اکــين جــــو آرام آ،

ڇــا لـــکي ”لاکو“ سگهي نعت عـــربيءَ ڄــام تي،

اتحيات ۾ کيـڪار ٿي رب جــو هيءَ پــيغــام آ.

¡

نعت شريف

اي ادا مــــومـــن پــــڙهــــو صــــلوات ڄـــام ٿــــــي،

خد خدا آهـــي مڪي هت پاڻ پرور ڄـــام تـــــي،

نعـــت ۾ ۽ تــات ۾ ۽ ســـو ڀـــيرا هــــڪ رات ۾،

دل چـــيو پرهنــدو رهان محبوب مــنور ڄــام تي،

ســـاهه ۽ راهــــه ۾ هـــن ديـــس جــــي ڌريــــاءَ ۾،

ٿــــــو پڙهي عرشـــن مـــٿي الله انـــور ڄـــام تــــي،

شان ۾ هـــــر مــــــان ۾ ۽ آسـڄي قـــــــرآن ۾،

ڪي پڙهن ظاهر مٿي ڪي دل ۾ دلبر ڄام تي،

صبح ۾ ۽ شام ۾ آ رب جي پاڪ ڪلام ۾،

ٿا پــکي لاتـــيون لـــون اظـــهار اظـــهر ڄــــام تي،

پوک ۾ هت ٻـــار ۾ ســـمنڊ جـــي هـــن پــار ۾،

بيت وايون لک غزل تون شعر”اصغر“ ڄـــام تـــي

¡

نعت شريف

اي ادا مومن مــٿي ڏس مصـــطفيٰ جـــو نـــام آ،

آ سڄو هت شاهدي ۾ رب مڪو ته ڪلام آ،

عـــــرض تـــي آذان ۾ آ پــڪو فرمـــان ٿـــيـــو،

ٿـــي پڙهيـــو حــورن مــٿان ڄـمندي آيو ڄام آ،

نـــبي عـــالـــم پڙهــــن ادب ســــان اڌ رات جـــو،

ڇا سندس ساراهه ۾ هــي نام پرڪـــو نـــام آ،

هت قبولينـــدو خدا مون غـــزل مـــسڪين جا،

مون به ورتـــي آ مـــگر هـــن دوسـت واري دام آ،

مــاڙ مـــحشر ۾ مـــڙين تي صدقي سرور جي ٿئي،

هـــيءَ دنـــيا ”اصــغر“ چــوي اکــين جــــو آرام آ،

ڇــا لـــکي ”لاکو“ سگهي نعت عـــربيءَ ڄــام تي،

اتحيات ۾ کيـڪار ٿي رب جــو هيءَ پــيغــام آ.

سينگار

واه وڏائــــڱي واحد جي ٻي ڪنهن کي ناهي ڪل،

ٺاهي ڇڏيائين ٺاهه سان سائيــــــــــنءَ سڀ سهڻــــــل،

ڪڱـڪر ڪيس ڪلهن تي ٻيا ڳارها ڳل ڳتل،

اکيون تن عجيب جون ٿيون کوهيون لاهـــــــــن کل،

وار ورائي سينـــــــــــڱڌ سواري اهــــڙي ڏين اڇــــــــل،

جــــاڙا ڀرون جــــــوت مـــــنهنجان اتي ڏيـــــــــــن اٿل،

موهيو مارهيو مــرڪيو ڇـــرڪ ڇـــڏائين ڇـــل،

ديدون دلبر روبـــــرو ڄــڻ ڪهري ڪا نه ڪجل،

لک ڪيرائين ”لاکو“ چوي ٻيا ڦاهــــــيءَ ۾ ڦاٽــــــل،

پر مـــــــــٽ ڀايائون مورئـــــــون منهنجي مــحب مٺل،

نيڻ کــــــڻي جي ناز منجهان ته ســــــاوا ٿين سڪل،

جنهن کي لڳا جانــب جا ٿيـــــــا سيني منجهان سل،

ڀــــــرن واري ڀــــــــل مـــــاري ڪيئن مستان ڪيا.

¡

هيرا موتي حيرت ۾ پيا مـــــــحب ڏنو جي مـــرڪي،

پوپـــٽ پاڙا پيـــش پريـــن جي ڀونئر به آيا ڀــــرڪي،

هينڊل هاٿـي هونـــش وڃــائي ڇال ڀري ويا ڇرڪي،

جي مـــــلائڪ ديوءَ پريون ۽ حورون جي دل هرڪي،

مور مٺـــــــو سڀ ماهيءَ ڏي ڪوئل آئي ڪرڪي،

ڪــــــوئج ڪبوتر آڙي تاڙي ڊيل سڄڻ ڏي ڊرڪي،

اچن سڀئــــــــي”اصغر“ چـڱوي ٻيا سائين ڏي سرڪي،

گوهر ڏي گهرڪي ٿيا لک سلامي ”لاکو“ چــــــــوي.

دلبـــــــــر واري ديـــــــدن مان نـــــــڪتا تير تــــڦنگ،

واهه واري پيـــــــا واري سـان مــــــــاريون مــــير لنگ،

لفظن مان لالون نڪتيون، چـريا چاهت چنـــــنگ،

زلـــف زنجيـــــرون قابو ڪـــڙيل ڏور ان مارن ڏنــــگ،

مرگهه مري پيا آهو اڊلي جهر ڇـــــڏي ويـا جهنـــگ،

مرڪــــي موهـــيو ماري مون کي ٻانهن واري ٻنگ،

مور مٺـــو پيا مونجهاري ۾ ڪونجون ڪرڪن ڪنگ،

نيڻ نشيـــــــلا ڀونـــــئر ڀرون وا ڊولـــــــــڻ ماهي ڊنگ،

ڪاڪل ڪارا ڪيس ڪاريهر اهڙا آهن انگ،

لک ڪـيرا يان ”لاکو“ چــــــوي وارن واري ونــــــگ،

راڻي ڏســــــــيا رنـــــــگ حســـــــن پاڻ حبــــيب جا.

¡

تون سڄن تون سهڻو تنهنجي هر هند آهي هاڪ،

حبيب تنهنجي حسن منجهان چڪا آهن چاڪ،

سائين چـــوان سچ ٿو هـــيءَ ڪانــــهي محب مزاق،

اچي مــــــــــــنهنجي اڱڻ تي پير گهـــــمائين پـاڪ،

لهـــي وڃـــن ”لاکــــــــــــــو“ چــــــوي درد فــــيارڪ.

ڏيـــان جـــاءِ جــــيءَ ۾ اکـــيون ڪـــري اوطـــاق،

اچـــي هونــــد ”اصـــــغر“ ڏي نه ٿـــورا ٿـــين ٿـــاڪ،

مون تي اڄ مشتاق جي احسان ڪرين اچـــڻ جـــو.

حســـن حبـــيبان هـــونش وڃـــايو وارن دل آ ونــگي،

چوي چپڙا چاهه منجهان ان ڊول ڏســـي ويو ڊنـــگي،

ڪڪر ڪارا ڪيس ڪلهن تي ٻــاڻ هــڻي ويا ٻنــگي،

ولــــڙا وار وريــــــام جـــا هــــــو راول آهـــن رنـــگي،

بلبل ڪوئل ٻولن نه ٻولي جام جهڪن پيا جنگي،

عليهر تليهر خير حسن جو مـــحبــن کان ويا مـــنگي،

هـــينـــڊل مــينـــڊل اڌ گــر آهون توڙ ڇڏي ويا تنگي،

ننگ اسان جـــو اصـــغر چـــوي نرمـــل توتي ننـــگي،

يار يتيــــمن يـــنـــگي ڪـــنـــدو مـــاڙ مـــحــــشر ۾.

¡

مرڪي محبوبي موهي ماري چاهه سان چوري چپ،

هيـــنڊل ميـــنڊل اڌ گـــر آهـــون ســـو وري پيا سڀ،

بلـــبل ڪـــوئل ٻـــول نه ٻـــولي مـــار ۾ ئـــــي مپ،

چـــر پر چـــاهت چـــور چنــبيلي، کوڙ اچي ويــا کپ،

ڪونج ڪبوتر طوطن تاڙيو، لالڻ ڏي ڪا لـــــپ،

باز اچي ويا ڀڙڪن ۾، هت جهوتيون مارن جــهپ،

مـور، مـــٺو ۽ چيـــنچل چـــانگو. ٺـــارن پنهـــنجا ٺپ،

شـــير ببـــر ڀــي شـور ڇڏي ويا، ڇرڪيو پائپ ڇپ،

اچـــي پين”اصغر“ چـــوي، ڪـــور انـــدر ۾ ڪـــپ،

ڍولــــڻ اڳـــيان ڊيپــــيا ڦٿـــڪـــن کــوڙ فـــــراق ۾.

ابـــرو عــــين عـــجيب جام ڇا ڪهڙي بات بيان،

ڇـــوٽ لڳي ويا ڇاتيءَ ۾ ڪجلا ڪان ڪمان،

لبـــــڙا مـــــاهـــي لال گـــلابي موهيـــو لات لســـان،

مرڪ محبوبي مس مروڙي چمڪيا هت چوڳان،

بـــلبـــل ڪـــوئل ٻــــول نه ٻولي مور مٺو مسطان،

شــــير ڇپـــي ويا دهشـــت وارا ديوءِ دشـــر دگـــران،

هيـــنڊل ميـــنڊل اڌ گـــر آهـــو حــيرت ۾ حيوان،

حسن حيبن مـــٽ مـــثالي نـــاهي جـــڳ جــــــهان،

لک جهڪي ويا ”لاکو“ چوي آ محبن مــــــــٿي مان،

ســـرور هــــو سلـــطان ڪـــندو مــــــــاڙ مـــــحشر ۾.

¡

ڪاڪل ڪارا ڪيس ڪلهن تي ونگ وسيهر وارا،

لبـــڙا مـــاهي لال گـــلابي چاسيـــنگز چـــمــــڪار،

چــوڙيل ڇــلڙا ڀونئـــر ڀرون ۽ وهـــوا نـــيڻ خـــمـــار،

شيــر ڇپي ويا بلبـــل ڪـــوئل ڊوئل اڳـــيان ڪـــئي ڊار،

ادگــــر آهو چـــور چنيبيـــل هيڊنل مـــينڊل هـــار،

چـــينــچل چانگو چاهه چريو ڪيو مرگهه اتي ڪن مار،

اليهر تليـــهر ڊمـــر کپر ٻـــوگهي پيـــڻ ڪـــمـــڀار،

نيـــلا ٻيـــلا پـــکڙ ٻــــــد ۾ واڇـــر ۽ ڪـــلـــمـــار،

لک لکان مان ”لاکو“ چئي ڇا ڪري شاعر شمار،

پڙهـــيو حــمد هزار ٻيـــا قـــدم چمـن ڪريم جا.

¤

نيـــڻ نـــــشيـــلا نازڪ نـــرمـــل وارن دل آوٽــــــــي،

اد گـــريو آهـــو پـــيش پـــرينءَ جي هينڊل آيا هٽي.

ڌوڙ پـــريان جــي پيــرن جــي چاهه مان چنچل چٽي،

جوت ڏٺي جنهن جانب تنهن ساهه جي بازي سٽي.

عــين عجيبن اهڙا آهن ڪاضن جي دل ڪـٽي،

لـــک ڀــرن پيا ”لاکو“ چوي ماهي وٽ ڪـــا مٽي.

آئون لکان ڇا ”اصغر“ اهڙي پڙهيـــل ناهــــيان پــــٽي،

ســـڪ برابر ســــاهه ستــــايو گـــوهر ناهـــي گهٽي.

دليون هت دلبرن جون جام ڪري پيون جهٽي،

کــــوڙ هــــتان ويا کــــٽي اونهــــو رنگ اســـرار جو.

¡

واقعي ڪربلا جا بيت

حسن مـير حــسين لاءِ راڄ ڪـــيون ريـــهـــون،

ماڻهو ملڪ جن بشر ڪن ڪبوتر ڪيهون،

پــڦـــڙن ۾ فـــراق جا چهـــڪ پيـــن چـــيهـــون،

پــکين پچــارون پاڻ ۾ ڪــن ولر ڪيو ويهون،

اٿـــن ادما انــدر مـان پيـــون پهـــڻن مان پيـــهون،

گـــڏيا غـــــم حسيــن ۾ ڇــڄي ٿيـــا چــيهـــون،

لاڙيو لڙڪ ”لاکو“ چوي گـــڏجو ڪن گـيهون،

پرنــدا ڪرن پـــٽ تي ڇا بلبـــل ڪن ٻيـــهون،

جگر جيـــرا بڪـــيون هت ڦاٽــي تيـــن ڦــيهون،

لحم ڪيون ليهــون منـــظر ڏسي ميـــدان جـــو.

cd

ڏسـو ڪــربلا جو مــنظر حسين سان،

ڪيو قهر ڪوفين دلبر حسين سان،

قاسم عباس هو اڪبر حسين سان،

پاڻي لاءِ هت پياسو اصغر حسين سان،

هئا پاڪ پڙ ۾ گڏ سرور حسين سان،

هو بيـــمار عـــابد منور حســـين سان،

هـــو خـــدا هت پــــرور حســـــين سان،

اتــي خاص امتــحان انور حســين سان،

تيرن مٿان تيرن وسـڪر حسين سان،

اڳـي کوڙ آيا ”اصــغر“ هـــن ڌرتي مـٿان،

مگر ٻيو نه ٿيو و همسر حسين ســان.

cd

ڏسي شهادت شير جي ڪيو ملڪن هو ماتـــــــم،

شــــرم نه پيو شــــمر کي هو بـــــڇڙو ٿيو بـــــدنـــــام،

ڪني ڪوندر ڪربلا ۾ ڪهي ڪيو قتـــلام،

شهـــــيدن شڪر جــــو اتي جنـــــــت پيـــتو جــــام،

هو صابر رهيـــــو صبـر ۾، مقــــــــفي هـــئي مــــــام،

ڪيـــو غــــم گــوهر جــــو اتي اٺن گهـــــوڙن عام،

ســر نيزي تي نروار هو پڙهيو رب جو پاڪ ڪلام،

ٻڌي خبر بهڳڻ جي منهنــــجي اکيــــــن ڇـڏيو آرام،

لاڙيـــــو لـــــــڙڪ ”لاکو“ چــــــــوي صبح توڙي شام،

ته ٿيندي ماڙ مڙن تـي محــــشر ڏينـــــــهن مــــقـــــام،

وٺو دلــــــبر واري دام تــــــي ٿــــئي راز رســـــــول جو،

ڇا ٻـــــڌايان مومـــــــــــنو هـــمت حـــــــسين جـــــي،

دشـــمـــن مـــٿان بـــه ٿـــــي شفـــقت حســـين جـــي،

ڌرتـــــي مـــٿـي رهـــي ٿي بـــرڪـــت حســـين جـــي،

الله ســــاڻ ڪيـــڏي ٿـــي حـــجـــت حســـين جـــي،

نانـــي نبـــيءَ ســـان ڏس تــون نــوڙت حســين جـــي،

سر نيـــزي مـــٿان قـــرآن رحـــمت حســـــين جــــــي،

ســـڏايان ٿـــو مان ڀـــي هـــتي خادم حـــسين جــــو،

ته مــون لاءِ ڪري مـــون کـــي زيارت حســين جي.

جـــن شان نه سڃاتو شاهه جـو ان اکـــــين کــي آ انڌ،

انهـــن جو ”اصـــغر“ چـــوي پــــورو نه پونــــدو پـــنـــڌ،

جن شاهه برابر شان ڪيو سائو نه تــــن جـــو ســـنڌ،

پيتو پيا ڪن پڙ ۾ اتــــي محــــــــــب وارو مـــــــــنڌ،

ڪوفين ڪٽيو ڪنڌ حضرت شاهه حسين جو،

انـــڌا هـــــئا اصـــــل کـــــان جو نه ســـــڃاتئو شـــاهه،

نه ڄاتو حـــق امام جـو هوڳانــــــدو ٿــــيا گـــــمراهه،

لالــچ تـــــن جا ”لاکو“ چـــــــوي لوڙهي ڇڏيــــــا لاهه،

جو ڪيون ڪيس ڪربلا ۾ ڏهين محرم ماهه،

ڪـــــٿي منــهن مــلير جو ڪـــٿي سندن ڪاهه،

ڄاڻـــي واڻي چـــــــٽن اوتي ويـــــهه ڪــــيائون واهـه،

انـڌن جا ارواح ٿــيندا پـــــــڌرا ڏينــــــهن قيـــام جي.

cd

حــــــسن مير حسين سان نينهن جنــــين لاتــڱــــو،

انهن اونــــــــهي راز کــي ڄـــــــــــــڱاڻو ٿي ڄـــاتـــــو،

پائي پـــاند ڳـــڱچيءَ ۾ هـو پيــــــــچ پـڪو پـــــاتو،

ڦٽجن ڦٿڪـــڻ فراق ۾ ٻيـــڱو ٻول نه ڪـن ٻــاتو،

انــــــدر تن آو آ انهـــــــــن جــــــــو”اصـــــغر“ چــــوي.

حسـن مير حسيــن جـي ڄـــــــــاڻ نه جــــن ڄــاتي،

مـــــان ٿو سمجهان منهـــن ۾ آ ڌوڙ تنهيـــن پـــاتي،

ڪـڱـيئون قهر ڪــربلا ۾ ڇنـــين نـــه ڇــــاتـــي،

انڌا اهي اصل کــــان هــــو ڀلــــيـــل هــــئا ڀاتـــــــي،

جن شان سڃاتو شاهه جو تن ذڪر ڪيو ذاتــــي،

امامن سان”اصغر“ چوي لنئون جنــــئيـــــن لاتــــــي،

انهــــــــن جي دل آتــــي اٺـــــــهي پـــهر اداســـــــي ۾.

cd

آجيان جا بيت

ڀلي آيا ڀلا پرين وڏو ڪري ٿورو،
قاضــي احمـــد کان ڪـــشمور ڏسان مـــحبن لاءِ پيو مـــورو،

عجيبن جي اچڻ سان هي دل تان لٿو دورو،
پڄي ويا سي پڪ سان هو جن لاءِ هينئڙي هورو،
آنءُ به تن جو گهورو آهيان عمر سڄي”اصغر“ چوي،

c¡¡d

عمر سڄي”اصغر“ چوي مون ساريا پنهنجا ساٿي،

اچن اهي هر گــهڙي پر وڃـــن ڪـــين جدا ٿي،

گفتا جن جا گلن جهڙا تن جا ٻول ٻڌا ٿئي،

ڳڻن ڀريون ڳالهيون ڳولي ڪٺي يا ڪندا ٿئي،

سبق وٺ تون سياڻن کان موڳو تون نه ادا ٿئي،

مالڪ منهنجي سدا ٿئي ته لڙي اچن لاکي ڏي،

c¡¡d

لــــڙي اچــن لاکـــي ڏي ۽ گـــوڏو ويـــهــــن گـــڏي،

آجيان ڪيان انهن جي سڀ ويهـــاريــــان ســـڏي،

ڪوڙ ۽ ڪينو ڪاوڙ قلفت ڇني اچــن ڇـــڏي،

ڏور ڳجهارت ڏاهپ سان ڪري واڪا ڏين وڏي،

اهي تونگر منهنجي تڏي عــجيب آيا”اصـــغر“ چوي،

آيـــا”اصــــغر“ چـــوي مــــانجـــهي مـــنهنـــجا مـــور،

ڪوڙ ۽ ڪينو ڪاوڙ قلفت ڀڃي ڪـيان ڀور،

ويهاريان ســـــڀ وجـــود ۾ جــــــــو ڏاها ڏيــن ڏور،

گلن جهڙا گفتا تـن جي تونـــــــگر ڪــــــــندا تور،

هيئــــــــنڙي لٿي هــــــور جو لـــــــڙي آيـا لاکي ڏي.

c¡¡d

لڙي آيـــا لاکي ڏي اڄ وڏو قــــــــرب ڪـري،

ڏيان جاءِ جــيءَ ۾ ڀاڪر وجــــهان ڀـــــــري،

ڏسيو تن ڏاهــن کــــــي پئي منهنجي دل ٺري،

ٿو ماندو من مري ته اڃان ويهن”اصغر“ چوي،

c¡¡d

اڃان ويهن”اصــــــــغر“ چـوي ڀــــلا ڪـــري ڀـال،

سڀئي هجن منهنجي سامهون سڪ نه لهي سال،

هٿ ٻڌي ڏيان حاضريون جـهڙو منهـــنجو حــال،

سليان ويهي سور سڀ ڪـــــو انـــــدر جو احوال،

چڱي رکي چال اڄ لائـــــق ڪــــــيئون لاکي تي.

c

پهاڪو ۽ عام چوڻيون

ڀــــــــــــلي مـــان ڪـــڏهن بــــــــرائي نه ٿيندي،

دشـــــمن مـان ڪڏهن ڀـــلائي نه ٿــــينـــــدي،

چــــغل چـــــــور مــان ڀي چـــــــــڱائي نه ٿيندي،

ڪــــــــوڙي مان ڪڏهن به سچائي نه ٿيندي،

اشـراف مـــــــان وري لـــــــچائي نـــــــه ٿـــــيندي،

شــــرارت انهيءَ کان مـــچائي نــــــــه ٿــــــــيندي،

ڏٻــــــــــري ۽ هــــــيڻي مان اوچــــــائي نه ٿيندي،

ٻٽـاڪي کان سنـــــگت رهــــــائي نه ٿيـــــندي،

اســـــان مـــــان به”اصغر“ ڪـــــچائي نه ٿيندي،

ڪـــــوڙي راند به ٻٽــــڻي رچـــــائي نه ٿيـندي،

ڀـــــڳل دل جا واپــــــس وارائــــــي نه ٿينـــدي،

ڇــــڏي در ٻيـــــن جا مگر وٺ هڪ خدا جو،

خــــــــــدا جو قــــــسم آ ٻي خـدائي نه ٿيندي.

¡

هــٿ نه لائـــجي ســـــــــرم نانــــــــگ نه پوري ورم،

ڌاريــو نه ٺهي گهــــــر ۾ ســــــــون نه لـــــــــڳي درم،

چــانـــــدي نه پــــــوي چــــــــــر ۾ رات نه پوي ٿر ۾،

هـــــــــٿ نه هڻجي ڏر ۾ هل نه ڪنهن سان بر ۾،

متان پوين ڪنهن چڪر ۾ ڀلي هجي هر خبر ۾،

نـــــــــــه پاڻيءَ پــــــــوءُ ڇر ۾ نه ته پوندي وڃي تر ۾،

ڪير نه ڪندئي ڪر ۾ ساري سنڀاري ويهجهان ولر ۾،

پوءِ تو کان ڪير به ڪسر ۾ لئي نه ڪندو ”لاکو“ چئي.

ڳــــــجهه مان ڪونج نه ٿئي بدڪ مان باز نه ٿــــــــئي،

ڪانءُ مان ڪبوتر نه ٿئي شڪري مان هــنج نه ٿئي

ڪـــٻر مان طوطو نه ٿئي هيڙي مان همـاءُ نه ٿئي

سانوءَ مان سانڀائو نه ٿئي چٻ مان چڪور نه ٿئي

ٻگهه مان مور نه ٿئي ڦوسڙي مان بلبـــــل نه ٿــــئي

جهرڪي مان نيرگ نه ٿئي ڳيري مان تتر نه ٿئي

چانهه مان ڪوئل نه ٿئي ٽٽيهر مان پيـــڻ نه ٿــئي

ڪڪڙ مان ڪانءُ نه ٿئي نانگ مان ناڙو نه ٿئي

ٻڪر مان ڏاند نه ٿئي گڏهن مان گهوڙو نـــه ٿــــئي

کپر مان کڻ نه ٿئي گڊري مان اسيل نه ٿـــــئي

گدڙ مان شير نه ٿئي سانڊي مان سيڙهه نه ٿئي

ڀولڙي مان هاٿي نه ٿئي لوڪڙ مان بگــهڙ نه ٿــــــئي

”اصغر“ ملوڪ نه ٿئي ڪانهه مان ڪمند نه ٿئي

الله جـــــــهڙو ٻيـــــــــــــــــــو صــــــــــمد نه ٿــــــــــــــئي.

¡

گوريءَ جو سينگار

جڏهن گوري گهڻا ڪري سرس وڏا سينگار،

پائي پوشاڪون پٽ جون چوکا چــندن هار،

بکمل ويس بدن تي ٻيـــــا واســـــينگن وڌ وار،

کڻيو نيڻ کمار مان پئي ڪري شوق شڪار،

ڍريو پون ڍڳ ٿـــــيو اتي عـــــــاشق لــک هزار،

ايڏو بانور حسن تي ڪــيو ڏاڊي ڏي ڏيــــکار،

وريو اچن واٽ تان هـــــت وڏا ڪي وينـجهار،

پر مٽ نه ڀايان مور هـــون مــــحب مٺي منٺار،

اڳيان بيهن”اصغر“ چوي ڪامل وٽ قــــطار،

گوهر جي غفتار هــــــڙن کي حـــــيران ڪيو.

¤

سورنـــــهن ڪــري سينـــــــگار ٿي وڏا ڪـــري وس،

کڻي پـــــوشاڪون پڌمڙي اتي هــــــيرا پــــائي هــــس،

اطر مــــــشڪ انمبير سان هو ڏهه ڏهه ڪري ڏس،

دليون هــــــت دانائن جون کوڙ ڪري پئـــي کـــــس،

هڪ نه مــــــاري ملوڪـڙي ٿــــي دودا مـــاري دس،

اتي شهر ابــــــاڻي ۾ اچـــي راڻـــــــي ڪــــــــيس رس،

پوءِ کوڙ ورتائين پئي، خابن ۾ چندن واري چــــــــس،

ڪڍي ڪس ڪلب مان هت گوهر لاتس گس،

اهڙا ڀاڳ”اصغر“ چوي مـــــرڳو کلــــــــيس مـــــــــس،

اٿي لاڙئون لس پڙهيــــئن ڪـــــلمو پاڻ ڪريم تي.

¤

گــــــــــــوريءَ اتي گـــــــــهڻــا پئي هـــــــلايا حيلا،

مـــــسيون مــــــــساڳ اطــر ۽ ڪجل ڪهريلا،

ڇوڙيو وار ڪلهن تي لائـي مشڪل مــــوهيلا،

ڪنگا ڏيو ڪارن کي ڪـــري نکــــــرا نهريلا،

پر تاب نه جهلي تڪڙو ڇڏي ڇرڪ ڇــهــريلا،

جاڙا ڀــرون جانـــــب جا ٻيــــــا پنڀـــــڻ پــــهــريلا،

نـــــــوڙيـــــو پــــون نانــگ اتي کـــــڻ به کــــهـريلا،

پدم چـميون پيـــــرن تي پيا نمــــــن نـــــــــهريلا،

کـــــپر سڀئي کــــــپي ويا ڇـــــــڏي ضد به زهريلا،

شينهن به بيـٺا شرمائيـــــن ڏهه ڏهــــــه ڏهــــريلا،

هڪ گهور سان گهريلا لک ڪــــــرن پـــيا لاکو چوي

*